سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي تاريخي شھر ”موري“ بابت تحقيقي مقالن ۽ مضمونن تي ٻڌل ڪتاب ”مورو : تاريخ ۽ ثقافت“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ اسلم عباسي آھي.
موري شھر جي تاريخ کي سھيڙڻ لاءِ 21 مارچ 2010ع تي سٽيزن ڪلب مورو پاران ھڪ تاريخي ، علمي ۽ ادبي سيمينار ڪرايو ويو جنھن ۾ موري بابت تاريخي مقالا ۽ مضمون پيش ڪيا ويا، جيڪي اسلم عباسيءَ سھيڙي ۽ مرتب ڪري انھن کي ڪتابي صورت ۾ آندو. ڪتاب ۾ موري جي تاريخي شخصيتن، ماڳ مڪانن ۽ تاريخي واقعن بابت مواد شامل آھي.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌ رويو پبليڪيشن، ڪراچي ۽ سٽيزنس ڪلب مورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي