سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري تاريخدان ۽ زرعي ماھر ايم ايڇ پنھور جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”پيرائتي سنڌ ڪَٿا“ اوھان اڳيان پيش آھي جنھن جو سنڌيڪار عمر سومرو آھي.
ھن ڪتاب ۾ ڌرتي جُڙڻ کان 1539ع تائين سنڌ سان لاڳاپيل تاريخي واقعا سن وار بيان ڪيل آھن. ڪتاب ۾ 46 تاريخي نقشا پڻ ڏنل آھي، جيڪي دستاويزي حيثيت رکن ٿا. ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنھن ۾ سنڌ پنھنجي سموري تاريخ ۽ ان جي سمورن پھلوئن سميت موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌ جي تاريخ بابت هيءُ باترتيب ۽ پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ اھم ڪتاب اسان کي عمر سومري جي معرفت مليو آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اهم ميراث جي برابر آهي.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ عمر سومرو اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي. ٿورائتا آھيون عمر سومرو صاحب جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي