شاعري

پياس دل جي

”پياس دل جي“ ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ امداد حسيني لکي ٿو:”ھڪ شاعر لاءِ پنھنجي جَڙ سان جُڙڻ ضروري آھي. سنڌي شاعريءَ جي سُريلي پرمپرا Lyrical Tradition لوڪ ڪلاسيڪل يُگ سان جُڙڻ جي پرمپرا آھي. روشن گولاڻيءَ جي شاعريءَ ۾ اھڙو اُتساھہ اسان کي ملي ٿو.“

Title Cover of book پياس دل جي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جي غزلن جو مجموعو ”پياس دل جي“ اوھان اڳيان پيش آھي. مھاڳ ۾ امداد حسيني لکي ٿو:
”ھڪ شاعر لاءِ پنھنجي جَڙ سان جُڙڻ ضروري آھي. سنڌي شاعريءَ جي سُريلي پرمپرا Lyrical Tradition لوڪ ڪلاسيڪل يُگ سان جُڙڻ جي پرمپرا آھي. روشن گولاڻيءَ جي شاعريءَ ۾ اھڙو اُتساھہ اسان کي ملي ٿو.“ 
ھي ڪتاب 2020ع ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ پاران مھالڪشمي پرنٽرز، احمدآباد ھندستان مان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا  جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي