شاعري

ڪوتا ڦلواڙي

ھن مجموعي ۾ دنيا جي 19 ملڪن جي 112 شاعرن جي احساسن کي ڇُھي اسان تائين پھچايو ويو آھي جيڪي پنجن کنڊن ۾ ڦھليل ۽ 26 ٻولين مان ترجمو ڪيل آھن. ھن سڄي مجموعي ۾ خيال، تخليق جي چونڊ ۽ بيھڪ جي حساب سان پنھنجي معيار جو ڇُھاءُ مٿڀرو آھي. 

Title Cover of book ڪوتا ڦلواڙي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران دنيا جي مختلف ٻولين جي چونڊ شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ڪتاب ”ڪوتا ڦلواڙي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار ۽ مرتب ولي رام ولڀ آھي.
ھن مجموعي ۾ دنيا جي 19 ملڪن جي 112 شاعرن جي احساسن کي ڇُھي اسان تائين پھچايو ويو آھي جيڪي پنجن کنڊن ۾ ڦھليل ۽ 26 ٻولين مان ترجمو ڪيل آھن. ھن سڄي مجموعي ۾ خيال، تخليق جي چونڊ ۽ بيھڪ جي حساب سان پنھنجي معيار جو ڇُھاءُ مٿڀرو آھي. 
ھي ڪتاب 2006ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي