سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر جي مختلف نوٽ بڪز جي ٽُڪرن ۽ ٽارچر سيل جي ڪٿائن ۽ تجربن تي ٻڌل ڪتاب ”اسان جيئن جيئي ڪو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
عبدالواحد آريسر جي فڪري بلندي ۽ سياسي سوچ ۽ سحر خطابت جا، سنڌ جا ساڃاھہ وند نوجوان، توڙي عالم ۽ اديب معترف رھيا آھن. سندس ٽارچر سيل جو ھيءُ داستان، ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت ۽ حالت ۾ لکايل آھي، جڏھن ھو موت جي چنبي مان ”عشق ايمان“ بچائي، پنھنجي ڏيھہ واسين وٽ ڪمزور جسم ۽ منتشر ذھن سان جيئرو واپس پھتو.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ ڀٽائي ڪميونيڪيشنز، ٽنڊو ڄام پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي