تقريرون
عبدالواحد آريسر جي مختلف موقعن تي ڪيل تقريرن يا تقريرن مان ورتل ٽُڪرن جو مجموعو ”تقريرون“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عبدالواحد آريسر جون تقريرون ايتريون تہ پراثر هونديون هيون جو ٻڌندڙ پاڻ مرادو خاموش ٿي سندس دانشمندانہ ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا. ڊاڪٽر صفدر سرڪي ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ ”جڏهن پھريون ڀيرو عبدالواحد آريسر کي تقرير ڪندي ٻڌي رهيو هوس تہ مھنجا وار ڪانڊارجي ويا هئا.“