سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار موھن ڪلپنا جي ڪھاڻين جو مجموعو ”چانڊوڪي ۽ زھر“ اوھان اڳيان پيش آھي.
وطن ڇڏڻ جي درد موھن ڪلپنا کي قلمڪار بڻائي ڇڏيو ۽ 1948ع ۾ ھن پھرين ڪھاڻي لکي. موھن ڪلپنا پنھنجي لکڻين ۾ سماج جي ھر پھلوءَ تي کُليءَ دل سان لکيو آھي. ھو خيالن جي اظھار ۾ ڪڏھن بہ مصلحت رکڻ وارو نہ رھيو آھي. موھن جا ڪردار يگانا ۽ طاقتور، ڳالهه جو اظھار ڪرڻ ۾ چٽا آھن.
ھي ڪتاب پھريون دفعو 1965ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٽيون ڇاپو 1985ع ۾ سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي