شخصيتون ۽ خاڪا

تاج صحرائي

ھن ڪتاب ۾ تاج صحرائيءَ جي شخصيت تي سنڌ جي وڏن عالمن، استادن، سندس دوستن ۽ شاگردن جا مضمون ۽ مقالا شامل آھن، جنھن ذريعي سندس شخصيت جا انيڪ گڻ ۽ صلاحيتون واضح ٿيون آھن. تاج صحرائيءَ جي حياتي سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ نوجوانن لاءِ محنت ۽ سچائيءَ جو ھڪ بھترين پيغام آھي. ”سنڌ جي پڻين“، ”کيرٿر“، ۽ ”منڇر“ تي سندس تحقيق ڏسندي بلاشڪ کيس قديم آثارن جي ماھرن جي قطار ۾ بيھاري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ تاج صاحب جا ٻہ تحقيقي مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آھن.
Title Cover of book تاج صحرائي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب، محقق ۽ تاريخدان تاج صحرائيءَ جي شخصيت تي لکيل ڪالمن، مضمونن، مقالن ۽ تاثراتن تي ٻڌل ڪتاب ”تاج صحرائي“  اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سھيڙيندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشي آھي.
ھن ڪتاب ۾ تاج صحرائيءَ جي شخصيت تي سنڌ جي وڏن عالمن، استادن، سندس دوستن ۽ شاگردن جا مضمون ۽ مقالا شامل آھن، جنھن ذريعي سندس شخصيت جا انيڪ گڻ ۽ صلاحيتون واضح ٿيون آھن. تاج صحرائيءَ جي حياتي سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ نوجوانن لاءِ محنت ۽ سچائيءَ جو ھڪ بھترين پيغام آھي. ”سنڌ جي پڻين“، ”کيرٿر“، ۽ ”منڇر“ تي سندس تحقيق ڏسندي بلاشڪ کيس قديم آثارن جي ماھرن جي قطار ۾ بيھاري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ تاج صاحب جا ٻہ تحقيقي مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2011ع  ۾ منڇر پبليڪيشن، دادو پاران پيڪاڪ پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي