آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

آخري پنا

ھيءَ آتم ڪٿا ھڪڙي اڏول ماڻھوءَ جي آتم ڪٿا آھي، جنھن زندگيءَ ۾ پنھنجن ھٿان ڪيترا دفعا دوکا ۽ دولاب رسندي بہ پاڻ کي ڪڏھن بي حوصلو نہ ڪيو. ھن ڳنڀير ۽ ڪٺن حالتن جو ڏاڍي مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو آھي. ھو انساني رشتن ۾ سڀ کان ويساھ رکندي بہ بار بارانھن رشتن ھٿان ڏنگجي ٿو، ڦٽجي ٿو ۽ زخمجي ٿو، پر ان ھوندي بہ نا اميد نٿو ٿئي، نہ انساني رشتن مان، نہ انسانيت مان. ھو ھر سِٽ ۾، ھر جملي ۾ پُراميد آھي. ھن جي سڄي آتم ڪٿا ۾ ”سنڌ“ ۽ ”مڌو“ نمايان آھن ۽ ٻنھي کي ھن سڄي زندگي چاھيو آھي.

Title Cover of book آخري پنا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ھري موٽواڻيءَ جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب ”آخري پنا“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
ھيءَ آتم ڪٿا ھڪڙي اڏول ماڻھوءَ جي آتم ڪٿا آھي، جنھن زندگيءَ ۾ پنھنجن ھٿان ڪيترا دفعا دوکا ۽ دولاب رسندي بہ پاڻ کي ڪڏھن بي حوصلو نہ ڪيو. ھن ڳنڀير ۽ ڪٺن حالتن جو ڏاڍي مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو آھي. ھو انساني رشتن ۾ سڀ کان ويساھ رکندي بہ بار بارانھن رشتن ھٿان ڏنگجي ٿو، ڦٽجي ٿو ۽ زخمجي ٿو، پر ان ھوندي بہ نا اميد نٿو ٿئي، نہ انساني رشتن مان، نہ انسانيت مان. ھو ھر سِٽ ۾، ھر جملي ۾ پُراميد آھي. ھن جي سڄي آتم ڪٿا ۾ ”سنڌ“ ۽ ”مڌو“ نمايان آھن ۽ ٻنھي کي ھن سڄي زندگي چاھيو آھي.
ھي ڪتاب پھريون دفعو 1997ع ۾ ھند ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1997ع ۾ سنڌ ۾سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي