ناول

ٽوڪيو جي گيشا گرل - مس سدا بهار چنبيلي

ڪتاب: ٽوڪيو جي گيشا گرل (مس سدا بهار چنبيلي) ليکڪ: جان بال، مترجم: الطاف شيخ، موضوع: ناول جپان ويندڙن ۽ جپان جي سماجي زندگي ۾ دلچسپي رکڻ وارن لاءِ هي ناول پڙهڻ تمام ضروري آهي جيئن هو سمجھي سگهن ته جپان ۾ مختلف شين جو مختلف قدر آهي. گيـشا گرل جنهن کي ڌاريان غلط رنگ ڏئي وئيشيا يا رنڊي سمجھن ...
  • 4.5/5.0
  • 1527
  • 818
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جان بال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٽوڪيو جي گيشا گرل - مس سدا بهار چنبيلي

مون طرفان

هي ناول، ٽوڪيو جي گيشا گرل (مس سدا بهار چنبيلي) ٻين پڙهندڙن کي ڪيئن لڳندو اهو نٿو چئي سگهان. پر مون کي خبر ناهي ڇو ايترو ته وڻيو جو دل چيو ته ان کي ترجمو ڪري سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو وڃي. ڪجهه وقت ترسي هڪ دفعو وري پڙهيومانس، پر ٻئي دفعي به ساڳيو دلچسپ لڳو ۽ ترجمي لاءِ پڪو پهه ڪيم.
ترجمي جي موڪل لاءِ ناول جي لکندڙ جان بال جي ائڊريس جي ڳولا ڪيم. خبر پيئي ته اڄڪلهه آمريڪا جي شهر ڪئليفورنيا ۾ رهي ٿو ۽ ڄم جي تاريخ جي حساب سان هن وقت جيئرو هوندو ته اَسي سالن کن جو ٿيندو. خط لکيم. ٻه مهينا ٿي ويا جواب نه آيو. اديب دوستن سان صلاح مشورو ڪيم. خاص ڪري تاج بلوچ، قمبر شهباز، هدايت منگي ۽ حسام سومري ترجمو ڪرڻلاءِ همت افزائي ڪئي. ايتريقدر جو تاج بلوچ ته چيو ته جي آئون نٿو ڪريان ته هو ڪندو. چيومانس ترجمو ڀلي ڪر پر سڄو ناول انگريزيءَ ۾ نه آهي، جيڪا جپانيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي سو جپانيءَ ۾ لکيل آهي. ڪرم الاهي چني چيو، ”يار ترجمو شروع ڪري ڇڏيو اجازت نامون پوءِ پيو ايندو. مون به سندري اُتم چنداڻيءَ جو ڪتاب ڇپائي جڏهن بس ڪيو ته اجازت وارو خط ان وقت پهتو. اديب لکڻ ۾ سست ٿيندا آهن.“
چيومانس اهو ته صحيح آهي پر جي آخري وقت خط ۾ اجازت نامي بدران منع نامون آيو ته پوءِ محنت ئي برباد.
بهرحال هتي (ملاڪا - ملائيشيا) پهچڻ سان نيٺ بسم الله ڪري ترجمو شروع ڪيم. اڃان هڪ چئپٽر به ترجمو مس ڪيو هوندم ته جان بال جو خط پاڪستان مان ڦرندو گرندو هتي اچي مليو. ترجمي جي موڪل ۽ ڪتاب جي ڇپائيءَ جو پڙهي خوشي ٿي ۽ ڏينهن رات ڪم ۾ جنبي ويس.
هي ناول اصل ۾ انگريزي ۽ جپانيءَ ۾ لکيل آهي. هڪ آمريڪن انجنيئر رچرڊ سيٽان (ڪوڏائڻ جو نالو ڊِڪ) جپان ۾ ڪنهن ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ اچي ٿو ۽ سندس عشق مس ڪانوماسايو نالي ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿو، پر اها ڇوڪري عام نه پر ٽوڪيو جي نمبر ون گيشا آهي. (سندس گيشائڪو نالو مس سدا بهار چنبيلي آهي.)
جنهن ڀرپور انداز سان جان بال مغربي مرد ۽ مشرقي عورت جي جذبات جي چٽسالي ڪئي آهي، سا داد جوڳي آهي. هن ناول ۾ جپان جي رهڻي ڪهڻيءَ جي پڻ ڄاڻ پوي ٿي.
جتي جتي آمريڪن انجنيئر جارج (ڊِڪ) صحيح يا غلط سلط جپاني ٿو ڳالهائي اتي سندس اهي دلچسپ جملا پڻ لکيا اٿم ۽ ڏنگين ۾ انهن جي معنيٰ پڻ. ساڳي وقت جتي جتي گيشا ڪانوماسايو (مس سدا بهار چنبيلي)، آفيس جي مترجم ڇوڪري ريڪو يا ٻيا جپاني ماڻهو ڪو دلچسپ جملو انگريزيءَ يا جپانيءَ ۾ چون ٿا ته اهو پڻ معنيٰ سان لکيو اٿم، جيئن جپاني ۽ انگريزيءَ کان اڻ واقف هن ناول مان صحيح معنيٰ ۾ مزو وٺي سگهن ۽ ناول نويس جان بال جي قابليت کي ساراهي سگهن.
پڙهندڙن جي راءِ ۽ تنقيد جو اوسيئڙو رهندو.
خلوص منجهان
الطاف شيخ
(ملاڪا - ملائيشيا)
1983ع