سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران دنيا جي مڃيل سياستدان نيلسن منڊيلا جي جدوجھد تي مشتمل سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي ڪھاڻي“ اوھان اڳيان پيش آھي جنھن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آھي.
ڏکڻ آفريڪا جي گوري اقليت جي نسل پرست حڪومت خلاف، جيڪا رنگ ۽ نسل جي بنياد تي قائم ھئي، اتان جي مقامي ڪارن رھاڪن جي جدوجھد، تاريخ جو ھڪ اھڙو بابت آھي، جيڪا ھن دنيا ۾ جيسين انسان جيئرو رھندو، وڏي عزت ۽ احترام سان ڏٺي ويندي. جتي ھزارين ماڻھو قتلام ٿيا، ڪي ڦاسين تي چڙھيا اتي نيلسن منڊيلا جھڙي سياستدان 27 سال جيل ۾ رھندي بہ تحريڪ کي ماٺو ٿيڻ نہ ڏنو ۽ ڪڏھن بہ نہ جهڪيو، ۽ نيٺ ڪاري رات ختم ٿي ۽ کيس آزاد ڪيو ويو ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪاري رنگ وارن آزادي حاصل ڪئي. نيلسن منڊيلا کي ڏکڻ آفريڪا جو صدر چونڊيو ويو ۽ ھن تاريخي فيصلا ڪيا. ھي ڪتاب ان عظيم انسان جي آتم ڪٿا آھي، جيڪا انگريزيءَ ۾ Long Walk to freedom جي نالي سان شايع ٿي ھئي.
ھي ڪتاب 1999ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي