مجيب ۽ ڀٽو
'پاڪستان جي تاريخ ۾ ايوبي آمريت واري خون دور ۾ ٻہ وڏا طوفاني قسم جا سياسي ماڻھو اڀري آيا جن ولولہ نما عوامي طوفان سان فوجي حڪومت جي ديوارن کي لوڏي ڇڏيو. ھڪ مجيب ۽ ٻيو ڀٽو. ٻنھي جي جلسن ۾ ماڻھن جو سمنڊ ڇوليون ھڻندو نظر ايندو ھو. 'مجيب ۽ ڀٽو' عبدالواحد آريسر جي 1987ع ۾ لکيل تحرير آھي, جنھن ۾ انھن ٻنھي شخصيتن بابت مختصر خاڪا آھن. ھي ڪتاب آريسر صاحب جي ذاتي راءِ ۽ تجزيي تي ٻڌل آھي, گڏوگڏ ٻنھي شخصيتن ۽ سندن سياسي جماعتن جا مختصر احوال بہ ڏنل آھن. آريسر صاحب لکي ٿو ٻنھي جو موت فوجين جي ھٿان ٿيو جن کي ھنن پاڻ پاليو, ڀٽي صاحب پاڪستاني فوجين کي ھندستان کان آزاد ڪرايو, جن ھن کي مارڻ لاء پوء عدليا جو استعمال ڪيوـ جڏھن تہ مجيب جن فوجن کي پاڪستان کان آزاد ڪرايو, انھن فوجن ھن مٿان سڌيون گوليون ھلايون.