تاريخ، فلسفو ۽ سياست

وطن پرستي

ھن ڪتاب ۾ آريسر صاحب وطن پرستي ۽ وطن پرستيءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌ وطن تان سر گهوريندڙن نوجوانن جي قربانين، ۽ ان الزام جو جائزو ۽ جواب پيش ڪيو آھي، اھو سوال آريسر صاحب کان 1984ع ۾ ھڪ ڪچھريءَ ۾ پڇيو ويو ھو تہ ڇا جيئي سنڌ تحريڪ سنڌي ماڻھن کي اڪيلو ڪري مارائڻ چاھي ٿي؟ ان سوال جي جواب ۾ آريسر صاحب ڏيڍ ڪلاڪ جي جواب ۾ ھر نفسياتي حربي کي فيل ڪيو آھي ۽ ھر سياسي مونجهاري کي سلجهايو آھي. ھي جواب ڪيسيٽ تان اتاري جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book وطن پرستي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ قومپرست سياستدان  عبدالواحد آريسر جو لکيل ڪتاب ”وطن پرستي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ آريسر صاحب وطن پرستي ۽ وطن پرستيءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌ وطن تان سر گهوريندڙن نوجوانن جي قربانين، ۽ ان الزام جو جائزو ۽ جواب پيش ڪيو آھي، اھو سوال آريسر صاحب کان 1984ع ۾ ھڪ ڪچھريءَ ۾ پڇيو ويو ھو تہ ڇا جيئي سنڌ تحريڪ سنڌي ماڻھن کي اڪيلو ڪري مارائڻ چاھي ٿي؟ ان سوال جي جواب ۾ آريسر صاحب ڏيڍ ڪلاڪ جي جواب ۾ ھر نفسياتي حربي کي فيل ڪيو آھي ۽ ھر سياسي مونجهاري کي سلجهايو آھي. ھي جواب ڪيسيٽ تان اتاري جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1987ع ۾ ٻارڻ پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي