لطيفيات

وريا واھرو

عبدالواحد آريسر جو لطيفيات جي موضوع تي لکيل منفرد ڪتاب ”وريا واھرو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن  ۾ شاھہ لطيف جي فڪر کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ لطيف تي هڪ نئين رخ کان نظر وڌي وئي آهي۔ آريسر صاحب لکي ٿو: ”مون لطيف کي، پنهنجي گھٽ علم ۽ عقل آهر ائين سمجھيو آهي ۽ انهيءَ پروڙ جي روشني ۾، آئون ڀٽ ڌڻي ڪن بيتن ۽ بيتن جي سِٽن جي سمجھاڻي لکي رهيو آهيان. ظاهر ڳالهه آهي ته اِهو منهنجو نقطئه نظر آهي ۽ انهيءَ نقطئه نظر موجب مون هي رنڊا روڙيا آهن.“

  • 0/5.0
  • 11
  • 2
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book وريا واھرو
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ قومپرست سياستدان  عبدالواحد آريسر جو لطيفيات جي موضوع تي لکيل منفرد ڪتاب ”وريا واھرو“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن  ۾ شاھہ لطيف جي فڪر کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ لطيف تي هڪ نئين رخ کان نظر وڌي وئي آهي۔ آريسر صاحٻ لکي ٿو:
آئون لطيف کي محبِ وطن عوام دوست، انقلابي، آزاد سنڌ جو علمبردار، امن جو پيغمبر ۽ هيٺين طبقي جو حامي سمجھان ٿو هن کي نه صرف پنهنجي سرزمين سان محبت هئي، پر عوام سان به عشق هو. هو هر قسم جي غلاميءَ جو دشمن، آزاديءَ جو ڪوڏيو ۽ جنگ جو ويري هو. هو پنهنجي تاريخي شعور جي روشنيءَ ۾ هن نتيجي تي پهتو هو ته آزادي، هر انسان جو پيدائشي حق آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ سموري انسان ذات کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. امن هن ڪائنات جي فرد جي ضرورت آهي. امن جي ذريعي ئي تهذيب جي اوسر ٿئي ٿي، تمدن وڌي ٿو، فڪر ۽ فن نسري ۽ نِکري نروار ٿين ٿا. جنهن انسان، فرد، قوم ۽ فنڪار کي پنهنجي سرزمين ــــــــــــــ ان جي عوام جي آزادي ۽ خوشحاليءَ سان محبت ناهي، سو خود غرض ۽ مطلبي آهي ــــــــ ۽ اِها وصف حيوانيت جي به هيٺئين درجي جي آهي.

مون لطيف کي، پنهنجي گھٽ علم ۽ عقل آهر ائين سمجھيو آهي ۽ انهيءَ پروڙ جي روشني ۾، آئون ڀٽ ڌڻي ڪن بيتن ۽ بيتن جي سِٽن جي سمجھاڻي لکي رهيو آهيان. ظاهر ڳالهه آهي ته اِهو منهنجو نقطئه نظر آهي ۽ انهيءَ نقطئه نظر موجب مون هي رنڊا روڙيا آهن.“


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌ سلامت پاران

2m 10s


ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف عبدالواحد آريسر
  • ڇپيو ويو 1981
  • ڇپائيندڙ پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 2 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون