شخصيتون ۽ خاڪا

رھجي ويا ڳُڻ

ھن ڪتاب ۾ امان اللہ شيخ  14 ناميارين شخصيتن بابت پنھنجي راءِ لکي آھي، جن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد اللہ سنڌي، عالمي انقلاب جو متوالو ايم اين راءِ، سيڪيولر سنڌ جو روشن باب اللہ بخش سومرو، جي ايم سيد، مير غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، رابندر ناٿ ٽئگور، ائڊورڊ سعيد، خان عبدالغفار خان، پير حسام الدين راشدي، خان محمد پنھور، ۽ سوڀو گيانچنداڻي شامل آھن. ھنن مضمونن ۾ انھن عظيم شخصيتن جي ڪيل جدوجھد، آدرشي ڪردار، ڄاڻ ۽ انسان ذات لاءِ ڪيل خدمتن جو ڳوڙھو مطالعو ڪيل آھي. 

Title Cover of book رھجي ويا ڳُڻ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ قومپرست سياستدان امان اللہ شيخ پاران دنيا, خاص ڪري سنڌ جي اھم سياسي ۽ سماجي اڳواڻن تي لکيل مضمونن جو مجموعو ”رھجي ويا ڳُڻ“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب ۾ امان اللہ شيخ  14 ناميارين شخصيتن بابت پنھنجي راءِ لکي آھي، جن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد اللہ سنڌي، عالمي انقلاب جو متوالو ايم اين راءِ، سيڪيولر سنڌ جو روشن باب اللہ بخش سومرو، جي ايم سيد، مير غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، رابندر ناٿ ٽئگور، ائڊورڊ سعيد، خان عبدالغفار خان، پير حسام الدين راشدي، خان محمد پنھور، ۽ سوڀو گيانچنداڻي شامل آھن. ھنن مضمونن ۾ انھن عظيم شخصيتن جي ڪيل جدوجھد، آدرشي ڪردار، ڄاڻ ۽ انسان ذات لاءِ ڪيل خدمتن جو ڳوڙھو مطالعو ڪيل آھي. 
ھي ڪتاب 2010ع  ۾ ساگر پبلشنگ ھائوس، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي