ڪالم / مضمون

سو سائينءَ منھنجي کي چوان

ھي ڪتاب گلاب ھَڪڙي جي نومبر 1997ع کان جون 1998ع دوران روزانہ ھلال پاڪستان ۾ ڇپيل مزاحيہ ڪالمن تي ٻڌل آھي. ڪالمن ۾ گلاب ھڪ ايماندار قلمڪار طور سامھون آيو آھي، جنھن بنا مصلحت جي پنھنجي دور جي اھم سياسي ۽ سماجي واقعن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ انھن تي پنھنجي طنزيہ ۽ مزاحيہ راءِ جو برملا اظھار ڪيو آھي. ھن سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنھنجي خلوص جي پگهر مان رَت جا گُلاب ٽيڙيا آھن.

Title Cover of book سو سائينءَ منھنجي کي چوان

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران حيدربخش گلاب ھَڪڙي جي لکيل طنز ۽ مزاح تي ٻڌل ڪالمن جو مجموعو ”سو سائينءَ منھنجي کي چوان“ اوهان اڳيان آنلائين آڻي رھيا آهيون..
ھي ڪتاب گلاب ھَڪڙي جي نومبر 1997ع کان جون 1998ع دوران روزانہ ھلال پاڪستان ۾ ڇپيل مزاحيہ ڪالمن تي ٻڌل آھي. ڪالمن ۾ گلاب ھڪ ايماندار قلمڪار طور سامھون آيو آھي، جنھن بنا مصلحت جي پنھنجي دور جي اھم سياسي ۽ سماجي واقعن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ انھن تي پنھنجي طنزيہ ۽ مزاحيہ راءِ جو برملا اظھار ڪيو آھي. ھن سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنھنجي خلوص جي پگهر مان رَت جا گُلاب ٽيڙيا آھن.
ھي  ڪتاب 2001ع ۾ مھراڻ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان آندي وئي آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي