انتساب
هڪ پياري انسان ۽ سٺي اديب
ظفر حسن جي نالي
ظفر جي جدائيءَ جو ڏاڍو ڏک اٿم. هو نه ڪنهن جي گلا ڪندو هو نه اجائي خوشامد. ڪيڏو ته محنتي، ايماندار ۽ Humble هو. هر وقت منهنجي همت افزائي ڪيائين ۽ سٺيون صلاحون ڏنائين. سندس بابت وڌيڪ لکڻ بدران انگريزي اخبار Dawn ۾ شيخ عزيز جون ڏنل ڪجهه سٽون ڏيان ٿو.
ليکڪ، اديب، ڪهاڻيڪار، تنقيدنگار ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري سيد ظفر حسن جي اوچتي موت سبب، سنڌي ادب کي ٿوري عرصي ۾ ئي هڪ ٻيو وڏو صدمو رسيو آهي. آچر ڏينهن حيدرآباد ۾ ظفر حسن دل جي بيهڻ سبب 61 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
ظفر حسن تمام وڏو تنقيدنگار هو ۽ تنقيدنگاريءَ سان گڏ هن ڪيتريون ئي خوبصورت ڪهاڻيون به لکيون. پاڻ ٽماهي مهراڻ سميت ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
ظفر حسن پيشي جي لحاظ کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد هو. سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس تمام اهم ڪردار هو.
هو 14 آگسٽ 1937ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس خاندان ٻٽن پيڙهين کان تعليم جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي حوالي سان، سڄي سنڌ ۾ چڱي ناماچاري رکي ٿو. پاڻ شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. کيس ننڍي عمر ۾ ئي لکت جي ڏات ملي وئي هئي. هن لکڻ جي شروعات (اڻويهه سؤ پنجاهه) واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي، ان کان پوءِ هن سنڌي ادبي سنگت کي منظم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو، تڏهن هن جي سامهون وڏو مقصد سنگت جي پليٽ فارم تان جديد ادبي لاڙن جي ترويج ڪرڻ هو.
جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب جي فڪري جوهر ۾، ون يونٽ واري سياسي گهماگهميءَ سبب تبديلي اچڻ لڳي هئي، تڏهن ظفر حسن سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي ڪهاڻين، تنقيدي مضمونن ۽ مقالن ذريعي ڀرپور انداز ۾ پينٽ ڪيو. هو ان دور ۾ ئي ڪيترن اهڙن ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو، جن جو مقصد ڪتابن ۽ رسالن وغيره ڇپائڻ ذريعي سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ هو. اهڙي ڪم جي سلسلي ۾ سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ ٻن رسالن ”ڌرتي“ ۽ ”آرسي“ کي ڳڻائي سگهجي ٿو. ادب جي ترويج لاءِ هن 1970ع ۾ هڪڙي پرنٽنگ پريس به لڳائي، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي اديبن کي پنهنجي تخليقي مواد ڇپائڻ ۾ ڪافي مدد ملي.
هو هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ ترقي پسند تحريڪ سان آخري دم تائين لاڳاپيل رهيو ۽ هن جو سماجي حقيقت نگاريءَ ۾ پڪو ايمان هو.
هو شعوري طور تي ٺلهيءَ نعري بازيءَ کان پري رهيو. هو سچائيءَ، ايمانداريءَ، غير جانبدارائپ سان ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. هن جي سخت ۽ غير جانبدارانه تنقيد، ڪيترن ئي موقعن تي سندس هم عصرن کي پسند نه آئي، پر پوءِ به هو پنهنجي راءِ تان هرگز نه هٽيو ۽ پنهنجي لگن ۾ مگن رهيو. ايستائين جو جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ به هن پنهنجي اصولن تي سودي بازي نه ڪندي ”اهلِ قلم ڪانفرنس“ ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
هڪ استاد جي حيثيت ۾ به ظفر حسن يونيورسٽيءَ اندر پنهنجي شاگردن لاءِ بهترين استاد طور سڃاتو ويندو هو. هو آخري وقت ۾ به لکڻ، پڙهڻ ۾ مشغول هو.
(روزانه ڊان ڪراچيءَ جي ٿورن سان)
الطاف شيخ
15 مارچ 1998ع