ڪھاڻيون

اٺين ڪٿا

موهن ڪلپنا سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن سهڻي سنڌي ٻولي کي شاهڪار ناول ۽ ڪھاڻيءَ جا ڪتاب ڏنا آھن.  جڏهن موهن ڪلپنا کي پڙهبو آهي تہ ان ۾ ڪردارن جي بيچيني ۽ رولاڪي ڏسي محسوس ڪبو آهي تہ اها سموري تخليقي اڻت موهن ڪلپنا جي روح جي آس پاس جي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو قبول ڪيو ويو آهي تہ تخليق ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح تخليڪار موجود هوندو آهي، ان ڪري سنڌ جا پڙهندڙ ائين محسوس ڪندا رهندا آهن تہ موهن جي لکڻيءَ ۾ جيڪا بہ ڪردارن جي چرپر آهي، ان جي پٺيان دراصل سندس ئي موجودگي آهي.

Title Cover of book اٺين ڪٿا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار موھن ڪلپنا جي ڪھاڻين جو مجموعو ”اٺين ڪٿا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
موهن ڪلپنا سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن سهڻي سنڌي ٻولي کي شاهڪار ناول ۽ ڪھاڻيءَ جا ڪتاب ڏنا آھن.  جڏهن موهن ڪلپنا کي پڙهبو آهي تہ ان ۾ ڪردارن جي بيچيني ۽ رولاڪي ڏسي محسوس ڪبو آهي تہ اها سموري تخليقي اڻت موهن ڪلپنا جي روح جي آس پاس جي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو قبول ڪيو ويو آهي تہ تخليق ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح تخليڪار موجود هوندو آهي، ان ڪري سنڌ جا پڙهندڙ ائين محسوس ڪندا رهندا آهن تہ موهن جي لکڻيءَ ۾ جيڪا بہ ڪردارن جي چرپر آهي، ان جي پٺيان دراصل سندس ئي موجودگي آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1989ع ۾ سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الھاسنگر، انڊيا پاران ڇپايو ويو. ٻيو ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1990ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي