سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار تاجل بيوس جو ڪتاب ”سج چنڊ تارا ڪتيون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جيڪو سنڌ ۽ ھند جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي جيون خاڪن تي ٻڌل آھي.
ھن ڪتاب ۾ تاجل بيوس، سنڌ ۽ ھند جي نامياري ڏاھن، تاريخدانن، شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ راڳين بابت پنھنجا ويچار ونڊيا آھن، جن ۾ سائين جي ايم سيد، سامي، شيخ اياز، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ تنوير عباسي، دادا آر جي آڏواڻي، ھري موٽواڻي، گوبند مالھي، موھن ڪلپنا، ٺاڪر چاولا، پارو چاولا، ڍول فقير، جيجي زرينہ بلوچ، علڻ فقير ۽ سرمد سنڌي شامل آھن.
ھي ڪتاب 2004ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي