شاعري

سندري سپنا ۽ صليب

ڀون سنڌي بنيادي طور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي، پر ھن پرڏيھي ادب مان چونڊ ڪھاڻيون ترجمو ڪري ھڪ سٺي ترجميڪار طور پڻ پاڻ ملھايو آھي.  ھن ڪتاب ۾ سندس دلربا احساسن تي ٻڌل نظم، غزل، گيت، وايون، بيت، قطعا، ٽيڙو ۽ ترائيل شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 41
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سندري سپنا ۽ صليب

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار ڀون سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سندري سپنا ۽ صليب“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
ڀون سنڌي بنيادي طور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي، پر ھن پرڏيھي ادب مان چونڊ ڪھاڻيون ترجمو ڪري ھڪ سٺي ترجميڪار طور پڻ پاڻ ملھايو آھي.  ھن ڪتاب ۾ سندس دلربا احساسن تي ٻڌل نظم، غزل، گيت، وايون، بيت، قطعا، ٽيڙو ۽ ترائيل شامل آھن.
ھي ڪتاب 1986ع ۾ جوڀن پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ڀون سنڌيءَ جي مھربانيءَ سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي