تصوف

ساميءَ جا سلوڪ

ساميءَ جا سلوڪ هند توڙي سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهن .ساميءَ جي شاعريءَ تي ڪجهه تحقيقي ڪم ورهاڱي کان اڳ ٿيو ،پر بعد ۾ شڪارپور جي مشهور تعليمي اداري سي اينڊ ايس ڪاليج جا ٻہ نامور استاد ۽ محقق پروفيسر جهامنداس دوارڪا داس ۽ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي پنهنجي پنهنجي سر ساميءَ تي تحقيق جو ڪم ڪري رهيا هئا ،پر ورهاڱي سبب اهو ڪم مڪمل نہ ٿي سگهيو ۽ نہ ئي شايع ٿي سگهيو .ڪجهه عرصي کانپوءِ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت سان 1955ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ مان ’ساميءَ جا سلوڪ ‘(پهريون ڀاڱو )شايع ٿيو. ڪتاب ۾ ’گذارش ‘نالي عنوان هيٺ ناشر لکي ٿو ته ،”سنڌي ادب ۾ شاهه ،سچل ۽ سامي هڪ اهڙي ٽہ مورتي آهي ، جنهن ۾ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح يا نچوڙ نظر اچي ٿو . اسان جي هنن ٽن شاعرن اسان جي ٻوليءَ کي نئين حياتي ڏني ، ان کي جيئرو رهڻ سيکاريو ۽ اهو ثابت ڪيو تہ هيءَ ٻولي دنيا جي انهن اعليٰ ٻولين مان هڪ آهي.“ 

Title Cover of book ساميءَ جا سلوڪ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي بلند پايہ ويدانتي شاعر ، ڀائي چين راءِ ساميءَ جي سلوڪن تي مشتمل ڪتاب ”ساميءَ جا سلوڪ“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جي ترتيب پروفيسر ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ ڏني آھي.
ساميءَ جا سلوڪ هند توڙي سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهن .ساميءَ جي شاعريءَ تي ڪجهه تحقيقي ڪم ورهاڱي کان اڳ ٿيو ،پر بعد ۾ شڪارپور جي مشهور تعليمي اداري سي اينڊ ايس ڪاليج جا ٻہ نامور استاد ۽ محقق پروفيسر جهامنداس دوارڪا داس ۽ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي پنهنجي پنهنجي سر ساميءَ تي تحقيق جو ڪم ڪري رهيا هئا ،پر ورهاڱي سبب اهو ڪم مڪمل نہ ٿي سگهيو ۽ نہ ئي شايع ٿي سگهيو .ڪجهه عرصي کانپوءِ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت سان 1955ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ مان ’ساميءَ جا سلوڪ ‘(پهريون ڀاڱو )شايع ٿيو. ڪتاب ۾ ’گذارش ‘نالي عنوان هيٺ ناشر لکي ٿو ته ،”سنڌي ادب ۾ شاهه ،سچل ۽ سامي هڪ اهڙي ٽہ مورتي آهي ، جنهن ۾ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح يا نچوڙ نظر اچي ٿو . اسان جي هنن ٽن شاعرن اسان جي ٻوليءَ کي نئين حياتي ڏني ، ان کي جيئرو رهڻ سيکاريو ۽ اهو ثابت ڪيو تہ هيءَ ٻولي دنيا جي انهن اعليٰ ٻولين مان هڪ آهي.“ 
ھي ڪتاب پھريون دفعو 1955ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو. سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت حيدرآباد پاران ھي ڪتاب 1978ع ۾ سنڌ ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهرجي ٿورن سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي