لطيفيات

شاھہ لطيف جي موسيقي

شاهہ عبداللطيف ڀٽائي نہ رڳو هڪ آفاقي شاعر ۽ فلسفي هو، پر هو راڳ جو ڄاڻو ۽ ڪجهہ راڳن جو مؤجد پڻ هو. هُن تنبورو (ساز) پڻ جوڙيو. شاھہ صاحب جي موسيقيءَ جو هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ آهي.  ان موضوع تي مشتمل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر در شھوار سيد ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ذوالفقار راشدي، الياس عشقي، شيخ عزيز، منظور نقوي، الھہ بخش عقيلي، ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا تحقيقي مقالا شامل آهن.

Title Cover of book شاھہ لطيف جي موسيقي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر درشھوار سيد جو مرتب ڪيل تحقيقي ڪتاب ”شاھہ لطيف جي موسيقي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي نہ رڳو هڪ آفاقي شاعر ۽ فلسفي هو، پر هو راڳ جو ڄاڻو ۽ ڪجهہ راڳن جو مؤجد پڻ هو. هُن تنبورو (ساز) پڻ جوڙيو. شاھہ صاحب جي موسيقيءَ جو هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ آهي.  ان موضوع تي مشتمل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر در شھوار سيد ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ذوالفقار راشدي، الياس عشقي، شيخ عزيز، منظور نقوي، الھہ بخش عقيلي، ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا تحقيقي مقالا شامل آهن.
ھي ڪتاب 1992ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي