سنڌ شناسي

سنڌو ماٿر جي سڀيتا

هي ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن، کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل قديم تمدن ۽ ثقافتي علامتن ۽ اهڃاڻن جي مد ۾ تحقيق ۽ تصنيف جو عملي ۽ ادبي خزانو آهي، جنھن ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانھون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري، دبر ڪوٽ ۽ مختلف ماڳ مڪانن جي کوٽائيءَ مان حاصل ڪيل شين، اوزارن، هٿيارن، رانديڪن، ٺڪرن، ڌاتن مان ٺهيل مختلف شين، زيورن ۽ مڻين، مورتين ۽ بتن، سنگتراشيءَ جي سامان، عمارتسازي وغيره جي ڪيترين ئي حڪمت عملين مان انومان ڪڍي، تحقيق ذريعي اها ڳالهه پڌري ڪئي وئي آهي تہ سنڌو ماٿري 5000 سال پراڻي شاهڪار تهذيب رهي آهي، جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي، هنر ۽ حڪمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ سندس تعلقات همعصر تهذيبن جهڙوڪ: ميسوپوٽيميا جي تهذيب، بابلين تهذيب، اسيرين ۽ سميرين تهذيب، مصر، ايران ۽ عراق جي تهذيبن سان گهڻا ۽ گهاٽا هئا. هتي جا رهواسي علم ادب، فن، هنر، تجارت، مذهب، زراعت، عمارت سازي، سنگتراشي ۽ ڪيترن ئي اعلى قسم جي ثقافتي ۽ نظرياتي خيالن ۽ ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئا.

  • 0/5.0
  • 2
  • 0
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book سنڌو ماٿر جي سڀيتا
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران آثارِ قديمہ جي نامياري ماهر محمد ادريس صديقي جي اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب ۽ تمدن جي موضوع تي روشني وڌل آهي. ڪتاب جو سنڌيڪار شمس سرڪي آھي.
هي ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن، کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيل قديم تمدن ۽ ثقافتي علامتن ۽ اهڃاڻن جي مد ۾ تحقيق ۽ تصنيف جو عملي ۽ ادبي خزانو آهي، جنھن ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانھون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري، دبر ڪوٽ ۽ مختلف ماڳ مڪانن جي کوٽائيءَ مان حاصل ڪيل شين، اوزارن، هٿيارن، رانديڪن، ٺڪرن، ڌاتن مان ٺهيل مختلف شين، زيورن ۽ مڻين، مورتين ۽ بتن، سنگتراشيءَ جي سامان، عمارتسازي وغيره جي ڪيترين ئي حڪمت عملين مان انومان ڪڍي، تحقيق ذريعي اها ڳالهه پڌري ڪئي وئي آهي تہ سنڌو ماٿري 5000 سال پراڻي شاهڪار تهذيب رهي آهي، جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي، هنر ۽ حڪمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ سندس تعلقات همعصر تهذيبن جهڙوڪ: ميسوپوٽيميا جي تهذيب، بابلين تهذيب، اسيرين ۽ سميرين تهذيب، مصر، ايران ۽ عراق جي تهذيبن سان گهڻا ۽ گهاٽا هئا. هتي جا رهواسي علم ادب، فن، هنر، تجارت، مذهب، زراعت، عمارت سازي، سنگتراشي ۽ ڪيترن ئي اعلى قسم جي ثقافتي ۽ نظرياتي خيالن ۽ ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئا.
ھي ڪتاب 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

2m 10s


ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف محمد ادريس صديقي
  • سنڌيڪار شمس سرڪي
  • ڇپيو ويو 1979
  • ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 10/Aug/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 0 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون