سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي موسيقيءَ جي امر آواز ۽ ڪھاڻيڪارہ جيجي زرينہ بلوچ جي شخصيت ۽ فن بابت سھيڙيل ڪتاب ”جيجي“ اوهان اڳيان حاضر آهي، ڪتاب جو مرتب نصير مرزا ۽ ٻانھن ٻيلي اياز لطيف پليجو آھي.
ھن ڪتاب ۾ جيجي زرينہ بلوچ جا ٻہ انٽرويو، آتم ڪٿا ”پنھنجي ڳولا“، ڪھاڻي ڪتاب ”جيجي“، خطن ۽ مھاڳن تي مشتمل ”زرينہ جون ڪھاڻيون“ شامل آھن. ھن ڪتاب ۾ جيجي زرينہ بلوچ جي فن، شخصيت ۽ قومي سياسي جدوجھد بابت رسول بخش پليجو، اختر بلوچ، ماھتاب محبوب، امداد حسيني، مخدوم جميل الزمان، ريٽا شھاڻي، محمود مغل، بدر ابڙو سميت ڪيترن ئي ليکڪن جا ڪالم ۽ مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2006ع ۾ جيجي زرينہ بلوچ اڪيڊميءَ پاران ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي