تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فلسطين ۽ سامراج

فلسطين جي سوال ۽ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ سامراجي ناٽڪ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي اوسر ڪيئن ٿي آھي، تحريڪ جا مسئلا ڪھڙا آھن، موقعي پرست ڌريون ڪيئن حرامپايون ڪري سامراج ڏور تي پتلين وارو ناچ پيش ڪن ٿيون، تنھن بابت سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو پھريون اصلوڪو ڪتاب آھي. فلسطيني ويڙھاند ۾ جنبيل ڌرين جي اندروني ٽڪرائن کي چِٽو ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book فلسطين ۽ سامراج

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب، نقاد، مترجم ۽ سماجي معاشي تجزيي نگار رئوف نظاماڻيءَ جو لکيل ڪتاب ”فلسطين ۽ سامراج“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
فلسطين جي سوال ۽ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ سامراجي ناٽڪ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي اوسر ڪيئن ٿي آھي، تحريڪ جا مسئلا ڪھڙا آھن، موقعي پرست ڌريون ڪيئن حرامپايون ڪري سامراج ڏور تي پتلين وارو ناچ پيش ڪن ٿيون، تنھن بابت سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو پھريون اصلوڪو ڪتاب آھي. فلسطيني ويڙھاند ۾ جنبيل ڌرين جي اندروني ٽڪرائن کي چِٽو ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ جياپو پبليڪيشن، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، سنڌ سلامت پاران ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون رئوف نظاماڻي جا جنھن ڪتاب جي واحد ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي