سنڌ شناسي
سنڌو ماٿر جي سڀيتا
هي ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن، کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل قديم تمدن ۽ ثقافتي علامتن ۽ اهڃاڻن جي مد ۾ تحقيق ۽ تصنيف جو عملي ۽ ادبي خزانو آهي، جنھن ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانھون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري، دبر ڪوٽ ۽ مختلف ماڳ مڪانن جي کوٽائيءَ مان حاصل ڪيل شين، اوزارن، هٿيارن، رانديڪن، ٺڪرن، ڌاتن مان ٺهيل مختلف شين، زيورن ۽ مڻين، مورتين ۽ بتن، سنگتراشيءَ جي سامان، عمارتسازي وغيره جي ڪيترين ئي حڪمت عملين مان انومان ڪڍي، تحقيق ذريعي اها ڳالهه پڌري ڪئي وئي آهي تہ سنڌو ماٿري 5000 سال پراڻي شاهڪار تهذيب رهي آهي، جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي، هنر ۽ حڪمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ سندس تعلقات همعصر تهذيبن جهڙوڪ: ميسوپوٽيميا جي تهذيب، بابلين تهذيب، اسيرين ۽ سميرين تهذيب، مصر، ايران ۽ عراق جي تهذيبن سان گهڻا ۽ گهاٽا هئا. هتي جا رهواسي علم ادب، فن، هنر، تجارت، مذهب، زراعت، عمارت سازي، سنگتراشي ۽ ڪيترن ئي اعلى قسم جي ثقافتي ۽ نظرياتي خيالن ۽ ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئا.
- 4.5/5.0
- 27
- 4
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- محمد ادريس صديقي
- ڇاپو پھريون