
روسي ادب
ھي ڪتاب ادب ۽ ادبي تاريخ جي نام ڪٺئي محقق مارڪ سلونم جي مختصر پر جامع ”روسي ادب جي منھن ۾ مھانڊي“ جو آزاد ۽ مختصر سنڌي ترجمو آھي. بدر اڄڻ ھي ڪتاب ادب جي پانڌيئڙن ۽ شھسوارن آڏو آڻيندي پاڻ کي سچ پچ جس جو ڀاڳي بڻايو آھي. ھيءَ رچنا پاٺڪن لاءِ روسي ادب ۽ ڪنھن حد تائين سماجيات جي سڃاڻپ جو وسيلو بڻبي خاص طور انھن لاءِ جن 1971ع واري تاريخ ساز انقلاب کانپوءِ ان ڌرتيءَ جي ڪُک مان تازگي، انسان دوستي ۽ روح مھڪائيندڙ خوشبو کي جنم وٺندي ڏٺو.