شاعري

بھارن ۾ ڳولي وٺو

سائر حسين جي شاعريءَ ۾ پنهنجو رنگ آهي، هن جي رنگن جي ٻولي بہ نرالي آهي ۽ هن جي خيالن جو ڪينواس بہ آرٽيفيشل ناهي، رنگ برنگي خيال هن جي برش مان ٻڏي، احساسن کي پينٽ ڪن ٿا تہ اهڙي تہ شاندار تصوير ٿي جڙي پوي. سائر شاعريءَ ۾ نہ صرف پنهنجو درد بيان ڪيو آ پر پوريءَ سنڌ جو درد بہ بيان ڪيو آهي. سائر جي شاعريءَ ۾ درد، عشق، وڇوڙو، وصل، سنڌ سان محبت، بک، غربت، اميري، پيري، فقيري مطلب تہ هر موضوع سمايل آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 35
  • 20
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book بھارن ۾ ڳولي وٺو

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: بھارن ۾ ڳولي وٺو
موضوع : شاعري
شاعر : سائر حسين
ڇاپو پهريون : جون 2021ع
ڪمپوزنگ : صاحب خان ”سورھ“ ميراڻي ـ Cell No: 0344 – 3919786
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ مولوي عشاق علي جي نانءِ
جنهن کي ديني تعليم ڏياري مولوي، عالم بڻايو، منهنجو خواب الله رب العزت جي ذات پورو ڪيو، منهنجو ننڍڙو ڀاءُ منهنجي لاءِ بابا ۽ امان جا فرض نڀائي رهيو آهي.

سائر حسين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان شاعر سائر حسين جي غزلن جو مجموعو”بھارن ۾ ڳولي وٺو“ اوهان اڳيان پيش آهي.
سائر حسين جي شاعريءَ ۾ پنهنجو رنگ آهي، هن جي رنگن جي ٻولي بہ نرالي آهي ۽ هن جي خيالن جو ڪينواس بہ آرٽيفيشل ناهي، رنگ برنگي خيال هن جي برش مان ٻڏي، احساسن کي پينٽ ڪن ٿا تہ اهڙي تہ شاندار تصوير ٿي جڙي پوي. سائر شاعريءَ ۾ نہ صرف پنهنجو درد بيان ڪيو آ پر پوريءَ سنڌ جو درد بہ بيان ڪيو آهي. سائر جي شاعريءَ ۾ درد، عشق، وڇوڙو، وصل، سنڌ سان محبت، بک، غربت، اميري، پيري، فقيري مطلب تہ هر موضوع سمايل آهي.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ڇپايو ناھي پر سائر حسين سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ڊجيٽل ايڊيشن لاءِ موڪليو آھي، ادارو سندس ٿورائتو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پانڌي آهي پيار جو ــــ سائر حسين

اسانجي سنَ ۾ شاعر ته ڪافي ٿي گذريا يا جيڪي پڻ آهن مگر صحيح عروض جي ڄاڻ تمام ٿورن شاعرن ۾ آهي. انهن مان هڪ سائر حسين به آهي . سائر حسين عروض جو تمام پختو شاعر آهي. فڪر کي پنهنجي هر شعر ۾ کڻي هلندو آهي . تمام ڀلو ڪوي آهي. سندس شاعري بلڪل منفرد هوندي آ.
هڪ هنڌ چوي ٿو.

مون پيءُ ڪٺو امان به ڪٺي ۽ ڪٺو قبيلو
سائر ملي جو ذات هڪائي ، ۽ پارسائي

اگهاڙپ بک ڪڏهن آخر ڍڪيندي
ننگو دنيا ڪري مونکي ڇڏيندي

هن بند ۾ پنهنجي زندگيءَ جي ترجماني ڪيڏي سندر انداز ۾ پيو ڪري.

وصل جي خلش پئي چڀي مون ۾
مان صدين کان ڇپي رهيو آهيان

هجر ۾ مان ٻري ٻري هاڻي
ميڻ وانگر اجهي رهيو آهيان

تصورن ۾ وري محبوب کي ڏوراپو هن طرح ٿو ڏي.

ڪر ياد سياري جا لمحا
ڪو سرد پهر جو تير هنيئي

هن ڪونج جيان وڇڙي دل کي
سڏڪن جي ثمر جو تير هنيئي

قومي جذبي کان به سائر حسين خالي ناهي .

پاڻ سائر گهرون ٿا آزادي
سنڌ جو تذڪرو وٺي هلجي

شبابي قرب کي هن طرح ياد ٿو ڪري.

هوءَ ٿي جواڻ هن ڳوٺ ۾
اڄ به آب تاب ۾ ٿي رهي

سچي سنڌي ٿيڻ لاءِ نرالي انداز ۾ تمنا ڪري ٿو.

سنڌ کي ڏي وري ڀٽائي تون
يا خدا هي وڏو سوال نه آ

يا وري

هي مسافر ٻوڏ جا ڀٽڪن پيا
تن کي ٻچڙن سان سڏي کارائجي

هي پنهنجي غم کي محبوب جي ڀاڪر ۾ اچي ختم ٿو ڪري.

منهنجي ماضيءَ جو هندورو
ڀاڪر تنهنجي منجهه لڏي ٿو

ڇا ته فڪر جي گهرائي آهي. سندس فڪر جو اندازو هن بند مان لڳايون ٿا.

آنءُ اڏري وڃان ٿو خيالن ۾
تنهنجي يادن جو ڍير اڀ تي آ

فراق جي حالت جو اندازو وري هن طرح سان ڪري ٿو.

هن ڪونج جيان وڇڙي دل کي
سڏڪن جي ثمر جو تير هنيئي

سائر حسين شاعريءَ جو اهو موتي آهي جيڪو ڪهڙي به حالت ۾ پنهنجو رنگ ۽ روشني اجاگر ڪري ٿو.

ربط ۾ باڪمال آهي . تسلسل هن جي هر غزل جي سڃاڻپ آهي. رڌم ۽ روانيءَ جي سيلاب ۾ سائر حسين اهو ڪجھ چئي ويندو آهي جيڪو شايد ٻي ڪنهن کي ڪافي دير سان خبر پئي. ٻوليءَ جي لطافت جو هي وڏو ڄاڻو آهي.

سندس شاعريءَ ۾ فقط عشق مجاز ناهي بلڪه قوم کي پيغام پڻ آهي. هو تمام برجستو ڪوي آهي. هر بحر تي مڪمل ڄاڻ رکندڙ آهي. مطلع کان مقطع تائين ڪٿي به جهول نه رکندڙ هي شاعر سنڌ جو سهڻو شاعر آهي.

شال سلامت هجي ـ آمين ـ

پير بها سرهندي صاحب ـ مٽياري
19.06.2012

لفظن جي مالها جوڙيندڙ شاعر

سائر حسين جي شاعريءَ ۾ پنهنجو رنگ آهي، هن جي رنگن جي ٻولي به نرالي آهي ۽ هن جي خيالن جو ڪينواس به آرٽيفيشل ناهي، رنگ برنگي خيال هن جي برش مان ٻڏي، احساسن کي پينٽ ڪن ٿا ته اهڙي ته شاندار تصوير ٿي جڙي پوي، لڳي ٿو ته اها “پڪاسو” پاڻ پينٽ ڪري ويو آهي.
هو لفظن کي هروڀرو گهمائي ڦيرائي پڙهندڙ جي مٿي ۾ نه ٿو هڻي، پر بي ساختگيءَ سان لفظ جيڪا سنگت ڪري هن وٽ سلهاڙجي اچن ٿا، هي انهن کي رڳو پنهنجي ترتيب سان ڇنڊي ڦوڪي رکي ٿو ڇڏي.
شاعري هونئن به يا ته دل کي وڻندي آهي يا صفا ناهي وڻندي. وچ وارو آپشن شاعريءَ لاءِ ٿي نٿو سگهجي. هر ڪنهن جي پسند ۽ ايپروچ به وري پنهنجي پنهنجي آهي، انڪري هر شاعر جي هر شيءِ هر ڪنهن کي هر اسم پسند پوي اهو ضروري به ڪونهي، ها البته ڪافي اسم دل کي ڇهندڙ هجن ته ان کي ڪامياب شاعري چئي سگهجي ٿو. ۽ سائر جي شاعريءَ جا الاهي اسم سگهارا ۽ دلڪش پڻ آهن.
ان حوالي سان سائر پنهنجي صلاحيتن آهر جيڪو ڪجھ اسڪرين تي آڻي سگهيو آهي ۽ اسان کي پڙهايو آهي اهو جس لهڻي ٿو. ڇو جو هي معصوم شاعر وسيلن کان وانجهيل هجڻ ڪري هميشه زندگيءَ کي ڀوڳيندو رهيو آهي ۽ لکندو به رهيو آهي. لکڻ ۽ جيئڻ هن لاءِ ائين آهي جيئن ساھ جي لاءِ آڪسيجن ..... لکڻ هن کي آڪسيجن ڏيندو رهيو آهي ۽ هي مختلف تڪليفن ۽ پيڙائن کي پاسيرو رکي به لکڻ واري ڪرت سان لڳل رهيو آهي. اڄ جڏهن مون هن جا ڪافي اسم هڪ جاءِ تي پڙهيا ته دماغ جاءِ تي اچي ويو. ڪيڏي نه محنت ۽ محبت سان هن لفظ لفظ ۾ پوئي مالها جوڙي آهي...... مان سندس اهڙي ڪلام تي سلام پيش ڪيان ٿو ان اميدَ سان ته هن جي قلم جو اهو پورهيو سدائين هن کي لکڻ ۽ سٺي لکڻ جو ڏس ڏيندو رهندو .....

سجاد مهر
بروز ڇنڇر 18 جون 2021
ضلعو ۽ سٽي شڪارپور

راهون مهڪائيندڙ راهرو

موجوده دور ۾ جتي شاعريءَ جا ڪتاب زياده تر ڇپجي رهيا آهن ته ڪجھ حلقن طرفان وري شاعر کي محدود سوچ ذريعي ننڍ وڏائي جي ماپن سان ماپيو پيو وڃي.
منهنجي نظر ۾ ادب ڪو ريس جو ميدان ناهي جو ان ۾ ڪير ڪنهن تي فاتح ٿي سگهي يا ڪير ڪنهن کي هارائي سگهي، تخليقڪار صرف پنهنجي شعوري يا لاشعوري طور خيال پيش ڪري سگهي ٿوجيڪو ڪامل يا غير ڪامل به ٿي سگهي ٿو.
هميشه تخليقڪار کي پنهنجي تخليقي سگهه وڌائڻ لاءِ ڪوشان رهڻ جي ضرورت هجي ٿي، جنهن سان شاعر جي علم ۾ اضافو ته ٿئي ٿو پر سندس شاعري پڻ پروان چڙهي ٿي تنهنڪري شاعريءَ جي ميدان ۾ ماپا کڻي بيٺل طبقاتي سوچ رکندڙ قلمڪارن کي هميشه ادب جي پانڌيئڙن جو ساٿ ڏئي سندن سفر ۾ سٺي رفيق بڻجڻ جي ضرورت آهي جيئن ادب جو آڪاس رنگين ستارن سان جهلملائيندو رهي. رائنر ميريا رلڪي Riner Meria Rilky جرمنيءَ جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن شاعريءَ ۾ نوان ۽ متاثر ڪندڙ خيال آندا آهن ۽ فلسفي سان تعلق رکندڙ ڪي ئي خيال اٿاريا آهن، موجوده دور ۾ ڪيترائي شاعر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي شاعريءَ کي جدت جي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهو عمل ايترو سولو به ناهي پر چوندا آهن ته ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي سو ڪوشش سان ڪاميابي ملڻ ممڪن آهي.
اسان جي سٿ جو ساٿي پيارو سائر حسين چانڊيو ڪافي عرصي کان سنڌي شاعريءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي، هي يار غريب ۽ طبيعت جي ناسازيءَ سبب ڪڏهن به پنهنجي همٿ نٿو هاري ۽ مسلسل لکندو رهي ٿو، شاعري سندس جنون چوان تڏهن به وڌاءُ نه ٿيندو. اهڙن ادب دوستن جي آڌار تي اسان جهڙن ڪاهل قلمڪارن جو هميشه جوش جاڳندو رهيو آهي.
سائر حسين چانڊيو جو هي ڪتاب “بهارن ۾ ڳولي وٺو” جيڪو سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، مون کي شاعريءَ جي منزل طرف ڇڪيندڙ مقناطيسي طاقت جو سگهارو وجود محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن سان يقيني طور سنڌي ادب جو بول بالا ٿيندو ۽ نون لکندڙن لاءِ اتساھ جو سبب بڻجندو.


حبيب متو
هنگورجا ضلعو خيرپور ميرس
matoohabib@gmail.com

احساسن جو شاعر ــــ سائر حسين

عهدِ حاضر ۾ منهنجا هم عمر شاعر ته ڪافي آهن ۽ جيڪي تمام بهتر لکن پيا جن جا شعر دل کي جنجهوڙي ڇڏيندا آهن، انهن مان هڪ سائر حسين به آهي، جنهن کي علم عروض، علم قافيا تي به تمام گهڻي دسترس حاصل آهي.
هي شعر نه صرف شعر آهي پر اندر جو اهو آواز آهي جنهن ۾ درد ئي درد سمايل آهي.
ڪا خوشي ڪو نه آئي منهنجي اڱڻ،
درد هو هانءُ جي بيٺو کيٽ تي.
ساڳي ئي غزل جي ٻئي شعر ۾ سائر درد کي هن طرح بيان ٿو ڪري ته :
پاڻ ساڙي ڇڏيو مون سگريٽ سان،
هر تمنّا رکي هن پاڪيٽ تي.

سائر کي علم عروض تي ايتري دسترس آهي جو هر نئين ايندڙ خيال کي بغير ڪنهن مٽاـ سٽا جي ڪنهن نه ڪنهن وزن بحر تي غزل پورو ڪندو آهي ڇو ته عروض کائنس ڳجهو ناهي. هي شعر به بغير ڪنهن اضافي لفظن جي وزن جو پورائو ڪيو بيٺو آهي.
هن عمر جي نس نس ۾ سائر،
هر وقت زهر جو تير هنيئي.

سادي لهجي ۾ ڪيڏي نه ڳالهه چيل آهي. محبوب سان مخاطب به ڪيڏي سهڻي انداز سان ٿيل آهي، ڪيڏي نه منجهس نرمي آهي، فاعلاتن مفاعلن فعلن (هنن شعرن ۾ هي وزن تمام گهڻو لکيو ويندڙ آهي، ڇو ته هن وزن ۾ موسيقي تمام لاجواب هوندي آهي)

مان ته تنهنجي پڳو هان ڀاڪر ۾،
ڇو نهارين ٿي ته ڪير اڀ تي آ؟
ماضيءَ ۾ خطن جو رواج تمام گهڻو هو مگر هن عهد ۾ فون ڪال، ميسيج وغيره عام آهي جيڪڏهن ماضيءَ طرف جهاتي پائجي ته هي شعر پنهنجي پوري افاديت سان پاڻ مڃائڻ جو حامل آهي.
لفافن کي کولي پڙهو ڀي ڪڏهن،
پرين خط پراڻن جون ڳالهيون ٻڌو.

واه ! ڇا ته شعر ۾ بيوسي بيان ڪيل آهي ۽ ڪيڏي سٺي نموني دردِ دل بيان ڪيل آهي.
درد تنهنجو ڇني رهيو آهي،
آئون مڪمل ٽٽي رهيو آهيان.
جيئن جيئن سائر جي شاعريءَ تي نظر وجهجي ٿي ته مختلف پهلوئن تي سندس شعر ملن ٿا. واقعي سائر جي غزلن ۾ ڇال ڏنل آهن.
آئون اونداھ کي تڙي سائر ،
باک وانگر ڦٽي رهيو آهيان .
سنڌ سان محبت جو اظهار به بي حد وڻيو، شاعر جي دل ۾ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان پيار نه هجي ته اهي شعر ئي چوڻ فضول چئبا.
مون کي جنّت ئي تڏهن ملندي اي سائر،
مان دفن ٿيندس جڏهن سنڌ جي مٽيءَ ۾.
ڪافي شعرن تي گهڻو ڳالهائي سگهجي ٿو مگر طوالت سبب مختصرن ڳالهائڻ ئي بهتر سمجهان ٿو.
واقعي انسان ڪڏهن موج ۾ هوندو آ ته ڪڏهن وري غوطن ۾، سائر هڪ کلندڙ، گهمندڙ انسان هو، جنهن کي بيمارين تمام لاچار ڪري هڪ هنڌ ويهاري ڇڏيو آهي!!
سک جي ديوار تان سائر ڪريو هو،
همسفر ۽ وراڻو ٿي اچين ها.
بلڪل حوصلو اهڙي طاقت آهي جنهن سبب انسان پنهنجي منزل مقصود تي پهچي ٿو.
منزلون هي ڏکيون لڳن ٿيون پر
پو به سائر پڄڻ محال نه آ
انسانيت ۽ احساس جو اعلى ترين معيار اهو آهي ته جيڪو کائجي سو ئي غريب بي پهچن کي کارائجي . سائر جي رڳن ۾ سنڌ مٺڙيءَ سان مون جيئان پيار انتهائي جذباتي ڪري ڇڏي ٿو.
سنڌ جو سائر سچو آهي سپوت،
غير کي سائر هٿان مارائجي.
محبوب سان ملڻ جي تڙپ واقعي جنوري جهڙي مهيني ۾ به پگهر ڪڍيو وجهي.
جون جولاءِ ئي نه پهتو آ،
آ متي اڳ مَئِي، هلي آءُ ني.
سائر نه صرف پنهنجو درد بيان ڪيو آ پر پوريءَ سنڌ جو درد به بيان ڪيو آهي. سائر جي شاعريءَ ۾ درد، عشق، وڇوڙو، وصل، سنڌ سان محبت، بک، غربت، اميري، پيري، فقيري مطلب ته هر موضوع سمايل آهي.
“بهارن ۾ ڳولي وٺو” پڙهندڙ (هن ڪتاب کي) پڙهي يقينن مطمئن ٿيندا ۽ ڪافي حظ ماڻي وٺندا، سائر جو پڙهندڙن لاءِ هي هڪ وڏو تحفو آهي، اميد ڪجي ٿي ته پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ هر نوجوان شاعر کي هي سائر حسين جو غزلن جو پهريون مجموعو ضرور پڙهڻ گهرجي. والسلام .


اوهانجو پنهنجو

اعجاز احمد خليلوي
تعلقو وارھ، ضلعو قمبر شهدادڪوٽ

سائر کي ڪير نه سڃاڻي

شاعر معاشري جو اهڙو حاذق آهي، جيڪو ڪيترين ئي سماجي بيمارين جي تشخيص ڪري انهن جو ترياق لفظن سان ڳولهي ڏيندو آهي. هو حق سچ جي جهنڊي هيٺ بيهي پنهنجي پيڙائن سان لڙي ڪنهن دکي دل جو آواز ٿي ايندو آهي. اهڙو ئي حاذق، اهڙو ئي آواز مون کي سائر به لڳندو آهي. سائر گهڻو تڻو ته پڙهيل ناهي پر قدرتي ڏات مٿس لهي هر جيءَ جي کائنس ترجماني ڪرائي ٿي. سندس شاعري عروض جي ماپ تور تي پوري ۽ جديد آهي. سندس شاعريءَ م رومانس، بک، بادشاهي گداگري، محبوب جي مسڪراهٽ کان درد وچان هانءُ ڏاريندڙ آهون، مطلب ته سائر جي اندر ۾ هر قسم جي اظهار جا پکيئڙا پرَ کولي بيٺا اهن، جن لاءِ وليم ورڊس ورٿ چيو هو ته “ شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اظهار آهي.”
اهڙن اندر جي اڌمن کيس شاعريءَ جي ڏات ڏيئي “حسين علي” مان “سائر حسين” بڻائي ڇڏيو .....
سائر جي اندر مان نه صرف پنهنجي پيڙائن جا لفظ ٽوھ ڦٽي نڪرندا آهن پر ڌرتيءَ لاءِ به وقت بوقت خيال کنڀين وانگر ڦوٽهڙو کائيندا آهن ، هو جڏهن ڌرتيءَ ڄاين تي هڪ نظر وجهي ٿو ته اهي کيس ڪنهن خنجر کان گهٽ نظر نٿا اچن، جن کي نينڍ ڏئي چوي ٿو ته

خنجر خنجر ماڻهو سارا
جهنڊا آڻيو ڀائر سارا

سائر جي پنهنجي اڌمن کان سواءِ هن ۾ هڪ عاشق به رهي ٿوجيڪو کائنس لکرائي ٿو.

تنهنجي زلفن ۾ وري جڪڙجي وڃان
ڏوھ ان ۾ شل مٺي پڪڙجي وڃان

هن کي زندگيءَ م ايترا ته درد مليا آهن جو هو درد لاءِ به دعاڳو بڻجي کيس اڃان به جيئڻ جون دعائون ٿو ڪري.

درد جيئندو رهين سدائين تون
ڏسِ ڪٿان تو ڄمار آندي هئي؟

سائر جتي هڪ سٺو شاعر آهي اتي سندس اندر ۾ هڪ شديد ڪمزور پهلو به آهي، جيڪو مٿس فاتح آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي جو سندس کنڊ مصريءَجهڙا دوست به کائنس نفرت ڪرڻ شروع ڪندا آهن، جڏهن اهڙي ڪيفيت جي ڄار ۾ ڦاسندو آهي ته کيس پنهنجي انا جو ڪوريئڙو ٽڪڻ شروع ڪندو آهي، ۽ هو انهيءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي به نڪري نه سگهندو آهي.


ميجر امداد سهتو ــــ ٺارو شاهه

شاعري منهنجو وجود

تمام ڏکين حالاتن، مشڪلاتن ۽ محتاج گهڙين ۾ به شاعريءَ کي پنهنجو مسيح سمجهندو اچان ٿو، ساڻس ڀرپور نڀايو اچان جيئن ڪو پنهنجي ڌرتي ۽ سرتيءَ سان نڀايو اچي . پلُ پلُ موت جهڙو تڏهن به پنهنجو قلم مرڪندو رهي ۽ شاعري سرجڻ لاءِ بيتاب ٿي تڙپندو رهي . شديد تڪليف ۽ بيماريءَ ۾ تڙپي تڙپي جڏهن معمولي به فرحت اچيو وڃي ته قلم کڻي لکڻ ۾ شروع ۽ پڻ سرخرو ٿيو وڃان، مطلب ته شاعريءَ سان مونکي ابتدا کان وٺي ايترو لڳاءُ ، ايترو پيار رهيو آهي جنهنجو جواب هن شعر ۾ سمايل آهي.
شاعري مون کي ماءُ جيئن پياري
شعر مون کي مٺا ٻچن جهڙا

اتفاق سان ڪڏهن ڪڏهن آئون خيالن ۾ گم ٿي ويندو آهيان ۽ خيالن جي پاتال ۾ ٻڏندو ۽ ترندو آهيان ته اُمالڪ منهنجي مٿان منهنجي گهر جا ڀاتي آواز ڏيندا آهن ته توکي پڪاري رهيا آهيون. ڇا ايترو موڳو آهين؟ يا پڻ ايتري مڳي مستي اٿئي؟ يا پڻ صفا ٻوڙو آهين؟ ، ته کين وراڻيندو آهيان ، مون ته اوهان جا سڏ ٻڌا ئي ڪونهن . ته مون مون تي کلڻ ۽ ٽوڪڻ لڳندا آهن ته اڃان چريا ڪي ٻيا ٿيندا آهن ! پنهنجي ملڪ مان چريا به ويا آهن ! خيرن سان تون به ته گهٽ ناهين سائر حسين ، ڇا چوان ٻاروتڻ کان وٺي موسيقيءَ سان اپار پيار ڪندڙ مٽيءَ ۽ ڪانن جا يڪتارا ۽ ڪاٺيءَ جون چپڙيون جوڙي ڳوٺن ۾ ڪلام جهونگاريندو رهندو هئس . نهايت ئي معزز ۽ زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ انگل ۽ آرن ۾ پلجندو ، نپجندو رهيس ۽ شڪ و شبهه سبب پنهنجي شاعريءَ کي پنهنجي خاندان ۽ پڻ مٽن مائٽن کان مخفي رکندو رهيس نيٺ 2005ع ۾ اباڻي ڳوٺ مان زمينون وڪڻي وارھ شهر ۾ اچي رهياسون . پهريون ڪيسٽي ڪلام ڊائريءَ تان کڻي ڪنهن محفل ۾ آخري جلال کان، طرز، “دلين جا مالڪ منهنجي يار جي پارت ٿي” ڳارايم . ان بعد ڄڻ ته دلين جا شڪ شبها ڀيد ختم ٿيڻ لڳا ۽ مختلف فنڪارن سان گڏ رهڻ لڳس، کانئن پنهنجا ڪافي ڪلام، پيرن جي درگاهن، محفلن اسٽوڊيو ۾ ڳارائيندو رهيس. نيٺ ڪافي دوستن مشورو ڏنو ته ڪيسٽي ماحول کي الوداع ڪري هاڻي ادبي ماحول سان جڙجي وڃ، دوستن جي صلاحن کي مان ڏيندي 2017ع ۾ ڪيسٽي ڪلچر کي الوداع چئي ڪري ادبي ماحول ادبي شاعريءَ سان جڙجي ويس. علم عروض جو پهريون سبق پنهنجي شهر وارھ جي هڪ مسڪين مزدور محنت ڪش فرد محترم اياز علي لوهر کان ورتم، ائين ئي کانئس سبق وٺندي وٺندي کيس پنهنجو ادبي استاد تسليم ڪري ورتو. محترم اياز علي لوهر صاحب ايترو ڪجھ مون کي سيکاريوجنهنجو نتيجو اوهان دوستن جي اڳيان آهي ۽ ان کان علاوه سيد محمد رفيق شاهه امروٽي سائينءَ کان به فون ڪال تي الاهي سارو علم عروض سکڻ جو موقعو مليو ۽ پڻ شرف حاصل ٿيو جيڪو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ منهنجي لاءِ ٻئي استاد منهنجي اکين جو نور ۽ پڻ قابل فخر آهن. پر رڳو منهنجي شاگرديءَ جو اتي اچي سلسلو برخاست به ڪو نه ٿئي ٿو، بلڪه مون کي جن دوستن فيس بوڪ ماحول ۾ ٿورو يا گهڻو سيکاريو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر جنهن دوست مون کي ڪنهن متبادل لفظ جي سرت /ڄاڻ ڏني ته هن لفظ بجاءِ هي سندس متبادل لفظ وڌيڪ ٺيڪ رهندو ، آئون انهن محترم دوستن جو به احسانمند آهيان ۽ پڻ سندن شاگرد تسليم ڪريان تڏهن به وڌاءُ نه ٿيندو، مطلب ته مون کي جنهن دوست ٿوري يا گهڻي سرت ڄاڻ ڏني آ، آئون سندن ٿورائتو آهيان، پر مون سان فيس بوڪ جي دنيا ماحول ۾ منهنجن استادن کان علاوه جنهن گهڻي کان گهڻو ساٿ ڏنو هئو سو دوست مورو شهر سان تعلق رکندڙ نهايت سلڇڻي طبيعت جو مالڪ بهترين شاعر ۽ نقاد محترم احمد گل صاحب ئي آهي جنهنجو مون سان وڏو ساٿ رهيو حقيقت ۾ ته مون کي منهنجيءَ چيچ کان پڪڙي ڪري مون کي فيس بوڪ ۽ شاعريءَ جي متل ميدان کي ملهائڻ جي مون ۾ ڀاري صلاحيت رکي، آئون پياري ۽ جنهنکي پنهنجو فڪري استاد چوان ته بلڪل وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ان مانائتي ۽ محسن دوست احمد گل صاحب جو بيحد ممنون آهيان. ۽ ان کان علاوه منهنجا بهترين استاد منهنجا ڪتاب ئي رهيا آهن جيڪي ڀليرن دوستن وانگر مون سان همسفر ، ڪٺي رهيا آهن. جن ڪتاب تان علم عروض جو وسيع کان وسيع مطالعي ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو، علم عروض کي مڪمل سمجهڻ جي جتان مون کي صلاحيت ملي، ڄڻ ته علم عروض منهنجي شاخ هجي، جنهن مان رستا جڙندا هجن، پر افسوس ۽ بد قسمتيءَ سان 2020ع ۾ خطرناڪ بيماري منهنجي مٿان حاوي ٿي وئي ، منهنجي بيماريءَ جي پوري حقيقت ۽ منهنجي بيوسي چِٽيل، اوهان کي منهنجي هنن شعرن مان ملندي ۽ پڻ معلوم ٿي ويندي.

جوڀن جي وت جا عضوا هنڌ هنڌ کان پيا اکلي
ٽيٽيهه سال ۾ لٺ چاتڻ بڻيو تماشو

يا
جوت ٿي چوي اُٿ اُٿ، پر
ڄنگهه نڙ لڳي پئي آهي

اندر مان ته هزارين جولان اٿي ڀڙڪو کائڻ لڳندا آهن ته پنهنجي گذريل شاندار وقت سان اٿي گڏ هلان هڪ سيلاني فرد بنجي سفر ڪريان مگر جيڪا هاڻي منهنجي وس جي ڳالھ ناهي رهي، تمام مفلسيءَ سبب پنهنجو ڪتاب ته ڪو نه ڇپرائي سگهيو آهيان توڙي جو ڪافي ڪتابن جيترو مون وٽ پڻ مواد به موجود آهي پنهنجي طويل قصي کي اتي ئي برخاست ڪندي پنهنجي دوستن جا ڳڻ ڳائڻ چاهيندس . آئون نهايت ئي شڪرگزار آهيان پنهنجي محسن محترم دوست صاحب خان “سورهه” ميراڻي جو جنهن پنهنجو الاهي سارو قيمتي وقت سيڙائي ڪري منهنجي PDF ڪتاب لکڻ تي ڏينهن رات محنت لڳائي ڪري مون سان محبتون ارپيون ۽ مون کي وڏن ئي نه صحيح پر ننڍن صاحبِ ڪتاب وارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ۽ پڻ منهنجو تن سان گڏ نانءُ لکرايو ۽ تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، محترم پير بها سرهندي صاحب جو جنهن شديد تڪليف هوندي به منهنجي ڪتاب کي پنهنجي خوبصورت لفظن جملن سان معطر بڻايو. ۽ گهڻي کان گهڻو پنهنجي پڳ مٽ يار پنهنجي من پسنديده شاعر جنهنجي شاعريءَ مان مون کي استاد بخاريءَ جي سادگي ، لفظن واري خوشبو ايندي آهي ، اهڙو خوبصورت ۽ سگهارو ڪوي ٻيو نه پر محترم سجاد مهر صاحب آهي ، سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجا خوبصورت ويچار منهنجي ڪتاب “بهارن ۾ ڳولي وٺو” ۾ ونڊيا، ۽ پياري محترم حبيب متو صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن سان منهنجي روح جا رشتا ازل کان ئي جڙيل آهن جيڪو منهنجو تمام گهڻو حجائتو ۽ پڻ ڀائرن جهڙو دوست آهي. ان يار جي خوبصورت لفظن به منهنجي ڪتاب کي واديءِ مهراڻ جي ڇوليءَ جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. محترم ميجر امداد سهتو صاحب جن جو به تمام گهڻو ممنون و مشڪور آهيان جنهن سخت سرڪاري ڊيوٽيءَ تان به منهنجي لاءِ وقت سيڙائي ڪري مون سان خوبصورت محبتون ونڊيون ، جن جا مخصوص لفظ منهنجي ڪتاب لاءِ خاص سڃاڻپ ۽ پڻ اعزاز آهن. ۽ آءُ شڪر گذار آهيان پنهنجي ئي وارھ شهر جي هم عمر ، همعصر شاعر اعجاز خليلوي جو، جيڪو مون وانگر مذهبي منش به آهي ، کيس تمام سٺي گهڻي ديني ڄاڻ به آهي ۽ مون وانگر علم عروض کي آڱرين تي نچائڻ وارو شخص جيڪو هڪ سگهارو ڪوي به آهي ۽ اتفاق سان مون وانگر تيز طبيعت ۽ پنهنجي اصول تي اٽل بيهي رهڻ وارو شخص آهي.
اميد ڪريان ٿو ته مختلف وزن ۽ بحر تي مشتمل، مڪمل غزلن جو، منهنجو هي پهريون شاعريءَ جو ڪتاب “ بهارن ۾ ڳولي وٺو“ پڙهندڙ دوستن کي بيحد پسند ايندو ، تمام گهڻي ڪوشش باوجود ڪٿي ڪي اوڻايون رهجي ويون هجن ته دوست اسان کي ضرور آگاهه ڪن ۽ پنهنجا خوبصورت رايا عنايت ڪن . وڏي اميد سان چوان ٿو ته پڙهندڙَ هي ڪتاب پڙهي بي حد لطف اندوز ٿيندا.


سنڌي ادب جو ادنى خادم

سائر حسين چانڊيو
وارھ شهر، ضلعو قمبر، شهدادڪوٽ
تاريخ 30 جون 2021ع
موبائل نمبر : 0598792 0300

غزل

---

اسان کي بهارن ۾ ڳولي وٺو

اسان کي بهارن ۾ ڳولي وٺو
هوا جي اشارن ۾ ڳولي وٺو

وري واءُ وريو وڇوڙي سندو
سندم روح پيارن ۾ ڳولي وٺو

قلم سچ خاطر ٿو وڙهندو رهي
سچن قلمڪارن ۾ ڳولي وٺو

اسين سانجھ جا هون ستارا پرين
نشيلن نظارن ۾ ڳولي وٺو

اسان سڀ پراڻا ٺڪاڻا ڇڏيا
اسان کي مزارن ۾ ڳولي وٺو

لهر تيز سائر جي پيئي اٿي
ڏکي تن ڪنارن ۾ ڳولي وٺو

هوا جي پرن تي چڙهيو ٿو اچان

هوا جي پرن تي چڙهيو ٿو اچان
اجهو دوست توڏي وريو ٿو اچان

سندس گهر انڌيرو وڌي هو ويو
ڏيون کيس روشن ڏيو ٿو اچان

ملي تون جو آهين ائين ٿو لڳي
سڄو آنءُ جڳ پڻ کٽيو ٿو اچان

اوهان جي اکين ۾ ڪجل جيئن هان
اوهان جي ڳلن تي ڳڙيو ٿو اچان

خيالن سان اڏري ويو روح هو
ستارن سان مليو رليو ٿو اچان

ڀڃي هٺَ جدائيءَ جا سائر سڀئي
وصل جو وظيفو پڙهيو ٿو اچان

گونگن وانگر رهبر پنهنجا

گونگن وانگر رهبر پنهنجا
هاءِ ڪراچي مقدر پنهنجا

واڳون جيڏو هي وات پٽي
بحريا* کائي ٿو گهر پنهنجا

خنجر خنجر ماڻهو سارا
جهنڊا آڻيو ڀائر پنهنجا

وڙهندا رهندا ، وڌندا رهندا
ويڙهاڪ اسان جا نر پنهنجا

سنڌ سنڌين جي جاگير اٿئي
ملڪ* ڌڪي ڪڍ سڀ خر* پنهنجا

آزاديءَ جي گونجار ٻڌي
پهتا لشڪر سائر پنهنجا

• بحريا ٽائون
• ملڪ رياض
• گڏھ

چنڊ جي روشني هئي يا ڏس تون هئينءَ

چنڊ جي روشني هئي يا ڏس تون هئينءَ
ايتري مئڪشي هئي يا ڏس تون هئينءَ

هن گلن جي مٿان ماڪَ هاريل هئي
صبح جي تازگي هئي يا ڏس تون هئينءَ

زندگيءَ جو سفر رڃ لڳو ، اُڃ لڳو
ايتري تشنگي هئي يا ڏس تون هئينءَ

خواب منهنجا ٽنگيل ها صليبن مٿان
آس ڪا سرمدي هئي يا ڏس تون هئينءَ

تانگهه ۾ منهنجون اکڙيون پچي لال ٿيون
عشق جي هي بٺي هئي يا ڏس تون هئينءَ

اس نٽهڻ ۾ سائر ڏي جيڪا وري
اوچتو ڇانءَ ٿڌي هئي يا ڏس تون هئينءَ

اکڙين جي جاڳ ٿيندي رمتا هي خواب ٿيندا

اکڙين جي جاڳ ٿيندي رمتا هي خواب ٿيندا
خوشبوءِ پيار ٿيندو گفتا گلاب ٿيندا

منهنجون اکيون جو کلنديون سئُو انقلاب ايندا
منهنجا شعور سارا تنهنجا خطاب ٿيندا

پيري جواڻ ٿيندي جوڀن به پوندو مرڪي
منهنجي اکين جي آڏو جيئن ئي جناب ٿيندا

منهنجو مطالعو پيو ٿيندو اکين مان تنهنجي
منهنجا ذهن کلي پوءِ سارا ڪتاب ٿيندا

ناول ڊگهو وڇوڙو ، ڪمرو انيڪ يادون
منهنجي عمر جا آخر پورا ته باب ٿيندا

منهنجو وجود آهين منهنجو ضمير سائر
منهنجا هي خُلق سارا تنهنجا نصاب ٿيندا

هن ڪهاڙيءَ کان ڊڄي ٿڙڪڻ لڳو

هن ڪهاڙيءَ کان ڊڄي ٿڙڪڻ لڳو
هي وڻن جو روح آ تڙپڻ لڳو

وقت کان اڳتي ويس نڪري صفا
وقت بيهي پوئتي سهڪڻ لڳو

هڪ چميءَ جي ڳالھ مون آهي ڪئي
مک پرينءَ جو هي صفا ٻهڪڻ لڳو

ننڊ ۾ تو مسڪرايو هو جڏهن
هر ستارو عرش تي مرڪڻ لڳو

پيار تنهنجو ئي زليخان هو سڏيو
عشق يوسف منهنجو ٿي پرچڻ لڳو

اڄ ملڻ جي موڙ تي ڇا لئِه ڀلا
لڙڪ اکڙين ۾ هيو جرڪڻ لڳو

موت منهنجو مامرو بنجي ويو
موت منهنجو همسفر بڻجڻ لڳو

ڀاڪرن جو بسترو خالي ڏسي
سار جو ساگر وري اٿلڻ لڳو

قلم تنهنجي سونهن مان ٻوڙي پرين
شعر سائر توتي آ سرجڻ لڳو

دورن ۾ دٻجي وينداسين

دورن ۾ دٻجي وينداسين
رسمن ۾ لٽجي وينداسين

ٿي زبانون حق جون ڳالهايون
توڙي جو ڪٽجي وينداسين

تنهنجي وڇوڙي وٽَجي کاڌا
واٽن جيئن وٽجي وينداسين

تنهنجو لهجو هيٺ جهڪيو جي
مصلي جيئن رکجي وينداسين

تو جيڪر هڪڙو ٽهڪ ڏنو
خوشبو ۾ رچجي وينداسين

تنهائي ۾ پالَ ٿيون پيا
ڳاڙها ٿي رسجي وينداسين

ڇورا ٿينداسين او سائر!
توکان جي کسجي وينداسين

ورد ميهار جو مان ڪندي ٿي وتان

ورد ميهار جو مان ڪندي ٿي وتان
پير ڇوليون ڪري سير ترندي وتان

ائين تاڻي نه هل پنهنجي ڇاتي مٺي
مان ٻڏي شرڪ ۾ هاءِ مشرڪ نه ٿيان

کول سر سوز جا گيت جهونگار ڪي
تون لتا جيئن ڳاءِ شاعري مان لکان

منهنجو ايمان پڪو زور ڪيڏا لڳاءِ
باھ ڀڙڪا ڏئي ڀل اڃان مان پچان

ڏور آهي سفر ڏيل منهنجو ڏڪي
بند پيا نيڻ ٿين ڪيئن تو وٽ پڄان

تيز طوفان کڻي عشق مون مان اٿيو
آھِ لوري لڳل ماڳ شل مان رسان

اجنبي اجنبي تنهنجون سائر اکيون
دوستي دلبري تو منجهان مان سکان

اک منهنجي گناھ ٿي پوکين؟

اک منهنجي گناھ ٿي پوکين؟
ڇو نه وک وک تي شاھ ٿي پوکين؟

مان ته ڳوڙهن جو آهيان نوحو
مون ۾ محرم جو ماھ ٿي پوکين

مال توکان کسي وڏيرو ويو
هارياڻي! ڇو گاھ ٿي پوکين؟

رنجشن جو ڄڻيو ڇو سانوڻ ٿي
چاهتن جي نه راھ ٿي پوکين

ڏات مون تي نزول ٿي آهي
ڪيئن سائر ۾ ساھ ٿي پوکين

تنهنجي اچي وڃڻ جو ويلو اچي ويو

تنهنجي اچي وڃڻ جو ويلو اچي ويو
منهنجي خوشي ڪرڻ جو ويلو اچي ويو

هن امن جي نگر ۾ ڇو آ اڃان انڌيرو
اڄ ديپ ٿي ٻرڻ جو ويلو اچي ويو

ڪيسين رهان پراهون مان پيار جي نديءَ کان
هڪ هڪ لهر ترڻ جو ويلو اچي ويو

هو چنڊ ۽ ستارا سڀ جهول ۾ کڻان مان
ڪنهن گهاءَ جي ڀرڻ جو ويلو اچي ويو

هي راڳ رقص ۾ آ هي بزم رقص ۾ آ
نچ ناچڻي نچڻ جو ويلو اچي ويو

ڪيسين رهون هتي سائر ماڳ پنهنجو ٻيو ڪو
هل هاڻ هل ، هلڻ جو ويلو اچي ويو

هلي اچ هوا ساڻ گڏجي گهمون

هلي اچ هوا ساڻ گڏجي گهمون
انهيءَ همنوا ساڻ گڏجي گهمون

چٽي ڇڏ اکين سان اسانجو بدن
اوهان جي ڪلا ساڻ گڏجي گهمون

ڪيون پٻَ هيٺان وري اچ سسئي
پنهونءَ جي ڏسا ساڻ گڏجي گهمون

ملي ڪو نه سگهندا زمين آسمان
وگرنا قضا ساڻ گڏجي گهمون

عنادل گلستان ۾ ٻولي پئي
انهيءَ جي صدا ساڻ گڏجي گهمون

وڇوڙي جو امڪان نه جنهن سان رهي
انهيءَ دلربا ساڻ گڏجي گهمون

وسن رب جون سائر سدا رحمتون
امڙ جي دعا ساڻ گڏجي رهون

واءُ ويڙهي وڇاڻو ٿي اچين ها

واءُ ويڙهي وڇاڻو ٿي اچين ها
ڪو اکين جو ٺڪاڻو ٿي اچين ها

انگ منهنجا اگهاڙا هو تڪين پيا
تون وڳو ڪو پراڻو ٿي اچين ها

موت پرديس بڻجي ڇو پڳو آن
ڏيھ مون لئِه اباڻو ٿي اچين ها

هانءُ گلشن جو روڙي ويو خزان آ
شل ڦڳڻ جو اڏاڻو ٿي اچين ها

ڪو ڳڀو ڀور ٻارن لاءِ نه هيڙو
چنڊ تون ئي هنداڻو ٿي اچين ها

سک جي ديوار تان سائر ڪريو هو
همسفر ۽ وراڻو ٿي اچين ها

چنڊ منهنجو وڳو آهي

چنڊ منهنجو وڳو آهي
فلڪ تي هو اجهو آهي

مان اگهاڙو وڻن وانگر
واءُ ٽوڙيو وڳو آهي

پاپ پوڙها ٿي پيا آخر
ٿيو قدم پڻ جهڪو آهي

آڱريون ڪيئن نه هي مرڪن
تو ڏنو جو ڇلو آهي

پيٽ منهنجو بکارو هي
بک سهي ٿيو پڪو آهي

مهڪ ٿي باغ جي سائر
ڪو ڦٽي پيو سلو آهي

زلف پنهنجا تون ڄار ٿي سمجهين

زلف پنهنجا تون ڄار ٿي سمجهين
جڳ سڄو گرفتار ٿي سمجهين

تون اسان کي ائين پئي ٽوڙين
ڄڻ ڀتو ڪوئي هار ٿي سمجهين

ڪيئن خزان باغ سان ٺهين آخر
تون گلن کي جو خار ٿي سمجهين

هيڪلائي چڙهي ڪلهن تي وئينءَ
مون کي شايد ڪو ڏار ٿي سمجهين

زندگي ائين وڃي رهين آهين
ڏور پنهنجو ڪو پار ٿي سمجهين

تون آن آڪاس مان زمين سائر
پاڻ سان ڇو شمار ٿي سمجهين

آسمان جي بزار ڪا ڏسجي

آسمان جي بزار ڪا ڏسجي
ڪهڪشان جي قطار ڪا ڏسجي

چوڏسا گل ٽڙي پون جيڪر
ڇو نه موسم بهار ڪا ڏسجي

لڙڪ پنهنجي سنڀال ۾ رکجن
ڪين ڪنهنجي ميار ڪا ڏسجي

بي نظيرن جا سر پيا وڍجن
حوصلن جي ترار ڪا ڏسجي

تيز طوفان ڇو لٽي لهرون
تنهنجي سائر سنڀار ڪا ڏسجي

روح جي تار تائين به پهچي وڃو

روح جي تار تائين به پهچي وڃو
رب جي ديدار تائين به پهچي وڃو

گهگهه انڌيرو ويو ٿي ته ڇا ٿي پيو؟
اي پکيو! پار تائين به پهچي وڃو

زندگيءَ کي چکائي حقي ذائقو
موت ميهار تائين به پهچي وڃو

آمريڪا، لنڊن، چين ڀي ٺيڪ ، پر
سنڌ جي پيار تائين به پهچي وڃو

“ڪن” سان سائر ٿيل واعدو ڀي اٿو
ان ئي اقرار تائين به پهچي وڃو

حسن جو جهان آهين

حسن جو جهان آهين
منهنجو امتحان آهين

رات ڀاڪرن ۾ هئين
ڏينهن جو گمان آهين

زندگي ڪٿان آئينءَ؟
ڪنهنجو آستان آهين

منهنجي ڀروسي جو تون
دوست آسمان آهين

تنهنجي مان ڪهاڻي ۽
منهنجو داستان آهين

گهم ڪٺي تون سائر سان
منهنجو ڪاروان آهين

تنهنجو دل تان ويو جمال نه آ

تنهنجو دل تان ويو جمال نه آ
هوش پنهنجو اڃان بحال نه آ

وقت مونکي وڃي پيو ويڙهيون
جيئري هي اڃان زوال نه آ

مند هوندي وَسي تون ويندو آن
رُتِ بنا جي وسين ڪمال نه آ

جنهن سڄي رات مڌ پياريو آ
ڇا رِندو هي اڳيون ڪلال نه آ

سنڌ کي ڏي وري ڀٽائي تون
اي خدا هي وڏو سوال نه آ

منزلون هي ڏکيون لڳن ٿيون پر
پو به سائر پڄڻ محال نه آ

سور کي سرمو ڪري پيو پائجي

سور کي سرمو ڪري پيو پائجي
هن اکين جو درد تنهن سان ڳائجي

حسن ربُ ، حسنِ ﷴ ، حسن ڇا؟
حسن جي آڏو اُڪو هارائجي

هي متاثر ٻوڏ جا ڀٽجن پيا
تن کي ٻچڙن سان سڏي کارائجي

اک روئي ٿي ڪراڙي جهور وئي
پيار جوڀن ان طرف موٽائجي

چنڊ تنهنجو ويو بدن بڻجي پرين
کيس تنهنجو حسن پيو پارائجي

سنڌ جو سائر سچو آهي سپوت
غير کي سائر هٿان مارائجي

ديد جو نشان ٿي ويس

ديد جو نشان ٿي ويس
لا پتا مڪان ٿي ويس

تنهنجي جيئن ثنا ڪندو ويس
مان وڏو بيان ٿي ويس

تياڳ تنهنجي يرغمال ڪيو
درد جو جهان ٿي ويس

جيئن هوا بدن ڇهي پئي
مان سڄو گمان ٿي ويس

تون گلن جيان ڦٽي پئينءَ
مان به باغبان ٿي ويس

چنڊ جي ٿي ويجهڙو ته مان
چاندنيءَ جو شان ٿي ويس

ڪربلا ۾ سوڀ ڪنهنجي ٿي
مان “حسين” ڪامران ٿي ويس

زندگيءَ ۾ انجامي ته ٿيءُ

زندگيءَ ۾ انجامي ته ٿيءُ
يا لحد ۾ سلامي ته ٿيءُ

زندگي پارسائي جو ڦل
تون ڳهيلا سوامي ته ٿيءُ

راھ هيڪل آ ماڻهو نه ڪو؟
درد ۾ هم ڪلامي ته ٿيءُ

عارضي چاھ کي ڇا ڪندس
تون محبت دوامي ته ٿيءُ

اي پرھ ٿي، ڪبوتر اڏام
يار جي در پيامي ته ٿيءُ

لوڪُ سائر مداحي ٿئي
پر تون شاعر عوامي ته ٿيءُ

اگهاڙپ بک ڪڏهن آخر ڍڪيندي

اگهاڙپ بک ڪڏهن آخر ڍڪيندي
ننگو دنيا ڪري مون کي ڇڏيندي

مان جهرڪين جيئن لڪي ويهان وڻن تي
اچي هو باز وانگر نه ته جهٽيندي

اجايو ٿو جلين تون جاڳ ۾ پيو
سمهي پئُه سانوري توڏي نه ايندي

اوهان جي بي رخيءَ جا ڏنگ سهندي
حياتي زهر پئي آهي ڦڪيندي

اڏي مان پوپٽن وانگر جو ايندس
دري کولي هو مون ڏي پئي تڪيندي

رنگن ۾ روح پئجي ڇو نه ويندو
پسائي هوءَ جو پوتي ڇنڊيندي

ڳنڍڻ سائر جا لڱ گهرندي نه آ ڇا
وڇوڙي جا جو پرزا آ مٽيندي

ٿر اڃارو اڃارو پسان

ٿر اڃارو اڃارو پسان
تنهن تي مان بادلن جيئن وسان

منهنجو نالو ئي سهڻي رکو
آنءُ سنڌو نديءَ سان ٺهان

مون کي محبوب جو ڏس ڏيو
مان ته هر هر ڊهي ٿو ڊهان

سج اڃاري نديءَ تي لهي
مان اڃارين اکين ۾ لهان

تون پنهونءَ جيئن هتان وڃ کڄي
مان به سسئي ٿي توکي لهان

منهنجون ارڏايون ٿيون چون
ڪاش ڪنهنجو سهي ڪکُ سگهان

مون کي ميهار جيئن تون پڪار
ڏس ته سائر تري ٿو اچان

عشق آهي بلا پاڻ جانچي وٺون

عشق آهي بلا پاڻ جانچي وٺون
ڏنگ ان جو ڀلا پاڻ جانچي وٺون

هل هلون چنڊ تي چار پل ڪي ٽڪون
هو خلا ۽ خدا پاڻ جانچي وٺون

نانگ حُب جو ٿيون محب ويٺا ڏسون
هوءَ غارِ حرا پاڻ جانچي وٺون

رمز تبريز سان محُو رومي ٿيو
خوب اهڙي ادا پاڻ جانچي وٺون

عشق صوفي هجي رقص صوفي هجي
عشق جي سا بقا پاڻ جانچي وٺون

نانگ ماري وڌو ڏنگ انسان جي
هيءُ سائر لقا پاڻ جانچي وٺون

سال ليکي پراڻا ڏئي ويو

سال ليکي پراڻا ڏئي ويو
موت جهڙا وراڻا ڏئي ويو

بند ڪوٽن مان آڻي اڄ هو
مون کي مارو اباڻا ڏئي ويو

ننڊ ساڀيان اکين جي چورائي
خواب خالي اياڻا ڏئي ويو

ڍنڍ اونهي ۾ آڻي مون کي
ڪي انوکا مهاڻا ڏئي ويو

بي سڪوني جي پهچائي ماڳ
دل کي زخمي ٺڪاڻا ڏئي ويو

نانَ عيوض هي جڳ سائر کي
چنڊ جيڏا هنداڻا ڏئي ويو

تسڪين وڃائي ٿي انڌوڪار پڳي آ

تسڪين وڃائي ٿي انڌوڪار پڳي آ
يادن جي تکي تيز ڪا تلوار پڳي آ

موسي‘ به مان ناهيان نه هتي طور ڪو آهي
جلون جي هتي پوءِ ڇو چمڪار پڳي آ ؟

يوسف به پڳو آھ ، زليخا به پڳي آ
هر مصر جي بازار خريدار پڳي آ

گلڙن جي مٿان ماڪ جا قطرا ٿي وسائي
هوءَ صبح جي هِيرُنِ جيان ، ٿي وسڪار پڳي آ

ڪو پيٽ نه پالي ٿو سگهي پنهنجو هتي ڪو
عمران جو دجّال جي سرڪار پڳي آ

ستَ ڀرم کڻي هنج ۾ وڏيري جي محل ۾
هڪ گرھ جي لئِه ماءُ ڪا بيمار پڳي آ

هر ظلم پڳو اوج تي سائر آ وڃي هت !
هن قوم ۾ ڄاڻان نه ڇو ماٺار پڳي آ !!

اڄ ونڊي ڪي پيار پل ويهي رهون

اڄ ونڊي ڪي پيار پل ويهي رهون
اک وڇائي يار پل ويهي رهون

گل گلابي ماڪَ ۾ آلا ٿيا
پاڻ ميڙي خارَ پل ويهي رهون

ڇو ڏسون ڪڪرن لئي آڪاش ڏي؟
پنهنجا کولي وار پل ويهي رهون

گفتگو تنهنجي مٺي آهي مٺا !
مرڪَ ماکي لار پل ويهي رهون

شهر تنهنجو گهٽ نه جنت کان ٿيو
نعمتن جا پار پل ويهي رهون

هي نِمُون ڪيڏيون ٿڌيريون ٿيون لڳن
گهاٽا ڳولي ڏار پل ويهي رهون

صبح ساجهر موڪلي سائر چٺي
ساري تنهنجي سار پل ويهي رهون

خيال پنڇي اڏار ۾ آهي

خيال پنڇي اڏار ۾ آهي
درد برسيو بهار ۾ آهي

قيد منظر ڪري ڇڏين ٿي تون
تنهنجي طلسم نهار ۾ آهي

امن جو تو اجهو ڪپيو ڳاٽو
هٿ تنهنجو ترار ۾ آهي

ڪا ته مکڙي نئين ٽڙي آهي
ڀونئر هر هڪ خمار ۾ آهي

پيار جي ڳالھ منفرد آهي
جيت هوندي ئي هار ۾ آهي

ڪا جواني وسڻ پڳي آهي
موج سائر ملهار ۾ آهي

آئون ڀٽڪيل مڪان ۾ ڄايس

آئون ڀٽڪيل مڪان ۾ ڄايس
بي بقا هن جهان ۾ ڄايس

منهنجو سينو پروڻ آهي ٿيل
آئون تير و ڪمان ۾ ڄايس

سک نه مون ساڻ مُور ٺهندا هن
غم هجر داستان ۾ ڄايس

شڪر رب جو مڃان ٿو جو آئون
ڪنهن سٺي خاندان ۾ ڄايس

مان وڏو واقعو پيو سڏجان
آئون سرخين بيان ۾ ڄايس

ڪير هن جڳّ کي هلائي ٿو؟
مان به ڪهڙي گمان ۾ ڄايس

مون ڏي سائر نه ڪنهنجو آ توجهه
لوڪ هن بي ڌيان ۾ ڄايس !!

سوچي ڇو سوڙهو ڪيون

سوچي ڇو سوڙهو ڪيون
ذهن هي ، پوڙهو ڪيون

چپ چپن تي ٻئين رکي
لڙ لنبي لوڙهو ڪيون

نهَن نڙيءَ ۾ وچڙندي
ٽوڙي ٿا ٽوڙهو ڪيون

ونجھ جوڙي وصل مان
هجر کي هوڙهو ڪيون

ڪو نه وڻجارو پڳو
ديد هر ڳوڙهو ڪيون

پل پکي بي گهر ڪجي
وڻ وڍي ٺوڙهو ڪيون

خيال جوڙي ڪي عميق
ڏات کي ڏوڙهو ڪيون

سُکَ ڇڏي سائر رسيو
ڪانڌ ڇو ڪوڙهو ڪيون

ڄڻ تنهنجو احوال پڇي ٿو

ڄڻ تنهنجو احوال پڇي ٿو
ڳوڙهو ڳل کي روز چمي ٿو

آڌي رات اٿي تو وانگر
تنهنجو مون سان درد سمهي ٿو

منهنجي جوڀن جو وِتُ سارو
پيري جي ٿانءَ منجهه ڀُڄي ٿو

منهنجي دل هيسيل جهرڪيءَ جيان
روڪ اکين جو باز ، اڏي ٿو

منهنجي ماضيءَ جو هندورو
ڀاڪر تنهنجي منجهه لڏي ٿو

وقت وڏيرن وانگر سائر
وک وک تي هر روز ٿڏي ٿو

ريءَ چمين جي چپن جو ڇا ٿيندو؟

ريءَ چمين جي چپن جو ڇا ٿيندو؟
منهنجي گورن ڳلن جو ڇا ٿيندو؟

روز اغوا وڃن پکي ٿيندا
پوءِ ويچارن وڻن جو ڇا ٿيندو؟

روز عالم ٿيا وڃن آباد
سنڌ منهنجي وطن جو ڇا ٿيندو؟

شاعري تو لکڻ ڇڏي آهي
ڏس پو ڪورن پنن جو ڇا ٿيندو؟

جي اڇان ڀي گذر نه ٿيو تنهنجو
ڳوٺ جي هن دڳن جو ڇا ٿيندو؟

پياڪ سارا پيئڻ ويا جي ڇڏي
پوءِ موکِي مَٽن جو ڇا ٿيندو؟

منهنجي سائر جي ڀاڪرن مان وئين
منهنجي ٻانهن ٻکن جو ڇا ٿيندو؟

اٿاريون وطن لاءِ آواز گڏجي

اٿاريون وطن لاءِ آواز گڏجي
وڄايون نغارو هي سر ساز گڏجي

اسان ماٺ جي ڪو نه ٻولي سکي آ
ڪيون دوستو حق لئِه پرواز گڏجي

گهرن مان کنڀيا روز ڇا لئِه وڃون ٿا
ٿي نڪرو قلندر ۽ شهباز گڏجي

اسان سنڌ ڄايا ننڌڻڪا ته ناهيون
ڏيو ساٿ هڪٻئي جو همراز گڏجي

ڏني سنڌ غيرت جي لولي اسان کي
ڌڪاريون هي ڪائنر دغا باز گڏجي

هي سارنگ ، عنايت ڄڻيا سنڌ آهن
پيا سائر ڪندا سنڌ ۾ ناز گڏجي

وقت انهيءَ ويري تي پهتا آهيون

وقت انهيءَ ويري تي پهتا آهيون
پاڻ اچي پيريءَ تي پهتا آهيون

هت نه سڪندر نه قلندر ئي رهيا
ڇو تيري ميري تي پهتا آهيون

گڊ هرڻن جا ته شڪار اسان کان ويا
هڻ* ڳيري ڳيري تي پهتا آهيون

ترڪ ڪري نيڪ نيتن وارا ڪم
هن سود و خوري تي پهتا آهيون

وقت اسان کان شهر ڇڏايا سائر
هاڻي اچي ميري* تي پهتا آهيون


• هڻ ـ سرائيڪي لفظ ـ هاڻي
• ميري ـ ڳوٺ جو نالو

روپ ڪينجهر جو ، ڪا راڻي مون ڏٺي

روپ ڪينجهر جو ، ڪا راڻي مون ڏٺي
رڇَ ڪلهن تي ۽ مهاڻي مون ڏٺي

ٿي اياڻي هُن پٺيان ڊُڪندي رهِي
ڪو نه پنهنجي دل سياڻي مون ڏٺي

رات تنهنجو بدن چمّي چنڊ وِيو
سا سندس عادت پراڻي مون ڏٺي

رنج ٿيندا ٿي ويا رنجن پٺيان
ڪو نه رنجن جي پڄاڻي مون ڏٺي

مان ته سائر ٿي رڻن ۾ ئي رُليس
ڪو نه پنهنجي اُڃ اجهاڻي ، مون ڏٺي

درد سرمو ڪيو آئون پايو وتان

درد سرمو ڪيو آئون پايو وتان
زندگي پنهنجي نابين بڻايو وتان

هجر جي شام ٿي روز مون ۾ لهي
درد سان محفلون مان مچايو وتان

منهنجي دولت سڄي نانءِ تنهنجي پرين
مان ته خود کي اوهان جو سڏايو وتان

وجد ۾ مان اچي هن ڳلين ڳوٺ ۾
نينهن پنهنجو هي نانگو نچايو وتان

توڻي جو آهيان مان زنده پو به ڇو
پاڻ مئلن جيان ٿو کڻايو وتان

موت منهنجي مٿان ڄڻ ڪو جاسوس آ
زندگي پنهنجي سائر لڪايو وتان

آ سنڌ مقدس ڪتاب وانگي

آ سنڌ مقدس ڪتاب وانگي
چمان ٿو تنهنکي ثواب وانگي

ملين ته مهڪي پوان گلن جان
وڃين ته دنيا عذاب وانگي

اوهان جون اکڙيون مڌر جا پيالا
پيئان مان تن کي شراب وانگي

اڃان نه کڻندين ، اڃان نه کڻندين
اهي ڇا اکڙيون حجاب وانگي

سکي پڳي آهي ٿي مٺي کان
اچي ٿي خوشبو گلاب وانگي

وهن ٿا رت جا ڦڙا گلن مان
ڪهي خزان وين قصاب وانگي

وڃي تو وسندين وساءِ سائر
اسان سهي هون سراب وانگي

توتان نڇاورُ آهيان

توتان نڇاورُ آهيان
عشقِ اڪابرُ آهيان

تنهنجو مداحي آهيان
تنهنجو ثناگر آهيان

مان سنڌ جو رکوالو
دودو دلاور آهيان

مان بي تحاشا آهيان
مرڻو بظاهر آهيان

ڪا اوچ نيچ نه ڌاريان
مان ڪو نه ڏاهر آهيان

پنهنجا ٺڪاڻا ڪهڙا؟
سائر مسافر آهيان

هو شخص ڏاهو ٿي لڳو پُرُ مئڪشي ۾ جو هيو

هو شخص ڏاهو ٿي لڳو پُرُ مئڪشي ۾ جو هيو
سچ جي پڇو پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ جو هيو

ٿيا مست تارا چنڊ پڻ منظر ڪشي اهڙي ڏسي
تنهنجو سنهري جسم سهڻي هي نديءَ ۾ جو هيو

تون مسجدن ۾ ڇو انهيءَ کي ٿو تلاشين پيو ميان؟
ويٺو ابد ۽ پڻ ازل کان آدميءَ ۾ جو هيو

سِرُ هي جهڪيو ٿي ها مگر دل ڪا نه منهنجي پئي جهڪي
ڪاٿي مزو پهريون رهيو هن بندگيءَ ۾ جو هيو

ٿي خيال سائر کڙ کٻيتن جئن ٻريا هن اڀَ تي
۽ کٽ ڇڳل تي هو ستو پيو جهوپڙيءَ ۾ جو هيو

ايڏا هي گل تنهنجي هٿن تي !

ايڏا هي گل تنهنجي هٿن تي !
پيار جو تحفو آ ، يا ٻيو ڪجهه؟

تنهنجون هي نظرون ، تيز ڇريون
دارَ جو تحفو آ ، يا ٻيو ڪجهه؟

مون ۾ اُڻُ تُڻُ ۽ لڇَ پڇَ ڪيڏي
سارَ جو تحفو آ ، يا ٻيو ڪجهه؟

هيرو تو مان گهلي مون ۾ پون
هارَ جو تحفو آ ، يا ٻيو ڪجهه؟

ڪونجون چوٻول ڪنديون ٿيون اچن
پارَ جو تحفو آ ، يا ٻيو ڪجهه؟

مون ۾ سائر ، مُرڪون مُرِڪن
يار جو تحفو آ ، يا ٻيو ڪجهه؟

دلڙيءَ جون ضرورتون وڃو ٿي

دلڙيءَ جون ضرورتون وڃو ٿي
هر درد جون پورتون وڃو ٿي

عملن جو ثمر ڪٿي آ ، آقا؟
در ربَ جي پارتون وڃو ٿي

دلدار تڪيان ٿو واٽ تنهنجي
ايندي ئي مهورتون وڃو ٿي

جنهن ۾ نه جدت سگهيو ها آڻي
تنهن ڏات جون شهرتون وڃو ٿي

اڄ جام ۽ مئڪشي پئي ڇُلڪي
هن بزم جون دعوتون وڃو ٿي

انصاف جتان ملي ڪو سائر
ان حق جون عدالتون وڃو ٿي

وٺڻَ سونهن چنڊ تو ۾ لٿو آھ

وٺڻَ سونهن چنڊ تو ۾ لٿو آھ
ستارن جو ان پٺيان ڪو جٿو آھ

خدا جو ميان هي گهر نه ، آ درگاھ
جهڪايو تو ڪوهه پنهنجو مٿو آھ

جنم نفرتن کي جڳ ۾ ڏئي لوڪَ
رکيو هٿ ۾ ڪلفتن جو هٿو آھ

حياتيءَ کي ائين ويڙهجي ويو آ
اهو موت آھ يا ڪو کٿو آھ

غمن جو پهاڙ دوست اماڻيو تو
اوهان جو تڏهن حسينُ ڊٿو آھ

توکي وٺڻ پڳو هان ، خالي ته ڪو نه ويندس

توکي وٺڻ پڳو هان ، خالي ته ڪو نه ويندس
پنهنجو ڪرڻ پڳو هان ، خالي ته ڪو نه ويندس

ڌر نڀ سان اَنُ جهيڙي ، تو لئِه ڪيم بغاوت
جيئڻ مرڻ پڳو هان ، خالي ته ڪو نه ويندس

تون جيڪڏهن آن سسئي ، مان ڀي پنهل ئي آهيان
سِرُ هي ڌرڻ پڳو هان ، خالي ته ڪو نه ويندس

گجگوڙ ٿي اکين جي ، بادل ويا جن مان ڀرجي
ٿي مينهن وسڻ پڳو هان ، خالي ته ڪو نه ويندس

لهرن ۾ تنهنجا واڪا ، لهرون اچن پِيون توڏي
سائرَ ترڻ پڳو هان ، خالي ته ڪو نه ويندس

مون ۾ تصوف آهه خدائي ، ۽ پارسائي

مون ۾ تصوف آهه خدائي ، ۽ پارسائي
مون مان ٿين وضو نه اجائي ، ۽ پارسائي

مون ٽياس سرمديءَ جو شهيدن جيان ڏٺو آ
رتبو سمجهه نه منهنجو هوائي* ، ۽ پارسائي

وحدتَ جا پنڌَ مون ۾ وسن ، ۽ وسان مان ان ۾
هي عورتاڻو ڪم نه ، نرائي ، ۽ پارسائي

رومي ڇو شاهه منجهه ٿا ڳوليو اڙي او صوفيو؟
تبريز جنهن ۾ رمز رچائي ، ۽ پارسائي

مون پيءُ ڪٺو ۽ امان به ڪٺي ، ۽ ڪٺو قبيلو
سائر ملي جو ذات هڪائي ، ۽ پارسائي



• هوائي ـ اجايون / فضول خبرون

پکين جو وڻن تان ٽٽو ڀروسو

پکين جو وڻن تان ٽٽو ڀروسو
وٽن ٽاههَ جو ڪنهن مڪو ڀروسو

وڃي علم جي پوک وڌندي هتي
سجاڳيءَ جي گل جو ڦٽو ڀروسو

ڄميا جيئن ئي بي وڙا آدمي
هٿان تن جي آهي ڪٺو ڀروسو

بکي ٿي امڙ بک ۾ وڪڻي ٻچا
خدائي کان آهي رٺو ڀروسو

هيو پنهنجو منزل تي پڄڻو ، مگر
وڃين ڇو آ اڌ ۾ کٽو ڀروسو؟

غزل منهنجا سائر رکن ٿا جدت
اٿم شاعريءَ تي سٺو ڀروسو

وسڻو تنهنجي وارن کي آهي

وسڻو تنهنجي وارن کي آهي
ڪڪرن جهڙن ڪارن کي آهي

ماءُ بکارو جهول ڀري ايندي
الڪو ڏاڍو ٻارن کي آهي

جهول پکين کان خالي نه متان ٿئي
خوف وڻن جي ڏارن کي آهي

تون جو هينئر گذري وئي آهين
ساهه پيو ڄڻ چارن کي آهي

باغ ڪبا تنهنجا سرها مالهڻ
روڪڻ منهنجو خارن کي آهي

هيل هوا ۾ واري اڏري پئي
ڪيڏي پياس ڪنارن کي آهي

سائر هوءَ ستي آ آڳر تي
چُر پُر ٿي وئي تارن کي آهي

باهه جهڙيون بکون پهتيون پيٽ تي

باهه جهڙيون بکون پهتيون پيٽ تي
اڄ اٽو ٿو ملي رت جي ريٽ تي

ڪا خوشي ڪونه آئي منهنجي اڱڻ
درد هو هانءُ جي بيٺو کيٽَ تي

بارشون يار مرڪڻ واريون نه هيون
کوڙ سڏڪا چپن جي هئا ٻيٽ تي

پاڻ ساري ڇڏيو مون سگريٽ سان
هر تمنا رکي هن پاڪيٽ تي

ٿيون اڄوڪيون گهرن مائيون شيمپو
ڪا هري ئي نٿي ڏيهي ميٽ تي

نٿَ اٿم پاتي تنهنجي نانءَ جي
نانءُ تنهنجو لکيو آ لاڪيٽ تي

ياد اسڪول جي سائر آ اڃان
مار کاڌي تو منهنجي هئي ليٽ تي

بيڏوهه ، نظر جو تير هنيئي

بيڏوهه ، نظر جو تير هنيئي
الفت جي اکر جو تير هنيئي

ڀاڪر ۾ پرين پنهنجي ويڙهي
زلفن جي ولر جو تير هنيئي

ڪر ياد سياري جا لمحا
ڪو سرد پهر جو تير هنيئي

هر خواب ڪکائون منهنجو
تعبير شهر جو تير هنيئي

هر آس ٿي سڏڪي هن دل جي
اي سونهن مڪر جو تير هنيئي

اي مير تو منهنجي حسرت کي
ڏک درد چٿر جو تير هنيئي

هن ڪونج جيان وڇڙي دل کي

هن ڪونج جيان وڇڙي دل کي
سڏڪن جي ثمر جو تير هنيئي

هر ٿانءُ پيو سڏڪي گهر ۾
ڇو وقت ڏڪر جو تير هنيئي

جوڀن جو ڪنارو تڙپيو پئي
ڇو سمنڊ لهر جو تير هنيئي

جوڀن جو ڪنارو تڙپيو پئي
ڇو سمنڊ لهر جو تير هنيئي

ڳوڙهن سان ڀڄي سڀ پاند ويا
ڪيڏو نه هجر جو تير هنيئي

هن عمر جي نس نس ۾ سائر
هر وقت زهر جو تير هنيئي

اڏار تنهنجي عرش تي ڪٿي پڄي به مان پڄان

اڏار تنهنجي عرش تي ڪٿي پڄي به مان پڄان
اڏام جيتري رکان اُڏي اُڏي ٿڪي پوان

نه ديپ ٻار هيڪلي تکي هوا ۾ ڪامڻي
چئو رڳو چپن سان مان اجهو ئي ٿي ٻري ٻران

سمونڊ کي ٻنڌو ڏنم ۽ چنڊ تي چڙهي ويس
زمين تي رهي به آنءُ عرش تي نظر رکان

ڪڏهن ڪڪر جي ڳنڍ کي رکي ڇڏيان اکين ۾ ٿو
ڪڏهن رڻن ڪڏهن وري ٿو جهنگلن ۾ مان رهان

حُسينُ ڪربلا ۾ ، ڪربلا زنده حُسينَ ۾
شهادتن جو جام ٿو تڏهن ڀري ڀري پيان

وقت توسان اڙيو پيو آهيان

وقت توسان اڙيو پيو آهيان
هر قدم تي لڙيو پيو آهيان

مرڪ ناهي رهي چپن تي ڪا
فرقتن ۾ سڙيو پيو آهيان

هجر جي قيد ۾ پيو تڙپان
مان غمن ۾ ڪڙيو پيو آهيان

پيار جي هنجهه جا ڪيئي خالي
پيار ان لئِه رڙيو پيو آهيان

غم جو عالم ويو ڪوئي ارپي
هر خوشيءَ کان تڙيو پيو آهيان

هجر جي آبَ آ ڇڏيو ٻوڙي
منجهه سائر لڙهيو پيو آهيان

پکين جي ٺڪاڻن جون ڳالهيون ٻڌو

پکين جي ٺڪاڻن جون ڳالهيون ٻڌو
اٻوجهن نماڻن جون ڳالهيون ٻڌو

لڇي ڀاڪرن جو پيو بسترو
اڪيلن وهاڻن جون ڳالهيون ٻڌو

سياڻن کي هرڪو ٿو ويهي ٻڌي
ڪڏهن ڪي اياڻن جون ڳالهيون ٻڌو

ٿي اغوا مڇي ، ڍنڍ هڙتال ڪئي
ڏکايل ، مهاڻن جون ڳالهيون ٻڌو

لفافن کي کولي پڙهو ڀي ڪڏهن
پرين خط پراڻن جون ڳالهيون ٻڌو

اگهاڙيون وڻن جون ٿيون لامون لڳن
لونِ جون ۽ لاڻن جون ڳالهيون ٻڌو

ٿين قيد سائر جيان بيگناهه
ٿڪل يار ٿاڻن جون ڳالهيون ٻڌو

ٻار منهجي پٺيان بکن جهڙا !!

ٻار منهجي پٺيان بکن جهڙا !!
منهنجا جذبا به ٻن وکن جهڙا !!

شاعري مونکي ماءُ جئن پياري
شعر مونکي مٺا ٻچن جهڙا

دل جي رڻ تان لنگهي رهيا آهن
درد تنهنجا اهي اٺن جهڙا

خط وري اڄ مليا سنهري هن
هاءِ تنهنجي چمين چپن جهڙا

ڇال هرڻي جيان تون ڏيندي آن
هٿ پرين جي اٿئي هٿن جهڙا

اڄ ته سائر کي ويڙهه خود ۾ ئي
تنهنجا ڀاڪر صنم عدن جهڙا

ڏسي اوهان کي چمن ٿو مرڪي

ڏسي اوهان کي چمن ٿو مرڪي
گلن جو پن پن عدن ٿو مرڪي

اوهان پڄاڻان اداس آهيون
نه تن ٿو مرڪي نه من ٿو مرڪي

اٿيا وٺڻ حق ٻچا حلالي
ڏسي سي جوڌا وطن ٿو مرڪي

ڇهاءَ تنهنجي کي اڄ به ساري
سندم يقينن بدن ٿو مرڪي

شهادتن جي وري آ موسم
مٽي ٿي مهڪي ڪفن ٿو مرڪي

نه آس جو وڻ سڪي ڪو سائر
وصل جو سائو صحن ٿو مرڪي

کٽ ڇڳل تي سمهي رهيو آهيان

کٽ ڇڳل تي سمهي رهيو آهيان
بک جو ڳوڙهو اگهي رهيو آهيان

درد تنهنجي ڇني رهيو آهي
آئون مڪمل ٽٽي رهيو آهيان

هجر ۾ مان ٻري ٻري هاڻي
ميڻ وانگر اجهي رهيو آهيان

وصل جي خلش پئي چڀي مون ۾
مان صدين کان چڀي رهيو آهيان

زندگي منهنجي ٿي جيئن معذور
پاڻ سان مان رسي رهيو آهيان

ڇو غريبي مٿان کليو پيا ٿا
لوڪ کان مان پڇي رهيو آهيان

رات اونداهه کي تڙي سائر
باک وانگر ڦٽي رهي آهيان

تون وڇوڙا ٿي ڇٽين دل جي ڀٻنيءَ ۾

تون وڇوڙا ٿي ڇٽين دل جي ڀٻنيءَ ۾
وصل مان تنهنجي اچي سرهي چنيءَ ۾

کيپ مون تي ٿا وڃن چڙهندا هزارين
هن چمي پڪ ڪا اماڻي آ چٺيءَ ۾

چنڊُ هي ڪنگڻ جڙي توکي ڏجي ۽
سئُو ستارا ٽاڪجن تنهنجي چنيءَ ۾

گهر سڄو خوشبو وڃي ٿيندو پيو اڄ
ڇا الئِه آهي رڌيو جيجل ڪنيءَ ۾

مينهن ۾ هڪ ٻار پسندو پيو وڃي ۽
آنءُ بيٺو هُوس پنهنجي گيلريءَ ۾

زندگي تو کان سو بيڪار آهي
اڄُّ اڇلي ٿو ڇڏيان آئون رديءَ ۾

مون کي جنت ئي تڏهن ملندي اي سائر
مان دفن ٿيندس جڏهن سَنَڌ جِي مٽيءَ ۾

جهڙالي مند ۾ تنهنجو گرم ڀاڪر هجي ها

جهڙالي مند ۾ تنهنجو گرم ڀاڪر هجي ها
اسانجو ان گهڙي ڏَسِ سرُ ڪٿي دلبر هجي ها؟

اسان جو ديس هي جرڪي پوي هان دوستو پر
نه هُو آصف نه هي عمران ئي ليڊر هجي ها

اوهان جو عشق مونسان جي سسئي وانگر هجي ها
ته پو قدمن اوهان جي هيٺ هي ڏونگر هجي ها

اوهان جي ڪاهه ڀل ابره جيان مون تي هجي ها
اسان جو ڀي ابابيلن سندو لشڪر هجي ها

اوهان ڀي ڪجهه ته آزاديءَ جي لئِه جاکوڙيو ها
اوهان کان ڀي اڳتي هي دوستو سائر هجي ها

تنهنجي حسن جي پاسي اکڙيون ڪڏهن اڪاريون

تنهنجي حسن جي پاسي اکڙيون ڪڏهن اڪاريون
سوچن جو هي جي ٻيڙيون تاريون ته ڪينئن تاريون

ننڍڙي عمر ۾ مون تي ڪيڏا هي بار آيا
بک جون ڪلهن تي آهن ڀاري رکيل تغاريون

هي چنڊ ويو هليو آ تارا کڻي ته ڪاڏي
هن ڏات سان او شاعر ڏيئا کڻي ٿا ٻاريون

کوهن جو پاڻي کارو مٺڙو وڃي ٿو بڻجي
ڪڇ تي گهڙا کڻي جو کلنديون اچن ٿيون ناريون

ٿڌڙي هوا ۾ آهي نياپو نئون لکيل ڪو
جهومي رهيون هي آهن سرهيون ٻنيءَ تي ساريون

ڪهڙي اچي علالت مون وٽ پڳي آ سائر
جوڀن ۾ ٻئي ٽنگون آهن جنهن اچي جو کاريون

پيار جو پيچرو وٺي هلجي

پيار جو پيچرو وٺي هلجي
وصل جو وهڪرو وٺي هلجي

تنهنجي فتويٰ ڀلي هجي ڦاهي
تنهنجو ئي فيصلو وٺي هلجي

ڇو انڌيرن ۾ پاڻ پيا ڀٽڪون
عشق جو سوجهرو وٺي هلجي

هن ادب جي نفيس معمول ۾
ذات جو ڀروسو وٺي هلجي

پاڻ سائر گهرون ٿا آزادي
سنڌ جو تذڪرو وٺي هلجي

چاندني نقاب ۾ ٿي رهي

چاندني نقاب ۾ ٿي رهي
هر گهڙي عذاب ۾ ٿي رهي

زندگي نه ٿي ڇو جاڳي ڪڏهن؟
بس رڳو ته خواب ۾ ٿي رهي

کيس ڇا پڙهي به آئون پڙهان؟
دل جي جو ڪتاب ۾ ٿي رهي

اڃ بدن کي ڪيتري هوءَ ڏئي
ڀٽڪندي سراب ۾ ٿي رهي

رقص ٿو سندس مان بڻجي وڃان
هوءَ جو رباب ۾ ٿي رهي

ٿي اکين منجهان وسائي ڪڪر
گمُ هجر جي آب ۾ ٿي رهي

هوءَ ٿي جواڻ هن ڳوٺ ۾
اڄ به آب تاب ۾ ٿي رهي

ماڪ ۾ ٽِڙي ٿي سائر ائين
ڄڻ ڪلي شباب ۾ ٿي رهي

تون آن مڇي نديءَ جي ، مان ڄار ڪو بکارو

تون آن مڇي نديءَ جي ، مان ڄار ڪو بکارو
تو کان سواءِ اندر ٿو ، منهنجو رهي اڃارو

طوفان گهل نه ايڏو ، دل جي جهڳي ڊهي ٿي
ڇا منهنجي مفلسيءَ کان آهين تون زور وارو

هو چنڊ ٿي لڄي ۽ رخ تان هٽاءِ نه پردو
سڀ تو ۾ آ سندرتا ، ٿئي انگ انگ پيارو

ڳوليان جڳن کان توکي ، پر تون ملين ڪٿي ٿو؟
دنيا وسيع آهي ، منهنجو سفر اڌارو

اُڀَ تان ڪرن ٿا ڪرڻا ڪنهن پرهه ان ڦٽيءَ جو
سو پهر رقص تنهنجو ، آهي ڪندو نيارو

منهنجي حيات لهرن جي ور چڙهيل آ يارو
سائر ڏکيو لڳي ٿو ، تنهنجو هي هر ڪنارو

تون نينهن نشيلي به ڪڏهن ٿيءُ

تون نينهن نشيلي به ڪڏهن ٿيءُ
۽ مرڪ چنبيلي به ڪڏهن ٿيءُ

منَ منهنجي منجهان ٻولِ مٺي تون
ها ڪوڪ ڪويلي به ڪڏهن ٿيءُ

ڇو روز ٿي جهڻڪين ۽ ڌڏين پئي
منهنجي ڪا سهيلي به ڪڏهن ٿيءُ

سائي ۾ اچي جنهن جي مان ويهان
اهڙي ڪا حويلي به ڪڏهن ٿيءُ

سائر سان اهي ساحريون ڇو؟
سلجهيل ڪا پهيلي به ڪڏهن ٿيءُ

ڪنهن جو تضاد آهين

ڪنهن جو تضاد آهين
ڪنهن جو مفاد آهين

تو ۾ حسن وڪامي
حسن بلاد آهين

منهنجو قلم ۽ تحرير
منهنجو مواد آهين

قابيل ڀاءُ تنهنجو
تنهن لئِه جلاد آهن

آدم نه ٻول هيڻو
تون ڀي نقاد آهين

تو مان ٽٽي نه سگهندس
منهنجو بنياد آهين

منهنجي تون هر خوشيءَ جو
سائر سواد آهين

صنعانُ ڪٿي آهي ، صنعانُ ڪٿي آهي؟

صنعانُ ڪٿي آهي ، صنعانُ ڪٿي آهي؟
سنڌ سونهاري جو مڙس مهان ڪٿي آهي؟

سنڌ سموري ئي ڌارين کي وڪڻي ٿو ڏين!!
او زرداري تنهنجو ايمان ڪٿي آهي؟

بيٺو بيٺو شيلنگ آسو گولا سهندي
اهڙو مڙس ٻيو ڪو پهلوان ڪٿي آهي؟

منهنجي ئي جهولي مان کيس کنڀي ويا آهن!
سنڌ چوايو منهنجو ، وجدان ڪٿي آهي؟

ڌاريا منهنجي ڌرتيءَ تي قابض ٿيا هن!
ڪاٿي آهي او تير ڪمانُ ڪٿي آهي؟

بحريا ٽائون زرداري مافيا نامنظور
هي انڌيرو قبوليون، امڪان ڪٿي آهي؟

آزاد کپي صنعانُ سگهو آزاد کپي
سائر قوم سنڌين جو اڳوانُ ڪٿي آهي؟

لڙڪن کي پي وٺان ٿو

لڙڪن کي پي وٺان ٿو
ائن يار جي وٺان ٿو

ايندي خوشيون خريدڻ
بازار ٿي وٺان ٿو

تو ۾ شعور ڪونهي
مان واٽ ٻِي وٺان ٿو

تارن جو رخُ کليو آ
چاهت چٽي وٺان ٿو

ڪڇندا ته تنهنجي آڏو
چپڙا سبي وٺان ٿو

ٿي وڃ لهو تون رت ۾
ڌرتي ڪسي وٺان ٿو

تو مان ڇڻڻ کان اڳ ۾
تو ۾ ڦٽي وٺان ٿو

سائر امڙ بکي لئِه
ماني رُکِي وٺان ٿو

لهجو تنهنجو سخت ٿي ويو

لهجو تنهنجو سخت ٿي ويو
رنج منهنجو بخت ٿي ويو

لبّ رکي پيشانيءَ تي مان
ماءُ کي چمندي وقت ٿي ويو

ويا آڱوٺي ڇاپ پهچي
تن جو اعليٰ تخت ٿي ويو

ڳوٺ جي ڏسندي ئي نياڻي
آ وڏيرو مست ٿي ويو

اڄ سڳنڌن ساڻ گڏجي
ڳوٺ هن جي گشت ٿي ويو

منَ جا سائر ورق ڌوئي
صاف صوفي ڀڳت ٿي ويو

نه ايڏي ڀڃ ڊاھ ڪر

نه ايڏي ڀڃ ڊاھ ڪر
تون جوڀن جي ٺاھ ڪر

وڃن لٽيو سنڌ پيا
اٿي تن تي ڪاھ ڪر

مٿان منهنجي مينگهه ٿي
اکيون هي وڻراھ ڪر

شرم واري ڌار اک
سياڻا ساڃاھ ڪر

نه ڪنهن تي تنقيد ڪر
تون رسمي واھ واھ ڪر

مريدياڻيون ڀي تڪين
شرم ، سائر شاھَ ڪر

هوءَ جي هيل وري پوندي

هوءَ جي هيل وري پوندي
دل جي جاءِ ٺري پوندي

هٿ هٿن سان جي ٽڪريو
تن ۾ آڳ ٻري پوندي

مظلومن جي دانهن تي
اڀ جي دل به ڏري پوندي

تو بن منهنجي جواني هاءِ
ڪاڳر جيئن ڳري پوندي

ڳالهاءِ نه ڪاوڙ ۾ تون
بڻجي ڳالهه ڄري پوندي

سائر دل جي سير اندر
سهڻي پاڻ تري پوندي

پکين وانگر اڏامي هل هلون هتڙان

پکين وانگر اڏامي هل هلون هتڙان
وڇوڙن ۾ اڀامي هل هلون هتڙان

نه سنڌي ڪو ڏسان آزاد ٿو هتڙي
متان پهچي غلامي هل هلون هتڙان

اڏي افلاڪ تي گهر پيار جا جانان
رهون اتڙي مُدامي هل هلون هتڙان

اسان جي جوش تي ڪاهون سوين آهن
وڃون ٿا ڇو اجهامي؟ هل هلون هتڙان

بهارن جا وٺي ٿا قافلا نڪرون
نه وڃ سائر! رسامي هل هلون هتڙان

قيمتي ڇو زندگاني نه ڄاتئِه؟

قيمتي ڇو زندگاني نه ڄاتئِه؟
ننڍپڻ ۽ سا جواني نه ڄاتئِه!!

راحتن جو وقت ڇلندو رهيو ٿي
وقت جي ڇو قدرداني نه ڄاتئِه؟

تنهنجي چهري جا بڻيا ڇانورا ٿي
ڪاڪلن جي پاسباني نه ڄاتئِه

هر انگل ٿي تنهنجا پورا ڪيا ويا
ننڍپڻ جي حڪمراني نه ڄاتئِه

پينگهه لوليون ، ماءُ جي الله الله
ورد مٺڙو سو قرآني نه ڄاتئِه

اکّ سائر تنهنجي نسري جڏهن هئي
ڦوهه جوڀن جي سا ڳائي نه ڄاتئِه

بهارن جي آمد ٿي گلشن ۾ آ

بهارن جي آمد ٿي گلشن ۾ آ
قرارن جي آمد ٿي گلشن ۾ آ

ڪري لاڏ ٻولين پيو بلبليون
پڪارن جي آمد ٿي گلشن ۾ آ

پڳي آ جو مالهڻ سنڀالڻ تڏهن
مون پارن جي آمد ٿي گلشن ۾ آ

گلن تي پون ٿا ڦڙا ماڪ جا
نظارن جي آمد ٿي گلشن ۾ آ

معطر ٿيو سائرُ سڄڻ جَي پڳو
پيارن جي آمد ٿي گلشن ۾ آ

خوشبو تنهنجو ڏس ڏيندي آ

خوشبو تنهنجو ڏس ڏيندي آ
دل جي چيچَ وٺي ايندي آ

تنهنجي بُتَ جي ٿي پياسي آ
هاءِ ندي توکي سڏيندي آ

گل مروڙيندي تون آهين
گل ڪاريِ گهايل ٿيندي آ

جوڀن جي اک هن مان اڀري
پيريءَ کي وِتُ ارپيندي آ

ساهيڙين سان جو گهمندي آن
بي چيني لڱ ّ پٽيندي آ

ليئو پائي مون کي ڏسي هوءَ
پوتيءَ کي پئي ته چڪيندي آ

گيسو ڇوڙيندي آ سائر
موسم پاڳل ٿي ويندي آ

هوا گهر گهڙي پئي سڄڻ جي الا ڙي

هوا گهر گهڙي پئي سڄڻ جي الا ڙي
سندس سونهن ڊاهيو وڃي ٿي صفا ڙي

هوائن جي جهونڪن ڪيس بت اگهاڙو
اسان جي اڱڻ جا ٿيا لڱ ننگا ڙي

بڻائي مان توکي ڇڏيان پنهنجو سائين
ڪٿان آڻيان آنءُ اهڙي ڪلا ڙي

ڪري سفر هر ڪو هتي ٿو زميني
هلي اچ گهمون اڄ خدا جي خلا ڙي

ڪري روز حملا ٿو مارِي پکين تي
ٿي ويچارڙن کان به ڪهڙي خطا ڙي

جوانيءَ اوهان جيءَ جو اُڀري پيو سِجُ
وري تنهنجي جوڀن جي ٿيندي مسا ڙي

اسان نا اميديءَ کي سائر ڪُٺو ڀي
تڏهن ڀي اميدن جا سَڀَ هڏَ ڀڳا ڙي!!

عشقِ عقيدت مڃان ٿو

عشقِ عقيدت مڃان ٿو
تنهنجي غنيمت مڃان ٿو

ڌرمن جو مون وٽ قدر آ
فهم و فضيلت مڃان ٿو

مون ۾ سچل سامي ساڳيو
۽ شاھ عنايت مڃان ٿو

من ۾ ٿو منصور ٻولي
سا ئي شهادت مڃان ٿو

مون ۾ ئي تبليغ گونجي
شوقِ شريعت مڃان ٿو

تبريز رومي وسن پِيا
سائر وسيعت مڃان ٿو

ماڻهپي جا گڻ پسان تو ۾ پيو

ماڻهپي جا گڻ پسان تو ۾ پيو
آجپي جا گڻ پسان تو ۾ پيو

پنهنجي محبت جو فصل پوکيئي جهجهو
هارپي جا گڻ پسان تو ۾ پيو

عشق منهنجو ويو مري تنهنجي اڳيان
ڪانڌپي جا گڻ پسان تو ۾ پيو

سانوڻي ٿي لههُ سرءُ سان لانءَ ڪا
راضپي جا گڻ پسان تو ۾ پيو

نيٺ سائر کي به آندو تو “وَڍَي”
واهپي جا گڻ پسان تو ۾ پيو

مان لکان تنهنجي چپن جي مرڪ تي

مان لکان تنهنجي چپن جي مرڪ تي
لال لبڙن ۽ بدن جي مرڪ تي

وار ڇوڙي ٿي اڳيان منهنجي گهمين
مان ٿيان صدقي چڳن جي مرڪ تي

بعد مدت ، دل جو ڪمرو آ کليو
در ، دريون تنها صحن جي مرڪ تي

ڇو خزان جو پيو جگر هر پل جلي
اي خدايا ، ڏِسُ گلن جي مرڪ تي

پيٽ ڄڻيو پنهنجو هر ڪنهن کي وڻي
ڪانءَ مرڪي پيو ٻچن جي مرڪ تي

چنڊ جي چانڊاڻ پيو ڄڻ مان ڇهان
جئن رکان ٿو چپ ڳٽن جي مرڪ تي

واءُ چاهت جو گهلي پيو هر طرف
سانوري تنهنجي وچن جي مرڪ تي

سِرَ ستارن پنهنجا سائر ها وڍيا
چنڊ تنهنجي ئي چمن جي مرڪ تي

تنهنجو آسڻ جاچي لهندس

تنهنجو آسڻ جاچي لهندس
سج ٿي تنهنجي پاڇي لهندس

آءُ ڪڪر ٿي وسندس هاڻي
پاڻ اڃاري ڪاڇي لهندس

تنهنجا ڏار ٽٽا پيا آهن
آنءُ پکيئڙو ڪاٿي لهندس

ٻيٽ نه مور ڏبا هي سنڌ جا
ڌڙَ ڌارين جا ڪاٽي لهندس

ڪيڏا وار ڪندين تون قاتل
تنهنجا ڌڪ سي ساتي لهندس

چيتو بڻجي سائر آئين؟
هرڻي ٿي سر آڇي لهندس

مون ۾ ويساهه ڇڏي وئي

مون ۾ ويساهه ڇڏي وئي
پنهنجو ڪو ساهه ڇڏي وئي

گهر رحمت سان وسندو هو
ماءُ هئي ، الله ڇڏي وئي

مون مان موتي ميڙي سڀ
مون ۾ ڪو چاهه ڇڏي وئي

سنڌ گهري پئي آزادي
گهر گهر آگاهه ڇڏي وئي

مون مان عشق وٺي نڪتي
اک ۾ آڙاهه ڇڏي وئي

مون مان سائر تڙڳي وئي
مون ۾ درياهه ڇڏي وئي

چوءُدڳي تي ويھ تون ، چوءُدڳي ڪا ٺاھ تون

چوءُدڳي تي ويھ تون ، چوءُدڳي ڪا ٺاھ تون
عاشقن کان عشق وٺ ، زندگي ڪا ٺاھ تون

پيار جا پيرا کڻي پرھ تو وٽ وئي پڄي
پيچرن تي ڏئي چميون ، تازگي ڪا ٺاھ تون

علم جو سج ويو لهي ، ڪَرُ جهالت آ کنيو
روشني آ علم سان ، روشني ڪا ٺاھ تون

سنڌ کان ٿي ، ٿئي ڪراچي الڳ اُٿُ سورما
آڻ نئون انقلاب ڪو ، نئين ٻڌي ڪا ٺاھ تون

ڪيترو سائر اڪيلو جواني کي ڪندين؟
زندگيءَ لئِه همسفر ، سانوري ڪا ٺاھ تون

بي رخيءَ تنهنجي ۾ ٿي ديد ڏکاري آهي

بي رخيءَ تنهنجي ۾ ٿي ديد ڏکاري آهي
ڄڻ ته صحرا جي اڳيان دل ٿي اڃاري آهي

زهر سقراط جو پيتو ته سبب ڪو هوندو؟
سوچ حافظ جي مون ٽهڪن ڏي اڏاري آهي

گهر ۾ ڪالهاڪون ڪني ڪاٿي چڙهي ير آهي
ٿي ٻچن ساڻ امڙ ڀي ته بکاري آهي

هو چون ٿا ته محبت ۾ خواري آهي
عشق جي آئون هٿان ئي ، جا اجاري آهي

ڪيترو پاڻ سنواري مان هلان دنيا ۾
زندگي ڪاٿي ملي ابدي؟ اڌاري آهي

صرف ميهار تماشو نه ڏٺو ٿي سائر
پنهنجي سهڻيءَ سان حياتي ئي اڪاري آهي

ٿڌي پرھ جي هير کي جا وڻي آ

ٿڌي پرھ جي هير کي جا وڻي آ
هزارن ۾ منهنجي سنڌو* هڪ ڄڻي آ

هوائن سان ٿي ٽهڪ اُڀَ ڏي اماڻي
ستارن سان گڏ گڏ پيو اُڀُ ڇڻي هاڻي

کنيو پاڻ چوندي مون هڪرو سڄڻ آ
رهيو روح منهنجي جو سوئي ڌڻي آ

اڏاڻا وڃن ٿا وڻن تان پکي ڇو؟
پڳو باز سئُو وارَ تن وٽ کڻي آ

لڳو نانگ تنهنجو وڇوڙو برابر
ڳڻي ڏنگ مونکي ويو جو هڻي آ

سِپِي جنهن لئِه سائر سدائين پياسي
نظر ۾ ڪا بارش جي ڄڻ هوءَ ڪڻي آ

• سنڌو ـ ام رباب چانڊيو، سنڌ جي بهادر نياڻيءَ جو اصل نالو

هو ڇهي جئن بتيون وڃان ٿيندو

هو ڇهي جئن بتيون وڃان ٿيندو
ڄڻ ته گل جون پتيون وڃان ٿيندو

هوءَ ته محلن ۾ آهي آرامي
تنهن لئِه جاڳي ڪتيون وڃان ٿيندو

هن کي منهنجو نه گهرجي نذرانو
ڪنهنجي ڪارڻ پتيون وڃان ٿيندو

خوب ماروئڙن جا گفتا ڏس
محفلون هن متيون ، وڃان ٿيندو

بي عدل هن سماج ۾ سائر
ڪي اکيون مان رتيون وڃان ٿيندو

تنهنجي نگاھ ۾ آهيان

تنهنجي نگاھ ۾ آهيان
رب جي پناھ ۾ آهيان

هي عشق باھ ڀنڀٽ آ
انجي ٿيو ڪاھ ۾ آهيان

پهتي جو ڪانهلائي آ
تڏهين ته باھ ۾ آهيان

تنهنجو مزاج ڪات ڇريون
محرم جي ماھ ۾ آهيان

فن فڪر ڪو نه پرکي ٿو
بس واھ واھ ۾ آهيان

تنهنجي پڄان وراڻي سان
پر قيد ڳاھ ۾ آهيان

حق سنڌ جا وڙهي وٺبا
سائر نباھ ۾ آهيان

ڪو صدين جو گهاءُ آهين

ڪو صدين جو گهاءُ آهين
ڀونءِ مٿان ايذاءُ آهين

هر سمايو رنگ ۾ آن
موتي جو ڦهلاءُ آهين

مان ٿيان سڏ ، تون وراڪو
منهنجو ئي پڙلاءُ آهين

زخم وانگر مان ڪُران ٿو
تنهنجو ٿيو ڪهڪاءَ آهين

نيڻ آندءِ آجيان ۾
منهنجو آڌرڀاءُ آهين

لڱ ٺرن ٿا هڪ لمس سان
تون اتر جو واءُ آهين

ڏات سائر سان جڙي جا
ان جو ٿيو سرچاءُ آهين

اوٿرن جي اڳيان اَڏِ جهڳي پيار جي

اوٿرن جي اڳيان اَڏِ جهڳي پيار جي
ڪونهي پرواھ طوفان ۽ سنسار جي

هيڪلي آ حياتي نه ڪو ڀرجهلو
مونکي آهي طلب تنهنجي سهڪار جي

سونهن چانديءَ جيان تنهنجي پيئي لڳي
آھ لالي گلابن ۾ رخسار جي

عيد جو رنگ بکيو ڏسي پيٽ ڇا !!؟
اڄ ڪٺي ماءُ معصوم ڪنهن ٻار جي

شام آئي اجهو هيڪلائي کڻي
وئي وڌي آ اداسي دل زار جي

رات سائر وڇاڻو ڪيو انتظار
مند ڀريل هئي تنهنجي ديدار جي

سارِ جي ساري سگهين ٿو

سارِ جي ساري سگهين ٿو
تارِ جي تاري سگهين ٿو

تنهنجو ٻارڻ ٿي پيو هان
ٻارِ جي ٻاري سگهين ٿو

ڀڙڪيو شعلا ٿي آهيان
ٺارِ جي ٺاري سگهين ٿو

مان زنده تو ۾ ئي رهندس
مارِ جي ماري سگهين ٿو

دوست مون سان پل سهانا
گهارِ جي گهاري سگهين ٿو

آنءُ تنهنجو داءُ آهيان
وارِ جي واري سگهين ٿو

عشق! مان چانگو بکارو

عشق! مان چانگو بکارو
چارِ جي چاري سگهين ٿو

آب هان تنهنجي اکين جو
هارِ جي هاري سگهين ٿو

تياڳ پِيا مون ساڻ الجهي
ٽارِ جي ٽاري سگهين ٿو

غم ۾ سائر پنهنجون اڇڙيون
ڍارِ جي ڍاري سگهين ٿو؟

منفرد آ ڏانءُ پنهنجو

منفرد آ ڏانءُ پنهنجو
ڏات ٿڌڙو ٿانءُ پنهنجو

مست ٿي آهي خدائي
جڳ ۾ گونجي نانءُ پنهنجو

درد جي ڌرتيءَ تي آهيان
گوندرن ۾ گانءُﱣ پنهنجو

ڪو نه آيو ڇو خوشين جو؟
ڪو به قاصد ڪانءُ پنهنجو

ميڻ ٿي ڳرندو رهي ٿو
هجر ۾ هي هانءُ پنهنجو

ڪُنَ هڻي سائر پيو مَنُ
صاف صوفي نانءُ پنهنجو

مون کي اڪير تنهنجي مون وٽ آ پيار تنهنجو

مون کي اڪير تنهنجي مون وٽ آ پيار تنهنجو
اٺئين پهر رهي ، دل کي انتظار تنهنجو

آهي ڏٺي نرالي ڪلتار! تنهنجي رحمت
گندو هئس ، مگر ٿيس پرهيزگار تنهنجو

تون خيال خام ناهين تون منهنجو جام آهين
منهنجي اکين ۾ آهي هر پل خمار تنهنجو

تنهنجون اگر بکاريون ديدون هي دوست آهن
هرڻي بڻي مان ٿيندس اي شينهن شڪار تنهنجو

تون پرھ منهنجي آهين ، ۽ زندگيءَ جا ڪرڻا
ٿي ماڪ تون وسين ٿو ، پل پل بهار تنهنجو

تون منهنجو آنھ سائر ، ڇڏ وهم ۽ وسيلا
دنيا جو آنءُ ناهيان ، آهيان نبار تنهنجو

وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي

وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي
ڪا تڪڙ لڳي پئي آهي

سيءُ نه منهنجي ويجهو ايندو
سڪ سَوڙِ لڳي پئي آهي

ڪو ٻڌي نه شايد هت ٿو
رڙ تي رڙ لڳي پئي آهي

گسُ نه زندگيءَ جو ٿو لڀي
سئُو وڪڙ لڳي پئي آهي

مون منجهان هنيائين پاڙون
جيءَ ۾ جڙ لڳي پئي آهي

جوت ٿي چوي اُٿُ اُٿُ ، پر
ڄنگهه نڙ لڳي پئي آهي

ڇانو هن جي سائر مون مٿان
ڪينئن نه جهڙَ لڳي پئي آهي

ويئي کڄي ساٿي هٿن مان پنڌ ڏورين ڇو نه ٿين؟

ويئي کڄي ساٿي هٿن مان پنڌ ڏورين ڇو نه ٿين؟
ڏياچ وانگر مرد ٿي سر پنهنجو گهورين ڇو نه ٿين؟

آءُ تو مان هاڻ اڏري اڀ تي آهيان رسيو
ڪنهن لغڙ جي ڏور وانگر پو به سورين ڇو نه ٿين؟

قيد ڪوٽن ۾ اچي ٿيو آن خبر ساري اٿئي
حوصلي سان هي مگر تون ڏاڍ ڏورين هو نه ٿين؟

ساز صوفين جا ٿيس جهيڻا ڏنو روئي سرن
تار دل جي لوز ٿي وئي چنگ چورين ڇو نٿين؟

مان دري تنهنجي تي ڏيئي جيئن ٻرندو ٿو رهان
تون هوا ٿي ؟ يا ٻيو، پر حال اورين ڇو نٿين؟

هر قدم تي آ رڪاوٽ هر قدم تي آ جبر
واٽ هي تون رهزنن جي نيٺ ڀورين ڇو نٿين؟

اڻ تريو آهيان اوهان ۾ مان تُرڻ ٿو چاهيان
پنهنجي تون چاهت جي تارازيءَ ۾ تورين ڇو نٿين؟

هي وڇوڙن جا وڳا چنبڙي لڱن تي هن پيا
وصل جي ڪينچيءَ سان سائر سي ڪورين ڇو نٿين؟

تنهنجي بدن سان تعلق ڪهڙو رکي هوا ٿي؟

تنهنجي بدن سان تعلق ڪهڙو رکي هوا ٿي؟
ان کي ته روڪ ڇا لئِه توکي ڇهي سدا ٿي

جن پٿرن کي تو هو ڪلھ هٿ سان تراشيو
اڄ تن کي ڇو بڻائي پنهنجو رکيو خدا ٿي؟

ٻيٽن سان ٿيندين ٻوٽيون ائين ٻيٽ ڪاٿي ملندئي؟
جوڌا مئا نه آهن سنڌي اٿيا ٻچا ٿي

ڇا ڪو زوال پهتو ، تنهنجي خوشين مٿان آ؟
جو پنهنجا تو ائين هي ميرا ڪيا لٽا ٿي!!

هت خواب سڀ ڪٺا ويا تعبير جن جي سولي
پنهنجي اکين کان ڇا لئِه سپنا رکيا وڏا ٿي

تنهنجي ملڻ سان سائر موسم وڃي ٿي مٽجي
اهڙو آ ڏانءَ تو وٽ ۽ اهڙي ڪا ڪلا ٿي

تو کان جو پيار ورتم زوري ته ڪا نه ڪئي

تو کان جو پيار ورتم زوري ته ڪا نه ڪئي
دل تنهنجيءَ ۾ گهڙي ڪا چوري ته ڪانه ڪئي

مون ننڊ خواب جي صحرا ڏانهن موڪلي
ڪاٿي هيءَ تات تنهنجي ڇوري ته ڪا نه ڪئي

هئا چنڊ ۽ ستارا نابين تو اڳيان
محبوب تور تنهنجي ٿوري ته ڪا نه ڪئي

مفلس جي تو پسيني مان ئي وضو ڪري
زاهد کان پڇ عبادت ڳوري ته ڪا نه ڪئي

سائر جي منزلن جا اهنجا سفر هيا
هن لاءِ تو ڪڏهن ڪا جهوري ته ڪا نه ڪئي

محتاج ٿي حياتي، جيئڻ بڻيو تماشو

محتاج ٿي حياتي، جيئڻ بڻيو تماشو
انڌن اڳيان به پنهنجو روئڻ بڻيو تماشو

مشروب جن لئِه مقرر ۽ روح رُخ يزيدي
تن وٽ ته يار پاڻي پيئڻ بڻيو تماشو

ٿيو پيٽ جو بکارو بک کي ٻڌم پلئَه ۾
بيداد کان گهرڻ ، هٿَ ٽنگڻ بڻيو تماشو

جوڀن جي وٿ جا عضوا، هنڌ هنڌ کان پيا اکلي
ٽيٽيهه سال ۾ ، لٺ چاتڻ بڻيو تماشو

توسان ملڻ جو سپنو اک ۾ چڀيو پيو آ
سڪ جي ٻنيءَ تي پنهنجو ڀٽڪڻ بڻيو تماشو

اک جي ندي اڃان ڀي منهنجي سڪي نه آهي
احوال دل جو توسان اورڻ بڻيو تماشو

مرڪون ته ڪيئن مرڪون پنهنجي چپن کي کولي
پنهنجو هتي ته سائر سڏڪڻ بڻيو تماشو

بستر تي ڀاڪر لڇي آهن رهيا

بستر تي ڀاڪر لڇي آهن رهيا
بي چين ناڪرَ لڇي آهن رهيا

آمد ﷴ ﷺ سان روشن ٿي دنيا
۽ ڪل ئي ڪافر لڇي آهن رهيا

گرهڻ ڏسي سج جي ٿيا مضطرب
دنيا جا ماهر لڇي آهن رهيا

هر ڪو سگهارو ڪوي بڻجي ڪٿان؟
جدت لئِه شاعر لڇي آهن رهيا

هن موت سان ڪنهن نه سينو تاڻيو
اڳيان اڪابر لڇي آهن رهيا

تو کان سواءِ شهر هي ويران آ
منظرَ مناظرَ لڇي آهن رهيا

سهڻي ٻڏي عشق جي هن انڌ تي
ساحل ۽ سائر لڇي آهن رهيا

وسن هي منهنجي بدن مٿان پيا

وسن هي منهنجي بدن مٿان پيا
وٿيءَ جا چهبڪ لڳن مٿان پيا

ٻچا غريبن جا روڄ ۾ هن
رلن ننگا لڱ دڳن مٿان پيا

تون گل رسيلو لڳين ٿو سهڻا
ٿا ڀونئر ڦِرَني چپن مٿان پيا

هي عرش ڪينجهر جيان لڳي ٿو
سڀئي ستارا ترن مٿان پيا

پکين ڪيو پاپ آهي ڪهڙو؟
ٿين جو حملا وڻن مٿان پيا

خيال منهنجا پچن پيا تو ۾
۽ شعر لکجن وطن مٿان پيا

هي درد تنهنجا قطار ٺاهي
دلين جي سائر هلن مٿان پيا

وحدت جي ٻيڙي تار وئي ٿي

وحدت جي ٻيڙي تار وئي ٿي
توحيدي منزل پار وئي ٿي

رومي تبريز جو پروانو هو
رقص ڪرڻ جنهنجي ڪار وئي ٿي

حسناڪ ڇڏي سارا شهزادا
منهنجي هوءَ خريدار وئي ٿي

انگريزن جي نظريي سان محبت
هت اسلام مٿان کار وئي ٿي

حيدر جا شيدائي جي سڏائن
اڄ تن جي وحشت نارِ وئي ٿي

عشق سندي سُرڪ ڀري جو پيتم
دل خوشبودار وئي ٿي

مينهوڳي مند ۾ اچين هان

مينهوڳي مند ۾ اچين هان
چپن جي مَنڌَ ۾ اچين هان

اڏاڻي هيڪلي وڃي ٿي
پکين جي جهنڊَ ۾ اچين هان

دنيا خاموش ٿي وڃي هان
جنوني انڌ ۾ اچين هان

ٿي خوشبو بسترا وڃن هان
گهِڙي جي هنڌَ ۾ اچين هان

لڪي آن ڪڪر اوٽ ۾ ڇو
سمي لئِه چنڊ ۾ اچين هان

ڪري سائر مشاهدو هان
وصل جي ننڊ ۾ اچين هان

دل وڇايل تتل پهڻ تي آ

دل وڇايل تتل پهڻ تي آ
ڪنهن پتنگي جيان جلڻ تي آ

آ حياتي ٻچن جيان پياري
موت مون کان مگر کسڻ تي آ

وات ڦاڙيون بدن اچي کائڻ
هي وڇوڙو به ڄڻ لنگهڻ تي آ

ٻيرِ جوڀن جي وئي پچي آهي
عشق هاڻي کڙو هڻڻ تي آ

دردَ بارش جيان نه وس مون تي
دل جي ڪوٺي ڪچي ڊهڻ تي آ

زندگيءَ جو حصو ويو هڪڙو!
ٻيو به سائر اجهو وڃڻ تي آ

سونهن جو تون دادلو آهين

سونهن جو تون دادلو آهين
عشق جوڪو وهڪرو آهين

مون مٿان ڪڙڪي دنيا پئي آ
يا خدا ! تون ڀرجهلو آهين

سڀ اڏامي ويا پکي هتڙان
تون رهيو ڇو هيکلو آهين

منهنجي هن اونداهه راتين جو
اي ﷴ ﷺ سوجهرو آهين

تون ئي آن محدود اکڙين ۾
منهنجي دل تي دائرو آهين

دل جي ڌرتي ٿي ڌڏي سائر
منهنجي لئِه تون زلزلو آهين

آڪاس ڏي ڏسي تارن تي سوچجي

آڪاس ڏي ڏسي تارن تي سوچجي
وشواس سان هلي يارن تي سوچجي

تنهنجي به ديد آ دريا جو وهڪرو
اڄ يار ڇو نه تن تارن تي سوچجي

جيڪي هڻن پيا هت روز ڏنگ تن
واسينگ ۽ سياھ وارن تي سوچجي

هر ٿانءُ دل جو آهي هت اداس پيو
پنهنجي اماس ويچارن تي سوچجي

جيڪي ڳڀي لٽي لاءِ پيا سڪن
اهڙن غريبڙن ٻارن تي سوچجي

پيو ڪڪر ڇانءَ ڪري جنهن جي مٿان اچي
محبوب جي انهن پارن تي سوچجي

دل جون گهٽيون سڀيئي ويران تو ڪيون
اڄ چاهه جي انهن چارن تي سوچجي

سائر ڇو پيو رلين جنمن کان تون وٺي
تنهنجي انهيءَ سفر سارن تي سوچجي

رات جي روشني ڪٿي آهي؟

رات جي روشني ڪٿي آهي؟
منهنجي سا مئڪشي ڪٿي آهي

ويو ادب مان ادب ڇڏائي آ
ڳالهه هيءَ بي تڪي ڪٿي آهي؟

قوم تعصب ۾ پئي وڃي جلندي
هڪ اٿي ٻي سُتي ڪٿي آهي؟

سج بغاوت ڪري وري اڀريو
قوم سنڌي اٿي ڪٿي آهي؟

رقص ۾ مدرسا مسيتيون هيون
اڄ قرائت رهي ڪٿي آهي؟

ماڻجن جنهن ۾ سئُو خوشيون سائر
سا حياتي بچي ڪٿي آهي؟