سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي تاريخي ضلعي ”نوشھروفيروز“ بابت تحقيقي مقالن ۽ مضمونن تي ٻڌل ڪتاب ”ضلعو نوشھروفيروز (تاريخ جي آئيني ۾)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ اسلم عباسي آھي.
ضلعي نوشھروفيروز جي تاريخ کي سھيڙڻ لاءِ ھڪ سيمينار ڪميٽي ٺھي جنھن مختلف محققن ۽ تاريخي جي ڄاڻو شخصيتن کان ضلعي نوشھروفيروز بابت تاريخي مقالا ۽ مضمون پيش ڪيا ويا، جيڪي اسلم عباسيءَ سھيڙي ۽ مرتب ڪري انھن کي ڪتابي صورت ۾ آندو. نوشھروفيروز 1989ع ۾ ضلعي حيثيت ماڻي ان کان اڳ ھي ساھتي پرڳڻي طور مشھور ھيو. ڪتاب ۾ نوشھروفيروز ضلعي جي تاريخي شخصيتن، شھرن، ماڳ مڪانن ۽ تاريخي واقعن بابت مواد شامل آھي.
ھي ڪتاب 2007ع ۾ نوشھروفيروز سيمينار ڪاميٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي