ڊاڪٽر بدر اڄڻ

Author Name
ڊاڪٽر بدرالدين اُڄڻ پهرين اپريل 1947ع تي شڪارپور ۾ پير بخش اڄڻ جي گھر ۾ جنم ورتو.
پاڻ پرائمري ۽ ثانوي تعليم شڪارپور مان، مئٽرڪ 1962ع ۾، بي. ايس. سي پاس 1967ع ۾، ايم اي (انگريزي ادب ۾) 1969ع ۾، ايل ايل بي 1973ع ۾، ايم اي ”بين الاقوامي تعلقات“ ۾ 1977ع ۾ ڪيائين.
پاڻ 1982ع ۾ سي. ايس. ايس جو امتحان ڏنائين ۽ سال 1997ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ”سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري“ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين
پيشي جي لحاظ کان 1972ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، 1973ع ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو، سي. ايس. ايس ڪرڻ ۽ ان جي تربيت وٺڻ کان پوءِ مختلف عهدن تي رھي پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين.
ڊاڪٽر صاحب جو خاندان سنڌ جي فقيراڻي قبيلي سان لاڳاپو رکي ٿو، جنهن وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جي روحاني خدمت ڪئي، خيرپور ضلعي ۾ اڄڻ بزرگن جون ڪيتريون درگاهون آهن، پر بدرالدين اڄڻ ۽ سندن گهراڻو پيري مريديءَ کان پري آهي.
ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
1.سنڌي ادب ۽ تنقيدنگاري (تنقيد)
2.ٽي. ايس ايلئٽ: فن ۽ شخصيت
3.ڪاڪ ٽيل پارٽي(ٽي ايس ايلئٽ ترجمو ڪيل ڊرامو)
4.اندر جي اڇل (ناول ـ ترجمو)
5.سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي (ترجمو)
6.مائوزي تنگ: شاعر ۽ نثرنگار جي حيثيت ۾)
7.فيض احمد فيض (چونڊ شاعري جو ترجمو)
8.خط (ادبي ۽ سماجي دوستن جا)
9.ڏھ مقالا
10.روسي ادب (چونڊ ترجمو)

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر بدر اڄڻ جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر بدر اڄڻ جا ڪتاب

سارتر:  وجوديت واد ۽ انسان دوستي، ليکڪ : ڊاڪٽر بدر اڄڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي
ليکڪ : ڊاڪٽر بدر اڄڻ
روسي ادب، سنڌيڪار : ڊاڪٽر بدر اڄڻ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
روسي ادب
سنڌيڪار : ڊاڪٽر بدر اڄڻ
اندر جي اڇل، سنڌيڪار : ڊاڪٽر بدر اڄڻ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اندر جي اڇل
سنڌيڪار : ڊاڪٽر بدر اڄڻ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ