لطيفيات

شاھہ جو رسالو (جلد پھريون) ٻانھون خان شيخ

ھن رسالي ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو گهڻي ۾ گهڻو نج ڪلام مفصل لفظي معنيَ سان ڏنل آھي. ڀٽ شاھہ جي ويٺل ٻانھي خان شيخ ڪيترن ئي سالن کان نور نچوڙي ڪيترن ئي قلمي نسخن ۽ مختلف ڇپيل رسالن کي ڀيٽي ھي نسخو مرتب ڪيو آھي. پھرين جُلد ۾ سُر ڪلياڻ، سُر جمن، سُر کُنڀات، سُر سُر راڳ، سُر سامونڊي، سُر سھڻي، سُر سارنگ۽ سُر ڪيڏارو شامل آھي. 

Title Cover of book شاھہ جو رسالو (جلد پھريون) ٻانھون خان شيخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  نامياري محقق ۽ شاھہ جي پارکو ٻانھون خان شيخ جو مرتب ڪيل ”شاھہ جو رسالو“ جلد پھريون اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن رسالي ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو گهڻي ۾ گهڻو نج ڪلام مفصل لفظي معنيَ سان ڏنل آھي. ڀٽ شاھہ جي ويٺل ٻانھي خان شيخ ڪيترن ئي سالن کان نور نچوڙي ڪيترن ئي قلمي نسخن ۽ مختلف ڇپيل رسالن کي ڀيٽي ھي نسخو مرتب ڪيو آھي. پھرين جُلد ۾ سُر ڪلياڻ، سُر جمن، سُر کُنڀات، سُر سُر راڳ، سُر سامونڊي، سُر سھڻي، سُر سارنگ۽ سُر ڪيڏارو شامل آھي. 
ھن رسالي جو پھريون جُلد مئي 2000ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي