سومار علي سومرو

Author Name

سومار علي ولد حاجي محمد پريل سومرو 23، آڪٽوبر 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم خليفي غلام حيدر ڊکڻ جي ملان مدرسي شيدڪي کوهي شڪارپور ۾ ورتائين. جتان 1932ع ۾ چوٿون درجو پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو.1932ع ۾ شڪارپور ۾ “نيو ايرا اسڪول” قائم ٿيو، جيڪو روهڙيءَ واري مسٽر مينگهراج کوليو هو. هن انهيءَ اسڪول ۾ داخلا ورتي. 1937ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول” شڪارپور ۾ داخل ٿيو جتان 1939ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچيءَ جي “ڊي.جي سنڌ ڪاليج” ۾ داخل ٿيو. 1941ع ۾ انٽر جو امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي مسلمانن اميدوارن ۾ پهريون نمبر آيو، جنهن ڪري هڪ طرف يونيورسٽي ۽ ٻئي طرف ڪاليج مان اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ سرڪار به کيس وظيفو ڏيڻ شروع ڪيو. هڪ سال کان پوءِ بيمار ٿيڻ سبب موٽي اچي شڪارپور جي “سي ائنڊ ايس ڪاليج” ۾ داخلا ورتائين، جتان 1943 ۾  بي.اي. (آنرس) پاس ڪيائين. سومار علي هالن ۾ قائم ٿيل نئين هاءِ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ ڪراچي جي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. اتي ئي “هاير روينيو امتحان” پاس ڪري مختارڪار جو اميدوار ٿيو. ليڪن ڪن اڻٽر مجبورين سبب هي کاتو ڇڏڻو پيس. سومار علي صاحب 1958ع ۾ صحافت جي دنيا ۾داخل  ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ “سنڌ نيوز” (ڪراچي) ۽ “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) جو انچارج ايڊيٽر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ به ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ “نواءِ سنڌ” (حيدرآباد) ۾  ڇهه سال نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو. بعد ٽي سال کن “نواءِ انقلاب” (سکر) جو نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين ان کان پوءِ پنج سال کن “خادم وطن” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين. هاڻي 1978 کان وٺي روزانه “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ نيوز ايڊيٽر آهي. سومار علي صاحب صحافت کان سواءِ علم ادب جي به جوڳي خدمت ڪئي آهي، روزگار سانگي نصابي گائيڊون ۽ سونهان به لکيا اٿس. سندس ترجمو ڪيل هي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: “جادو ۽ سائنس”، “اقتصادي ترقي جا رستا”، “عظيم سائنسدان”، “نالي ماتر آزادي”، “شاه ولي الله جو فلسفو” سندس ترجمو ٿيل ڪجهه ڪتاب اڃا مسوري جي حالت ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” ۾ رکيا آهن. اڄ ڪلهه “سنڌي انگريزي لغت تي ڪم ڪري رهيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سومار علي سومرو جا ڪُل 7 ڪِتاب موجود آھن


سومار علي سومرو جا ڪتاب

ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾، سنڌيڪار : سومار علي سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾
سنڌيڪار : سومار علي سومرو
سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، سنڌيڪار : سومار علي سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ
سنڌيڪار : سومار علي سومرو
سنڌ جي فتح (ٻئي ڀاڱا)، سنڌيڪار : سومار علي سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ جي فتح (ٻئي ڀاڱا)
سنڌيڪار : سومار علي سومرو
جادو ۽ سائنس (جلد پھريون)، سنڌيڪار : سومار علي سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جادو ۽ سائنس (جلد پھريون)
سنڌيڪار : سومار علي سومرو
جادو ۽ سائنس (ٻيو جلد)، سنڌيڪار : سومار علي سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جادو ۽ سائنس (ٻيو جلد)
سنڌيڪار : سومار علي سومرو
جادو ۽ سائنس (ٽيون جلد)، سنڌيڪار : سومار علي سومرو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جادو ۽ سائنس (ٽيون جلد)
سنڌيڪار : سومار علي سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ