هي ڪتاب، اصل انگريزيءَ ۾، چارلس نيپئر جي ڀاءُ ميجر جنرل ڊبليو .ايف .پي نيپئر(عرف عام وليم نيپئر) لکيو آهي. وليم نيپئر هيءَ ڪتاب، چارلس نيپئر جي سنڌ ملڪ تي قبضي ڪرڻ واري بيحد ظالماڻي قدم خلاف خود انگلنڊ ۾ اُٿندڙ آواز جي خلاف لکيو هو. هن نيپئر کي”رحمدل ،ظلم ۽ خود غرضيءَ واري زيادتيءَ کان نفرت ڪندڙ انسان “ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ايئن ڪندي هن انگريزن جي ’مهذب ‘قوم کي ٻين ’وحشي‘ ۽ ’اڻ سڌريل‘ قومن کي ’انسان ‘بنائڻ جو ٺيڪيدار ثابت ڪرڻ جي ھنن لفظن ۾ ڪوشش ڪئي آهي: ”سنڌ جي فتح هڪ، منصفانہ جنگ جي نتيجي ۾ حاصل ڪئي وئي جيڪا انسانذات لاءِ انتهائي مفيد ۽ هندستان انگريزن جي لوڏي ۾ آيل فوجي شهرت جي بحاليءَ لاءِ فائديمند هئي .“ سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب، سنڌي ماڻهن جي حب الوطني، اورچائيءَ سان گڏ سنڌين جي سادگي، سنڌين جون رسمون ۽ رواج، مطلب تہ سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سماجي صورتحال جو جائزو پيش ڪري ٿو.
سنڌ شناسي
سنڌ جي فتح (ٻئي ڀاڱا)
- 0/5.0
- 4
- 1
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ميجر جنرل ڊبليو ايف پي نيپئر جي لکيل ڪتاب Conquest of Scinde جو سنڌي ترجمو ”سنڌ جي فتح (ٻئي ڀاڱا)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌي ترجمو سومار علي سومري ڪيو آھي.
هي ڪتاب، اصل انگريزيءَ ۾، چارلس نيپئر جي ڀاءُ ميجر جنرل ڊبليو .ايف .پي نيپئر(عرف عام وليم نيپئر) لکيو آهي. وليم نيپئر هيءَ ڪتاب، چارلس نيپئر جي سنڌ ملڪ تي قبضي ڪرڻ واري بيحد ظالماڻي قدم خلاف خود انگلنڊ ۾ اُٿندڙ آواز جي خلاف لکيو هو. هن نيپئر کي”رحمدل ،ظلم ۽ خود غرضيءَ واري زيادتيءَ کان نفرت ڪندڙ انسان “ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ايئن ڪندي هن انگريزن جي ’مهذب ‘قوم کي ٻين ’وحشي‘ ۽ ’اڻ سڌريل‘ قومن کي ’انسان ‘بنائڻ جو ٺيڪيدار ثابت ڪرڻ جي ھنن لفظن ۾ ڪوشش ڪئي آهي: ”سنڌ جي فتح هڪ، منصفانہ جنگ جي نتيجي ۾ حاصل ڪئي وئي جيڪا انسانذات لاءِ انتهائي مفيد ۽ هندستان انگريزن جي لوڏي ۾ آيل فوجي شهرت جي بحاليءَ لاءِ فائديمند هئي .“ ان ڪري وليم نيپئر ڪتاب جو نالو ئي رکيو هو: ”سنڌ جي فتح ۽ ميجر جنرل سر چارلس جيمس نيپئر جي زندگيءَ بابت ڪجهه تعارفي اقتباس ،برطانوي عوام جي نالي منسوب ڪيل .“ سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب، سنڌي ماڻهن جي حب الوطني، اورچائيءَ سان گڏ سنڌين جي سادگي، سنڌين جون رسمون ۽ رواج، مطلب تہ سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سماجي صورتحال جو جائزو پيش ڪري ٿو.
ھي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۽ 1994ع ۾ ٻن الڳ الڳ جلدن ۾ ڇپايو ويو. اسان ٻنھي ڀاڱن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف وليم نيپئر
- سنڌيڪار سومار علي سومرو
- ڇپيو ويو 1993
- ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Aug/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا