شاعري

تڙ تڙ تي طوفان

شاعريءَ جو ھي مجموعو ڪلاسيڪل صنف بيت ۽ وائيءَ تي ٻڌل آھي، جنھن کي مختلف سُرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو ويو آھي. سُرن ۾ نوان موضوع کنيا ويا آھن، تنھنڪري ھي مجموعو بيت جي قديم صنف رکندي بہ جديد دور جو آواز سڏجي تہ بہ ان ۾ وڌاءُ ڪونھي. سُر سنڌوءَ ۾ سنڌو درياءَ جي شان، تاريخي تذڪري وارا بيت بہ آھن تہ ڌارين جي يلغار جو تاريخي ذڪر بہ آھي. سنڌ جو ڪيڏارو، سُر شھيد نذير عباسي، سُر کاھوڙي، سُر بختاور ۽ سُر روپلو مضمون ۽ عنوان جي لحاظ کان نرالا سُر آھن.  عزيز جي شاعريءَ ۾ ھر ھنڌ ڪاڇي جا عڪس بہ ملن ٿا تہ ڪاڇي جون موسمون بہ ملن ٿيون. ڪتاب ۾ عزيز جي خوبصورت خيالن، انيڪ منظرن، تاريخي حوالن، ڪاڇي جي ڳوٺن، ندين، نالن ۽ نين جو ذڪر پڻ ملي ٿو.

Title Cover of book تڙ تڙ تي طوفان

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ محقق عزيز ڪنگراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”تڙ تڙ تي طوفان“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
شاعريءَ جو ھي مجموعو ڪلاسيڪل صنف بيت ۽ وائيءَ تي ٻڌل آھي، جنھن کي مختلف سُرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو ويو آھي. سُرن ۾ نوان موضوع کنيا ويا آھن، تنھنڪري ھي مجموعو بيت جي قديم صنف رکندي بہ جديد دور جو آواز سڏجي تہ بہ ان ۾ وڌاءُ ڪونھي. سُر سنڌوءَ ۾ سنڌو درياءَ جي شان، تاريخي تذڪري وارا بيت بہ آھن تہ ڌارين جي يلغار جو تاريخي ذڪر بہ آھي. سنڌ جو ڪيڏارو، سُر شھيد نذير عباسي، سُر کاھوڙي، سُر بختاور ۽ سُر روپلو مضمون ۽ عنوان جي لحاظ کان نرالا سُر آھن.  عزيز جي شاعريءَ ۾ ھر ھنڌ ڪاڇي جا عڪس بہ ملن ٿا تہ ڪاڇي جون موسمون بہ ملن ٿيون. ڪتاب ۾ عزيز جي خوبصورت خيالن، انيڪ منظرن، تاريخي حوالن، ڪاڇي جي ڳوٺن، ندين، نالن ۽ نين جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي