سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ ليکڪ زبير سومري جو ڪتاب ”ساميءَ مَٽَ اُپٽيا“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب ساميءَ جي سلوڪن ۽ ساميءَ جي شان ۾ لکيل شعري ڀيٽا طور لکيل آھي.
ھيرو ٺڪر لکي ٿو: ”زبير سومري ھن رچنا کي ”شرڌانجلي“ سڏيو آھي، پر غور سان اڀياس ڪر ڏسجي تہ ھي ڪتاب فقط شرڌانجلي نہ آھي، ڇو تہ شرڌانجلي جي معنيٰ ٿيندي آھي ڪنھن شخصيت ڏانھن صدق ۽ احترام رکندي ان جي واکاڻ ڪرڻ ان جي مداح ڳائڻ. پر زبير سومرو ڪوي ساميءَ ڏانھن شرڌا ظاھر ڪندي ڪندي ايترو تہ رنگ ۾ رچي ويو آھي، جو سندس رچناتمڪ شڪتيون (تخليقي قوتون) جاڳي اٿيون آحن ۽ ڪڏھن ھو زمان ۽ مڪان جا فاصلا پار ڪيو، ساميءَ واري زماني ۾ ساميءَ واري شڪارپور ۾ پھچيو وڃي تہ ڪڏھن وري ان کان بہ صديون اڳ جي ويدانتي دور ۾ پھچيو وڃي.“
ھي ڪتاب گونج پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي شيئر ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون زبير سومري جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي