سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب، ڪھاڻيڪار ۽ ايڊيٽر طارق اشرف جي ڪھاڻين جو مجموعو ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هيءُ ڪتاب طارق اشرف جي سمورين ڪھاڻين جو گڏيل مجموعو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ، سندس وفات کان پوءِ سھيڙي 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن مجموعي ۾ (1) سونهن، پٿر ۽ پيار“ (2) “زندگيءَ جو تنها مسافر“، ۽ (3) ”درد جا ڏينهن، درد جون راتيون“ جي 36 ڪهاڻين کان سواءِ طارق اشرف جون 6 اڻ ڇپيل ڪھاڻيون بہ شامل آهن، هن ڪتاب ۾ سندس 42 ڪھاڻيون موجود آهن .
ھن ڪتاب جو پھريون مجموعو 1992ع ۾ ٻيو ڇاپو 1999ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي