لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ

هي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ بابت، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب آهي، جيڪو ڇھن بابن تي مشتمل آهي. باب پھريون: سنڌي ادب ،قديم کان جديد دور تائين، باب ٻيو: سنڌي ادب ۽ تنقيدي شعور، باب ٽيون: ادبي صنفون ۽ ڳڻ ڳوت، باب چوٿون: سنڌي اسلوب ۽ اسلوب نگار، باب پنجون: سنڌي تنقيد ۽ تنقيد نگار، باب ڇھين ۾ ضميمو ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ انھن ادبي ۽ سماج سڌار شخصيتن، تحريڪن، تنظيمن ۽ ادارن جو تفصيل ڏنو ويو آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.

Title Cover of book سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جي عاشق، محقق، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو سنڌي نثر بابت لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ بابت، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب آهي، جيڪو ڇھن بابن تي مشتمل آهي. باب پھريون: سنڌي ادب ،قديم کان جديد دور تائين، باب ٻيو: سنڌي ادب ۽ تنقيدي شعور، باب ٽيون: ادبي صنفون ۽ ڳڻ ڳوت، باب چوٿون: سنڌي اسلوب ۽ اسلوب نگار، باب پنجون: سنڌي تنقيد ۽ تنقيد نگار، باب ڇھين ۾ ضميمو ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ انھن ادبي ۽ سماج سڌار شخصيتن، تحريڪن، تنظيمن ۽ ادارن جو تفصيل ڏنو ويو آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن..
ھي ڪتاب 2009ع ۾ اوسر پيڙھڪا اشاعتاڻو، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي