سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست اڳواڻ، ليکڪ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ”قومي تحريڪ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌي ادب ۽ قومي سياست ۾ عبدالواحد آريسر جو نالو هڪ منفرد سڃاڻپ جو حامل آهي. مسڪين ۽ سٻاجهو ٿري ماڻهو، جنهن وٽ آدرشن، امنگن ۽ جدوجهد جي طويل ڪهاڻيءَ کانسواءِ ٻي ڪا به مايا ڪونهي. آريسر صاحب جي ھن ڪتاب ۾ قومي تحريڪ جي پھرين ۽ بنياڊي حصن بابت ڄاڻ شامل آھي.