سنڌ شناسي

جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وھي ٿو

سنڌ جي ڍنڍن. ڍورن، آبي گذرگاھن، وڻراھن، ريگستانن ۽ انھن ۾ وسندڙ مخلوق جي مشاھداتي مطالعي تي لکيل امر لغاريءَ جو ڪتاب ”جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وھي ٿو“  اوھان اڳيان پيش آھي. امر لغاري سنڌ جو انوکو ليکڪ آھي، جنھن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ڊيلٽائي علائقي ۾ اتي جي ماڻھن ۽ ٻئي جيوت تي انتھائي خوبصورت انداز سان لکيو آھي. ھن رومانٽڪ ۽ سادي انداز ۾ سنڌ جي انتھائي سنجيدہ مسئلن کي ڇُھيو آھي. ھو دنيا جي ڊيلٽائي علائقن وانگر سنڌ جي ساحلي پتي کي ماحولياتي اک سان ڏسي ٿو. ھو تمر جي ٻيلن، اتان جي ماڻھن، جانورن، پکين ۽ ٻوٽن تي لکي ٿو. 

  • 4.5/5.0
  • 16
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وھي ٿو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ڍنڍن. ڍورن، آبي گذرگاھن، وڻراھن، ريگستانن ۽ انھن ۾ وسندڙ مخلوق جي مشاھداتي مطالعي تي لکيل امر لغاريءَ جو ڪتاب ”جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وھي ٿو“  اوھان اڳيان پيش آھي.
امر لغاري سنڌ جو انوکو ليکڪ آھي، جنھن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ڊيلٽائي علائقي ۾ اتي جي ماڻھن ۽ ٻئي جيوت تي انتھائي خوبصورت انداز سان لکيو آھي. ھن رومانٽڪ ۽ سادي انداز ۾ سنڌ جي انتھائي سنجيدہ مسئلن کي ڇُھيو آھي. ھو دنيا جي ڊيلٽائي علائقن وانگر سنڌ جي ساحلي پتي کي ماحولياتي اک سان ڏسي ٿو. ھو تمر جي ٻيلن، اتان جي ماڻھن، جانورن، پکين ۽ ٻوٽن تي لکي ٿو. ھي ڪتاب 2003ع موھن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي