شاعري

باھ جون پاڙون

ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.

  • 4.5/5.0
  • 49
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book باھ جون پاڙون

حق ۽ واسطا

پشپانجلي پبليِڪيشن

بي-247،جريِپٽڪا،ناگپور-440014
Baah jun paadun
(Roota of fire)
Anthology of gazals in Sindhi
By Vinod Asudani

Printed at
Sudha Offset Printers
25, 1st floor, Prince Market,
Furniture Bazar, Ulhasnagar – 421003
Tel.(0251) 256065

Calligraphy
Dr.Prem Jethmalani
Copyright vests with the author
Printed with partical financial help from
National Council for promotion of Sindhi Language(NCPSL)
Vadodara – 390007
Price : Rs.40/- (Subsidised) November 2004

Publishers:
Pushpanjali Publication
B-247, Jaripatka, NAGPUR – 440 014
Tel. 0712-2632641

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”باھ جون پاڙون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ونود آسوُداڻيِءَ جو غزلن جو ھيءُ مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. سندس غزلن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو رھي ٿو. ھنجي تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي. ھنجي شعرن ۾ جيترو گَھِرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.
ھي ڪتاب پشپانجلي پبليِڪيشن ناگپور، ھندستان پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

شاعري ۽ سوُنھن

شاعري انسان جي اُڃ سان جڙيل سوُنھن آھي. ھرڪو پنھنجي پنھنجي نموُني پئندو آھي. پيئڻ ۽ جيئڻ جيِ پرک، ھج ڪنھن دور ۾ ميچ بہ ھونديِ آھي تہ مرم بہ سوُنھن ۽ شاعري ھر دور ۾ نت نئيِن آھي. ونود آسوُداڻيِءَ جو ھيِءُ غزلن جو مجموُعو ”باھ جون پاڙون“ ھن دور جو عڪس آھي، ڪا آھت بہ آھي. غزل شاعريءَ جيِ اُھا صنف آھي، جنھن جو تاءُ ۽ ھڳاءُ، قدرت جي ڪڻ ڪڻ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ سُمھاري، ٿڌڙا ڪڍيِ، ننڊ ڪرائيِندو آھي..

بند منھنجون اکيوُن گر ٿين ننڊ ۾،
صرف توکي ڏسان، ٻيو ن ڪوئيِ ھجي،
درد تنھنجا سڄڻ، سوُر تنھنجا سڄڻ،
مان اڪيليِ جيان، ٻيو نہ ڪوئيِ ھجي.

شاعرِي اُھو پنڌ آھي، جنھن جي وک وک انيڪ اٺسٺا آھن، وِلورا آھن، تہ بِہ ھن پيچري تي صدين کان شاعر اڪيلو ۽ اُٻاڻڪو آھي.

ڪوئيِ سمجهي نہ ٿو، پنھنجو مونکي ھتي،
ڪو نہ ٿو شھر ۾ ڪو ڏسان ڳوٺ جو،
گفتگوُ ڪان مونسان بہ تون ڪر ڪڏھن،
توکي خاموش ڪيسي ڏسان زندگيِ

ونود جا ڇھ ئي حواس نھايت ئيِ حساس آھن، ڏکڻا آھن. ڏسڻ جو حواس البت ڪمزور اٿس تہ من جو حواس، ماڻڻ جو حواس، ڀاونائن جي درد کي ڇھي ٿو وٺي.

چانڊوڪيُن راتيُن ۾ مونکي برپٽ جيِ،
ڪي ڪڻا سونھہ جا ڇڻيا ھوندا
چنڊ کي ارڳُ ھن ڏنو ھوُندو،
موُن وائدو ڪيو آ، ڪڏھن ڪيِن رُئندُس،
لڙيِ لڙڪ آيا، اُگهڻ کان ڊڄان ٿو.

ڪو بہ لظيِف فن، ھڪ لاڳيِتي مسلسل پرڪريا آھي.ڪنٽنيوُئس پروسيس. شاعر پاڻ تائيِن پھچڻ سان ئيِ، ڪنھن بہ ڀاو ٻوڏ سان پاڻ کي جوڙي ٿو. ھر ڪنھن فن کي پنھنجيوُن ڪي باريِڪيون بہ آھن، نزاڪتون بہ آھن. موُزون شاعريِ ڇند، وزن جي ردم سان بہ واسطو ٿي رکي. لفظ سان جُڙاءُ بہ آھي تہ وھنوار بہ آھي، جنھن سان ڪجھ خلقيِ سگهڻ ممڪن بڻجيِ ٿو، ڪٿان کان ڪٿي پھچيِ وڃجي ٿو، ڪي معنائوُن ڪي مُلھ اِظھار پائن ٿا.
ڪيِن لکندُس مان لفظ ڪاڳر تي
ڪوري ڪاغذ کي ئيِ ڏسيِ سمجهي،
آزموُدا ڪيا تو خوُب ڪيا،
ڪير دنيان مان ڇا کڻيِ ويندو
ڪنھن بہ فن جون ڪي بہ حدوُن ڪونھن، ڪو احساس ڪنھن نفيِس سوچ جي آس پاس وٺيِ ويندو آھي.

توُن ھوا آھيِن، پر ھوا کي پڻ،
مان تہ خوشبوُ بڻي ڇھيِ وٺندُس،
کٽ جي واڏڻ ڪوئيِ ڇڪي ويٺو،
زندگيِءَ سان بہ ڄڻ وڙھي ويٽو،
خون ھر ھر اُصوُلن جو ٿيِندو رھيو،
ڌرتيِ ٻيِھر وريِ ڇو ڌڏيِ سج لٿي.

شاعر پاڻ سان سڄي سنسار کي ھٿ جيِ اڱر پڪڙي وٺيِ ٿو ھلي. ھنجا صادق جثبا، ھر ڪنھن کي پنھنجا لڳندا آھن. پاٺڪ جي پاڻ سان مُرڪيِ سگهي تہ ھوند ڪو ڪو کٽو مٺو سواد بہ ماڻي وٺيش

تنھا تنھا ويٺو آھيان
روز رُئن ڇا مسئلو آھي، توُن موُن جھڙو، مان تو جھڙو، فرق ڪرڻ ڇا سولو آھي

ھن شاعر جو ھيِءُ ستون مجموُعو آھي. سندس پھريون مجموُعو ھندي ڀاشا ۾ ھئو. عنوان اٿس اڌوُرا آسمان. ان ۾ سندس ڀاءُ راجيش آسوداڻيِ رقيِب جا بہ ڪجه غزل آھن. ان ڪتاب جو مھوُرت پچمڙھيِءَ ۾، اکل ڀارت سنڌي ٻوليِ ۽ ساھت سڀا طرفان ڪوٺايل سيمينار ۾ ٿيو ھئو، جتي ٻئيِ شاعر حاَضر ھئا. ونود آسوُداڻيءَ جي غزلن جو ٻيون مجموُعو چڻگوُن چڻگوُن سنڌيِءَ ۾ آھي، ديوناگريِ لپيِءَ ۾. ونود جي رھائش ناگپور ۾ آھي، جتي سنڌي ٻوليِ ديوناگريِ لپيِءَ ۾ سيکاريِ وڃي ٿيِ. ان ڪتاب جو مھوُرت کجوُراھو ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻوليِ ۽ ساھت سڀا طرفان سڏايل سيمينار ۾ ٿيو ھئو، ان سيميِنار ۾ ونود محسوس ڪيو تہ ديوناگريِ لپيِءَ ۾ لکڻ بدران سنڌيِ لپيِءَ ۾ لکي، سڄاڻ پاٺڪن تائيِن پھچيِ سگهبو ۽ سندس شاعريِءَ جيِ تڪ تور پڻ تڏھن ئيِ ممڪن ٿيِنديِ. ھيِءُ سندس ٽيون غزلن جو مجموُعو باھ جوُن پاڙوُن سنڌي لپيِءَ ۾ آھي.
اِھا مڃيل حقيِقت آھي تہ شاعر ئيِ ٻوليءَ کي پالي نپائي ٿو. ھوُ ئي ساھت جي سگھ ۽ معيار کي نوان ماڻ ٿو بخشي ۽ اڳتي ھليِ پنھنجي فن، شعوُر ۽ سوُجھ ٻوُجھ سان جاتيِءَ جو نگھبان بڻجي ٿو.

سڃاڻپ مان توکي ڏيان ڪھڙيِ دلبر
ڏيئو بڻجي توفان سان وڙھندو رھندُس
ساز پراڻي کي چورڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ،
وسريل ورقن کي کولڻ ۾ وقت تہ لڳندو آ
روُح بنا بس جسم ملن ٿا، ھن چوراھي، ھن چوراھي
پاڻ مرادو چريا کلن ٿا، ھن چوراھي، ھن چوراھي

ونود آسوُداڻيِءَ جو ھيِءُ مجموُعو توھانجي ھٿن ۾ آھي. توھان ھن شاعر سان شايد اڳُ واقف نہ آھيو. ساريِ دنيان چوڻ مڃي ويندءِ
ٿوري پنھنجي ھلائي توُن بہ تہ ڏِسُ.


ارجن حاسد
264/بي، سردار نگر،
احمدآباد - 382485

پبلشر وٽان

ونود آسوُداڻيِءَ جو ھيِءُ پھريون سنڌيِ غزلن جو ڪتاب سنڌيِ لپيِءَ ۾ اوھانجي ھٿن ۾ آھي. ھن کان اڳ اٽڪل سال کن اڳ ھڪ غزلن جو ڪتاب ”چڻگوُن چڻگوُن“ ديوناگريِ لپيِءَ ۾ اوھانکي پيش ڪري چڪو آھي. پر اُن کان بہ اڳ ھو پنھنجي ڀاءُ راجيش آسوداڻيِءَ سان گڏ ھندي غزلن جو ڪتاب، ”اڌوُرا آسمان“ ڏيئيِ چڪو آھي.
پر ھن جو يقيِن آھي تہ ھوُ صرف پنھنجي مادريِ ڀاشا سنڌيِ ٻوليِءَ ۾ ئيِ بھتريِن نموُني لکي سگهي ٿو. پنھنجن احساسن کي صحيِ لباس پھرائي سگهي ٿو. پنھنجن باريِڪ وچاران کي اظھار ڏيئيِ اوھان تائيِن پھچائي سگهي ٿو.
ھر شاعر جيِ اھا خواھش ھوُنديِ آھي تہ ھوُ جو ڪجھ سوچي ٿو، لکي ٿو، سمجھي ٿو، اُھو اوھان پاٺڪن تائيِن پھچائي.
ھر سٺو پاٺڪ بہ ھميشھ پياسو ھوُندو آھي. ھوُ پنھنجي چنتن جي پياسي ٻوجھائڻ لاءِ الڳ الڳ شاعرن جي رچنائن ، ڪلپنائن ۽ ويِچارن جي گوناگون اڏامن ۾ اُڏاميِ آنند ماڻيِندو آھي. در اصل سٺو پاٺڪ ئي سٺو رچناڪار پئدا ڪندو آھي.
سُٺن پاٺڪن کان سواءِ رچناڪار ويڳاڻو ۽ ويچارو ٿي پوندو آھي. اڄُ ادب ۾ ساميِءَ وارو سُست زمانو ڪونھي. اڄُ جيت جي رفتار وارو زمانو آھي. سامي جيڪيِ لکندو ھو، اوھو مٽڪي ۾ رکندو ويندو ھئو. پنھنجي دل کي اِئين چئي آٿت ڏيِندو ھئو تہ ڪو مائيِءَ جو لعل اچيِ اون مٽڪي جي ڍڪڻ کي لاھيِندو ۽ سندس رچنائن کي ماڻھن تائيِن پھچائيِندو.
ونود جي ھن شعر جو مزو ماڻيو ....
ھوريان ھوريان ھوا ھلي ٿي اڄُ،
ٻوُر ڪنھن وڻ نئين جھليو ھوُندو

تمام ٿورن سادن اکرن ۾ ڪيڏو نہ معنا ڀريو انداز آھي، اصل دل کي ڇھيِ ٿو وڃي.
سل يا چنڊ بڻجڻو ڪونھي،
جگنوُ بڻجي بہ روشني ڏيِندُس.

ھنجي شعرن ۾ جيترو گھرو ويندا، اوترو خزانو پائيِندا.
پبلشر جي ناتي مونکي خوشيِ آھي تہ ونود آسوداڻيِءَ جي غزلن جو ھي مجموُعو ”باھ جوُن پاڙوُن“ اوھان کي نہ صرف لطف ڏيِندو پر راحت پڻ بخشيِندو....۽ بس.


ايسر ڪليانيِ،
247/بيِ، جيريِپٽڪا،
ناگپور – 440014

شاعر بابت

غزلن جي ھن مجموُعي جي شاعر شري ونود ھرديالداس آسوُداڻي جو جنم ا جنوريِ 1959 ع ۾ ناگپور ۾ ٿيو. ڄائي ڄم کان اکيُن جي جوت نہ ھجڻ کان پوءِ بہ ھوُ پڙھائيِ ۾ ننڍپڻ کان ئيِ ھميشھ اول رھيا آھن. 1988ع ۾ ھنن ڪُرويز نيوُ ماڊل ھاءِ اِسڪوُل مان مئٽرڪ جو اِمتحان 90 سيڪڙو مارڪن سان پاس ڪيو. اِمتھان ۾ ھن ميرٽ لسٽ ۾ 17 نمبر حاصل ڪيو. 1992 ۾ ناگپوُر يوُنيِورسٽيِءَ جي بيِ.اي. جي امتحان ۾ ھڪ ڀيرو وريِ ھنن پنھنجي پرتيِڀا جو چمڪندڙ چھرو حاصل ڪيو ۽ اُتي پنجون نمبر آيا. وري 1995 ۾ اوھان ناگپوُر يوُنيِورسٽيِءَ جي انگريزيِ ڊپارٽمينٽ مان ايم.اي. انگريزيِ ساھتيہ جو اِمتحان پاس ڪيو. ھن اِمتحان ۾ ھنن سڄي يوُنيِورسٽيِءَ ۾ بہ اول درجو حاصل ڪري سونو ٻلو حاصل ڪيو.
تعليِم جي کيتر ۾ اوھان جا ڪاميابي حاصل ڪئيِ آھي. اُن حصلات جو ورنن ديشيِ توڙي وديشيِ ڪتابن ۾ ٿيل، جنھن مان ڪجھ ھن ريِت آھن،

ڀارت مان شايح ٿيندڙ، لمڪا بوڪ آف رڪارڊس
ڀارت مان شايح ٿيندڙھوُ از ھوُ مين ائنڊ ومين آف ڊسٽنڪشن
اميريِڪا مان شايح ٿيندڙ، 5000 ليِڊرس آف ديِ ورلڊ
برٽانيا مان شايح ٿيندڙ، آئوُٽسٽئنڊنگ پيِپل وف ٽوٽيئٿ سينچُريِ
ڀارت مان شايح ٿيندڙ، ايسين اميريِڪن ھوُ از ھوُ
ناگپوُر جيِ ”چوکٽ سنسٿا اوھانکي ”ناگپور رتن“ جو اوارڊ ڏئيِ سمانت ڪيو آھي. مليشيا جي اينسٽيڊ يوُنيورسٽيِ ائڊوائزريِ ڪائونسل تي اوھانجي آنرريِ ميمبر جي روُپ ۾ چونڊ ٿيل آھي.
پاڻ سنڌيِ، ھنديِ ۽ انگريزيِ ڀاشائن ۾ پنھنجو قلم ھلائيِندا رھيا آھن. فلاسافيِ، منو وگيان، سماج شاستر، شطرنج، سنگيِت ۽ اِھڙا گهڻا ئيِ سندن رُچيِءَ جا کيتر آھن.
گهڻا ئيِ ڀيرا پاڻ ريڊيو ۽ دوُردرشن تان ڪاويہ پاٺ ڪري چُڪا آھن. ھن ڪتاب کان پھريِن سندس ٽي ڪتاب –

اڌوُرا آسمان (ھندي غزلن جو مجموُعو) ننڍي ڀاءُ راجيش آسوُداڻيِءَ سان گڏ
ائن ايِزيِ اپريچ تُ سوشل سائيِنس (انگريزيِءَ ۾) شاھ ٿيل آھي.
سنڌيِ غزلن جو مجموُعو ”چنگوُن چڻگووڻ“ (ديوناگريِ لپيِءَ ۾ شايح ٿيل آھي.

ھن وقت اوھان ناگپور جي شريِ رامديو بابا ڪملا نھروُ انجنيِئرنگ ڪاليج ۾ پروفيسر جي پد تي ڪاريہ ڪري رھيا آھيو.

گوپ ھيِراني

شاعر جي قلم مان.

مونکي پڙھندڙن جي ھٿ ۾ ھيِءُ پنھنجي عزلن جو سنڌيِءَ ۾ ڇپايل ٻيون مجموُعو ڏيِندي بيحد خوشيءَ جو احساس ٿيِ رھيو آھي.
ننڍپڻ کان ئي سنڌي شعر ۾ گهڻي دلچسپيِ رھيِ آھي. سنڌيِءَ جا ناميارا شاعر جھڙو ڪِ نارايڻ شيام، ھريِ دلگير، ارجن حاسد ۽ ايم.ڪمل وغيرہ جا شعر مان ننڍيِ عمر کان ئيِ پڙھندو ايِندو آھيان. ھنن اديِبن جي شعرن مان موُن گهڻو ڪجه پرايو آھي.
اڄُ غزل جي کيتر ۾ نہ رڳو پيار، محبت جو جذبو بيان ڪرڻ تائيِن محدوُد آھي، پر غزل زندگيِءَ ڪي ھر کٽي مٺي احساس کي بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي. ھر طرح جو احساس، امنگ، درد، خوشي وغيرہ سڀنيِ ڀاونائُن کي غزل ۾ شاعر بخوُبيِ بيان ڪري سگهي ٿو. شايد اھو ئيِ ڪارڻ آھي تہ غزل اڄُ ھن مقبوُل مقام تي اچيِ پھتو آھي.
تخليِق پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ڏکيِ ۽ رھسيہ ڀريل پرڪريا آھي. تخليِق ڪيِئن ٿيِ ٿئي، ان جو ڪو سڌو سنواٽو جواب ڏيڻ تمام مشڪل آھي. اُڀرندڙ سج جو نڪرڻ، سنجھا جيِ ويل لھندڙ سج جو نماڻو سروُپ، ٽاڪ منجهند جي وقت وسندڙ گرميِءَ جا اولا، رات جو گَھرو سناٽو، سمنڊ ۾ ٽپا ڏيِندڙ لھروُن يا ڪناري تي ڀِڳل ريتيِءَ جو ڪو ڪڻ، آڪاش ۾ ترندڙ بادل، چنڊ جي شيِتل چانڊوڪيِ، تارن ستارن جو ٽمٽمائڻ يا وريِ ڪو سڏ،ڪو سُڏڪو، ڪو اڌوُرو خواب، ڪا تڙفندڙ تمنا، ڪو درد، ڪو منجهيل احساس، ڪو جهوُمندڙ جذبو، ڪا مٺيِ مرڪ، ڪو ڀڳل ٻنڌن، ڪو رُٺل رشتو، يا وري ماضيِءَ جي مھڪ، ڪا مستقبل جي آھٽ، ڪا دل جي ڌڙڪن، ڪنھن پير جا نشان، ڪنھن ھٿ جو ڇُھاءُ، ڪنھن اک جي گھرائيِ، ڪنھن پايل جي جهنڪار، انھن مان ڪھڙي ڳالھ ڪڏھن شاعر جي دل کي ڇھيِ وڃي ۽ ھوُ انکي قلمبند ڪري شعر جو، ڪويِتا جو روُپ ڏيئيِ ڇڏي، چئيِ نہ ٿو سگهجي.
مونکي ڪنھن اسڪوُل يا ڪاليج ۾ سنڌيِ تعليِم حاسل ڪرڻ جو موقعونہ مليِ سگهيو آھي. ننڍپڻ کان اسانجي مرحوُم پتا صاحب شري ھرديالداس آسوُداڻيءَ مونکي ۽ اسان سڀِني ڀائرن ڀينرُن کي ھفتيوار سنڌيِ اخبار ”ھندواسيِ“ پڙھي ٻڌائيِندا ھئا. ھن اِخبار ذريعي الڳ الڳ سنڌيِ شاعرن ۽ ليکڪن کي ٻُڌڻ جو موقعو مليو. اڄُ ڏينھن تائيِن منھنجي ماتا صاحب شريِمتي لڪشميِ آسوُداڻي عہ رڳو سنڌي اخبار پر عربيِ لپيِءَ ۾ ڇپيل سنڌيِ شاعرن ۽ ليکڪن جا ڪتاب پڙھيِ ٻُڌائيِندي آھي. اڄُ اگر مان سنڌي غزل لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھيان تہ اِھو منھنجي ماتا پتا جيِ آسيِس جو ئيِ نتيجو آھي. مان پنھنجي پياري ڌرمپتنيِ آرتيِ، ڌيِءُ آسٿا ۽ ننڍي پُٽ ونيہ جو بہ ٿورائتو آھيان جيڪي نہ رڳو ھر قدم تي مونکي ساٿ ڏين ٿا، پر ھنن پنھنجي پيار سان منھنجيءَ شخسيت ۾ گهڻا ئيِ خوبصورت رنگ ڀريا آھن.
مان سنڌيِ ٻوليِءَ جي مھان اديِب مرحوُم شريِ ھري دلگيِر صاحب جو بہ ٿورائتو آھيان. ھنن صاحبن مونکي شعر جي بحر ۽ وزن ڏيڻ جي بہ ڪرپا ڪئيِ آھي.
سنڌيِ غزل جي بادشاہ ارجن حاسد جو مان تحيدليِءَ سان شڪرانا ادا ڪرڻ ٿو چاھيان. مان ھنن جي شعر کان ننڍپڻ کان ئي متاثر تہ ھوس ئيِ پر جڏھن مونکي پچمڙھيِءَ ۽ خجُراھو وارن اکل ڀارت سنڌيِ ٻوليِ ۽ ساھت سڀا طرفان ڪوٺايل سيمينارن ۾ روُبروُ ملڻ جو موقعو مليو، منھنجيِءَ دل ۾ ھنن جي لاءِ شرڌا ۽ عزت وڌيِ ويئيِ. مون ناچيز جي نماڻي وينتيِءَ کي قبوُل ڪري حسد صاحبن نہ رڳو ھن ڪتاب جو مھاڳ لکيو آھي، پر ھُنن ھر ھڪ غزل پنھنجي عالماڻيِ نظر مان ڪڍي، بحر، وزن، ٻوليِءَ جون جيڪي بہ گهٽ وڌايوُن ھيوُن سي درست ڪيون آھين حاسد صاحب جي ان رھنمائيِءَ کان سواءِ ھيِءُ منھنجو ”باہ جوُن پاڙوُن“ اوھانجي مبارڪ ھٿن ۾ ھن سھڻي انداز ۾ نہ پھچيِ سگهي ھان.
حقيِقت تہ اِھا آھي تہ مون سڀنيِ کان پھريِن ھندي ٻوليِءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. ناگپور جي سنڌي ساھت سڀا جي صدر شريِ ايِشر ڪلياڻيِءَ ۽ ٻين ساٿيُن مونکي سنڌيِءَ ۾ لکڻ لاءِ ھمٿايو. ڌيِري ڌيِري مان سنڌيِءَ ۾ قلم آزمائيِ ڪرڻ لڳُس. منھنجي ھمٿ افزائي ڪرڻ لاءِ مان ناگپور جي سنڌيِ ساھتيہ سڀا جي سڀنيِ ساٿيُن جو شڪرگذار آھيان.
مان شري ايِشر ڪلياڻيِءَ جو نہ رڳو انھي لاءِ ٿورائتو آھيان تہ ھنن مونکي وقت بہ وقت سنڌيِءَ ۾ لکڻ لاءِ پئي ھمٿايو آھي، پر ھنن پنھنجي مصروُف زندگيِءَ مان وقت ڪڍيِ ڏاڍي قرب سان ھن ڪتاب جي عربي لپيِءَ ۾ دستخت تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئيِ ۽ ھڪ اھميت ڀريو يوگدان ڏنو آھي.
مان شري ھريِ پنڪج جو بہ ٿورائتو آھيان، جنھن ھن ڪتاب کي سندر روُپ ۾ ڇپائي اوھان تائيِن پھچايو آھي. آخر ۾ مان پنھنجن سڀني ڀائرن ڀينرُن ۽ ادبيِ ساٿيُن جو شڪرگذار آھيان، جن وقت بہ وقت منھنجا غزل ٻُڌي پنھنجي قيِمتي رايا پئي ڏنا آھن.
اوھانجو پنھنجو،

ونود آسوُداڻي،
ڏياريِ، 12 نومبر 2004

پتو:
45/ڊيِ، ھيموُ ڪالاڻي چونڪ، جريِپٽڪا، ناگپور – 440014
موبائل : 7028953456

ڪجھ مان چوان

اکل ڀارت سنڌيِ ٻوليِ ۽ ساھت سڀا جي ليکڪ سيميِنار تي 2002 ۾ پچمڙھيِءَ جي دلڪش ھل اسٽيشن تي ايِسر ڪلياڻي ۽ گوپ ھيِراڻي ٻن ڀائران ونود آسوُداڻي ۽ راجيش آسوُداڻيِءَ کي وٺيِ آيا. سندن ھڪ حواس (نوُر) ڄائي ڄم کان بلڪل ڪم نہ پئي ڪيو. پر پنھنجن ٻين حواسن سان گڏُ ، اندر جي نوُرانيِ حواسن سان سرگرم بھرو وٺڻ تي ھنن صاحبن سڀنيِ کي ايتري تہ حيرانيِءَ ۾ وجهي ۽ موھي ڇڏيو جو ھرڪو سندن اِردگِرد پيو رھي.
اُتي ئيِ منھنجي بہ ساڻُن واقفيت ٿيِ ۽ کين پنھنجو لکيل ڪھاڻيُن جو مجموُعو ھٻڪندي ڀيٽ ڪيُم تہ منھنجي ھٻڪ ڏسيِ چيائيِن ”توھان ڪو بہ خيال نہ ڪريو، اسان سڀ گڏجيِ ويھيِ ڪھاڻيوُن پڙھنداسيِن. اسانجيِ ماءُ ۽ ونود جي پتنيِ پڙھيِ ٻُڌائيِنديون.“
ٻن ھفتن ۾ رايو بہ موڪلي ڏنائوُن ۽ اڃا ھاھر ڪيائوُن تہ اھي ڪھاڻيون ھوُ انگريزيِءَ ۾ الٿو ڪرڻ چاھن ٿا. ساڻ ساڻ پنھنجو ھنديِءَ ۾ ڇپيل غزلن جو مجموُعو ”اڌوُرا آڪاش“ بہ موڪلي ڏنائوُن. موُنکي نہ ھندي ۽ نہ ئيِ ديوناگري چڱيِءَ طرح ايِندي آھي انڪري بنا پڙھڻ جي ئيِ چُپ رھيُس.
سال کان پوءِ وري 2003 ۾ ساھت سڀا پاران ڪوٺايل سيميِنار ۾ خجوُراھو جي مندرن واري ماحول ۾ گڏياسيِن. سڄي ڏيِنھن جي پروگرام کان پوءِ رات جو چڱا شاعر ارجن حاسد، ناريِ لڇواڻي ۽ ٻيا 15-20 شاعر چانڊوڪيِءَ جي ڪشش ڪري اچي مشاعرو ڪندا ھئا. مان شاعر ڪون آھيان، پوءِ بہ ھنن جي وچ ۾ ڪانوَ وانگُر ڪُنڊ وٺيِ اچيِ وھندو ھوس. ھڪ رات ونود صاحب بہ اچيِ پاسي ۾ ويٺو. منھنجي واري اچڻ تي موُن چيو ” ڀائيِ، مان شاعر ڪونہ آھيان.“ تنھن تي پاسي ۾ ويٺل ونود چيو”پنڪج صاحب، توھان مھنجُن غزلن تي ڪو بہ رايو ڪونہ موڪليو، اِئين ڇو ڀلا؟“
مونکان عجب گاڏڙ ڇرڪ نڪريِ ويو. پڇيومانس،” توھان کي بنا ڏٺي ڪيِئن خبر پئيِ تہ مان ھري پنڪج آھيان.“
کليِ ڪري چيائيِن، ”سال اڳ ۾ پچمڙھيِءَ ۾ ڏھ منٽ ڳالھايو ھئوسيِن. بس، آواز ياد اٿم.“
نہ صرف تخليِقيِ علم ۾ پر زندگيِءَ جي ھر پھلوُءَ ۾ پنھنجي ٻاھرئين ۽ اندرئين نوُراني ۽ غئبيِ حواس کان گڏيل ڪم وٺندڙ ھيِءَ ادڀُت شخصيت 2004 ۾ منھنجي گهر اچيِ پھتوِ ۽ صاف سٿري غزلن جي باقائدي لکيل ڪاپيِ ھٿ ۾ ڏيِندي چيائيِن،” ھيِءُ مجموُعو سنڌي عربي لپيِءَ ۾ تہ ڇپائي ڏيو. پنھنجي ولر کان وڇڙيِ ويو ھوس.“
مون ۾ تہ جمبش اچيِ وئيِ ۽ ڪيتريون راتيوُن اھي غزلوُن ور ور ڪري پيو پڙھندو آھيان، توھان پاڻ ئيِ پڙھو.


ھريِ پنڪج

غزل

---

سونھن ھر ھر ڏسڻ جي عادت آ،

سونھن ھر ھر ڏسڻ جي عادت آ،
باھ ۾ ھٿ وجهڻ جي عادت آ.

ڀل ھجي ڪيتري پري منزل،
پنڌ موُنکي ڪرڻ جي عادت آ.

دل چوي چُپ ڪري وِھڻ سِکُ توُن،
ساھُ ھوريان کڻڻ جي عادت آ.

ٿوري ٿوري کُلڻ جي عادت آ،
ڳالھ چوندي کلڻ جي عادت آ.

تون دريِ در نہ کول منھنجي لاءِ،
ڀت ڀڃي گهر اچڻ جي عادت آ.

مان خودا کي ڇو ويھيِ ٿو ٻاڏايان،
نالو تنھنجو ڳنھڻ جي عادت آ.

مونکي ڪوئيِ چڱو چوي نہ چوي،
ڇا ڪيان سچُ چوڻ جي عادت آ.

ڇو ٿا سوُريِءَ تي اُن کي لٽڪايو،
صرف جنھن کي لکڻ جي عادت آ.

پنڌ کان اڳُ ئيِ ٿڪُ ٿيڻ لڳو آ،

پنڌ کان اڳُ ئيِ ٿڪُ ٿيڻ لڳو آ،
خار وانگُر گل بہ چُڀڻ لڳو آ.

جيستائيِن وڏا ٿين پاڇا،
سج اولھ ۾ ڏس لھڻ لڳو آ.

ھوُ نوان ڪپڙا ڪيِن پائيِندو،
ھِڪُ پراڻو لٿو سُبڻ لڳو آ.

روئيِ روئيِ سُڪيِ ويوُن اکڙيوُن،
آلي ڪپڙي سان ڏس اُگهڻ لڳو آ.

ھوُ رُئڻ جو بہ فن سکيِ ويندو،
سوڏڪا ھوريان ڏسو ڀرڻ لڳو آ.

محبت سان جبلن کي ڳرندو ڏٺوسيِن،

محبت سان جبلن کي ڳرندو ڏٺوسيِن،
پراون کي خوش ٿيِندو کلندو ڏٺوسيِن.

نہ درياہ ھو گھرو، نہ طوفان لڳو پئي،
الائي ڇو ڪشتيِءَ کي ٻوڏندو ڏٺوسيِن.

عقل ٿورو آھي مگر خوش رھوُن ٿا،
گهڻيِ سمجھ وارن کي مجھندو ڏٺوسيِن،

پاڻ کي پاڻ کان ڇڏائي ڪو،

پاڻ کي پاڻ کان ڇڏائي ڪو،
ڪير آھيان اِھو ٻُڌائي ڪو.

دَردَ دل ۾ اڃا ڪچا آھن،
باھ ٻاري وري سِجھائي ڪو.

ڇا ڪريان ياد ڪيِئن وساريان مان،
ايترو ئيِ اچيِ ٻڌائي ڪو.

گر خدا کي نہ ٿو مڃي دلبر،
ساري دنيا ڏسان ملائي ڪو.

روئي روئي وريِ کلي ڇو ٿو؟

روئي روئي وريِ کلي ڇو ٿو؟
ھوُ چريو آ مگر وڻي ڇو ٿو؟

آسمان تي ڪڏھن نہ پھچي ھوُ،
پوءِ بہ پنڇيِ مٿي اُڏي ڇو ٿو؟

وڻ اڃا ٻوُر پڻ جھليو ڪونھي،
ٻار پٿر کڻي، ھڻي ڇو ٿو؟

مونکي تنھا ڇڏي وڃڻ وارو،
منھنجي ڏاڪڻ ڀلا، ڇڙھي ڇو ٿو؟

ھوُ بہ ديِوانو بڻجي پيو آھي،
شعر منھنجا رڳا پڙھي ڇو ٿو؟

محبت جو جذبو وساري ڇڏيوسيِن،

محبت جو جذبو وساري ڇڏيوسيِن،
ڪڍيِ دل کي ٿڌڙا سمھاري ڇڏيوسيِن.

نہ مونکان پڇو ھاڻي مان ڪير آھيان؟
وسيِلو لُڃاڻپ جو، ساڙي ڇڏيوسيِن.

رھي باقي منھنجي نہ کاتي ۾ ڪجھ ڀيِ،
حياتيِءَ جو پل پل گذاري ڇڏيوسيِن.

نہ ڪائيِ تمنا رھي ۽ نہ اُڻ تُڻ،
اڱڻ دل جو يارو ٻُھاري ڇڏيوسيِن.

سُٺو ڳوٺ پنھنجو اباڻو وطن ھو،
ورھيہ ٿيا سنڌوُءَ جي ڪناري ڇڏيوسيِن.

پاڻ کان ڀءُ ٿو لڳي اوندہ ۾،

پاڻ کان ڀءُ ٿو لڳي اوندہ ۾،
ڪيِن ڪا چيز وڻي اوندہ ۾.

ڏيِنھن ڪيئن ڪيِئن نہ وڃي گذري ٿو،
وقت ڇو ڪيِن چُري اوندہ ۾.

رات ساريِ سو پڙاڏو ٻُڌجي،
ھوريان گر ڪوئيِ سڏي اوندہ ۾.

دل جو دمرو بہ تہ خاليِ آھي،
ڪو اچيِ رات رھي اوندہ ۾.

ڪيڏو مشڪل آ دڍي ڪيِئن سگهبو،
ڪوئيِ ڪنڊو جي چڀي اوندہ ۾.

ڪا بہ حسرت نہ آ دل ۾ باقي،
بيقراريِ ٿيِ ڏنگي اوندہ ۾.

درد رھندو اِئين مرڻ تائيِن،

درد رھندو اِئين مرڻ تائيِن،
زندگيِءَ جو سڳو ٽُٽڻ تائيِن.

آھي پاڻي يا مئہ پڇو ڇو ٿا،
فرق لڳندو آ پيِئڻ تائيِن.

ڪير رُئندو اچيِ اسان سان گڏ،
دوست آھن رڳو چوڻ تائيِن.

پيار جو ھڪ ڏئو جلائي رک،
رات گذري سھر ٿيڻ تائيِن.

توُن نہ رھُ موُنسان عمر تائيِن ڀل،
ساٿ ڏي ساھ ڪي کڻڻ تائيِن.

زندگي ڀر نہ مل ڪڏھن موُنسان،
ڪا تہ حسرت رھي مرڻ تائيِن.

ڪا دوا يا دُئا، نہ فرق آھي،
مان تہ رھندُس چريو مرڻ تائيِن.

قرب جو ڪڙو کڙڪائي ڏسجانءِ،

قرب جو ڪڙو کڙڪائي ڏسجانءِ،
ليِئو دريِءَ مان پائي ڏسجانءِ.

ھوُندو سنڌيِ تہ در کوليِندو،
شاھ جو نغمو ڳائي ڏسجانءِ.

آلاڻ اکيُن ۾ ڏاڍيِ آ،
اُس نڪتيِ آ سُڪائي ڏسجانءِ.

ٿيندو ويندين ويجھو خُدا جي،
ٻار کي ڪنھن پرچائي ڏسجانءِ.

تنھنجا خواب اکين ۾ ھوندا،
اڌُ ننڊ مان جاڳائي ڏسجانءِ.

ڇيِھوُن ڇيِھوُن ٿيِ ويندين توُن،
ڪنھن سان دلڙيِ لائي ڏسجانءِ.

ٿورو اکرن سان کيڏڻ ڏي،

ٿورو اکرن سان کيڏڻ ڏي،
چَند سَلا من ۾، اُڀرڻ ڏي.

اوُندہ ۾ گُم ٿيِ ويو آھي،
وجوُد پنھنجي کي ڳولھِڻ ڏي.

اڄُ ھوُ سِر پڻ لاھي ڏيِندو،
ٻيِجل بڻجي چنگ چورڻ ڏي.

سڳو وڃي ٿو عمر جو کُلندو،
گهڙيوُن ڪي ڪاڳر ۾ ويڙھڻ ڏي.

ذھن سڄو وڪڻيِ کاڌو موُن،
خواب بچيل آھن، وڪڻن ڏي.

وراثت جا خالي کوکا سڀُ،
باھ جلائي ھڪ ساڙڻ ڏي.

ياد جي ڪنھن ويِران ٻنيِءَ ۾،
فصل سِنڌيت جو پوکڻ ڏي.

موُن وري زندگي پڻ ڏٺي، سج لٿي

موُن وري زندگي پڻ ڏٺي، سج لٿي،
سار پنھنجي اچي ڄڻ لڌيِ، سج لٿي.

ڇانو ڳولھيِندو ڳولھيِندو آيُس ھتي،
تنھنجي پاڇي ڪا حسرت ڏٺيِ، سج لٿي.

ڪشمڪش ۾ سڄي عمر گذريِ وئيِ،
سانت سان ڪيِئن وھان گهڙيِ، سج لٿي.

ساھُ ٻوساٽجي ڪيڏيِ گرميِ گهڻي،
شڪر آ ھوا ٿيِ ھلي، سج لٿي.

ڪنھنجي ڳولھا خبر ناھي ڇو ٿيِ ڪري،
زندگي ڄڻ لڳي ٿيِ چريِ، سج لٿي.

کٽ جي واڏڻ ڪوئي ڇڪي ويٺو،

کٽ جي واڏڻ ڪوئي ڇڪي ويٺو،
زندگيِءَ سان بہ ڄڻ وڙھي ويٺو.

کيس بھڻ تہ ايِندو ڪونھي،
ننڊ ۾ پڻ ڏٺُم چُري ويٺو..

ڪير ٻُڌندو نہ ڪنھن ٻڌو آھي،
واڪو واڪاڻ ھوُ ڪري ويٺو.

ھن کي وڃڻو ڪٿي بہ ڪون آھي،
آرسيِءَ سان تہ سچ سلي ويٺو.

ڪا تہ ڳر، ڪور ڪجھ تہ ھٿ ايِندو،
وقت کي ڦل جيان ڇِلي ويٺو.

جنگ ڪنھن ڪيِئن ڪرائيِ، ڪير پڇي،
ماڻھوُ ماڻھوُءَ لي بس ڪھي ويٺو.

ڪوئيِ چيِڀاٽجي وڃي تہ وڃي،
روز ڊڪندو آ جو ڊڪي ويٺو.

ڪا خوشي، ڪو تہ غم، گهُري وٺندُس،

ڪا خوشي، ڪو تہ غم، گهُري وٺندُس،
ھن کان مان ڪا تہ سوُکڙي وٺندُس.

صاف دل کي ڪرڻ ضروُريِ آھي،
مان تہ بازار مان، مُئيِ وٺندُس.

ھڪ سُئيِ ھڪ سڳو ڏئي ڇڏ توُن،
گُلن جو ھار مان پُئي وٺندُس.

توُن ھوا آھين پر ھوا کي پڻ،
مان تہ خوشبو بڻيِ، ڇھي وٺندُس.

سارو سامان گهر جو وڪڻيِ پڻ،
سنڌ جي ٿورڙي مٽيِ وٺندُس.

لھندو سج ھُن بہ اڄُ ڏٺو ھوندو،

لھندو سج ھُن بہ اڄُ ڏٺو ھوندو،
دل ئي دل ۾ تہ ڪجھ چيو ھوُندو.

پنھنجي گهر جو پتو پڇيِ ويٺو،
ھوُ بہ مون جھڙو ئِ چريو ھوُندو.

ھوريان ھوريان ھوا ھلي ٿي اڄُ،
ٻُور ڪنھن وڻ نئين جهليو ھوُندو.

ڪي ڪڻا سونھن جا ڇڻيا گهر ۾،
چنڊ کي ارڳ ھن ڏنو ھوُندو.

رھنڊون رھنڊون سڄو ذھن ٿي پيو،
سوچ جي ننھن سان ڪنھن کنيو ھوُندو.

ڪڏھن ڪيِئن ڪنھنکي مان ڪجھ يار چوندُس،

ڪڏھن ڪيِئن ڪنھنکي مان ڪجھ يار چوندُس،
فقط پنھنجيِ ڌن ۾ مگن مان تہ رھندُس.

سڃڪڻپ مان توکي ڏيان ڪھڙي دلبر،
ڏيِئو بڻجيِ طوفان سان وڙھندو رھدُس.

نہ ديِوار ڪافيِ، نہ ڪائيِ ھجي ڇت،
محبت جيِ ڳولھي مگر ڇانو لھندُس.

نہ ڪائيِ خوشيِ آ، نہ غم آھي ڪوئيِ،
چرين سان چريو ٿيِ پيو آنءُ نچندُس.

سلا زھر جا سڀُ ڪڍي مان ٻنيِءَ مان،
محبت جو ٻوُٽو فقط ھڪڙو ھڻندس.

ڪيان ڇا مان ھيرا، ڪيان ڇا مان ماڻڪ،
اچيِ تنھنجي چانئٺ مِٽي ٿوريِ چُمندُس.

پيار وٺڻ ڇا سئلو آھي؟

پيار وٺڻ ڇا سئلو آھي؟
سوُنھن بڻڻ ڇا سئُلو آھي؟

تنھا تنھا ويٺو آھيا،
روز رُئڻ ڇا سئُلو آھي؟

پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا،
پنڌ ھلڻ ڇا سئُلو آھي؟

ڀاڱا ڀاڱا ٿي پيو آھيان،
ساھُ کڻڻ ڇا سئُلو آھي؟

گسَھرو درياھ، ڪشتي ناھي،
پار وڃڻ ڇا سئُلو آھي؟

اوُنداھيون اوُنداھيوُن راتيوُن،
چنڊ ڇُھڻ ڇا سئُلو آھي؟

ڀڄيِ ڀُريِ پيا آئيِنا سڀ،
پاڻ پسڻ، ڇا سئُلو آھي؟

شھر جا لوڏا کائيِ کائيِ،
چءُ مرڪڻ، ڇا سئُلو آھي؟

توُن موُن جھڙو، مان تو جھڙو،
فرق ڪرڻ ڇا سئُلو آھي؟

ڳِلُ شڪل وڻ سان توُن لڳائي ڏِس،

ڳِلُ شڪل وڻ سان توُن لڳائي ڏِس،
ڪو تہ سنتوش دل جو پائي ڏِس.

ڳالھ موُن تي تہ ڪا اثر نہ ڪنديِ،
ڪوئيِ خنجر توُن آزمائي ڏِس.

ڦوُڪ ٿوريِ ڪڏھن زروُري آ،
باھ ٽانڊن مان توُن جلائي ڏِس.

ٻہ ڪنارا ٻڳ ٿي رھڻ چاھن،
ڀل تہ دريا سڄو سُڪائي ڏِس.

ناھي پائڻ خودا کي پڻ اوکو،
صرف چائٺ تي سر جھڪائي ڏِس.

سَرءُ جا سُڏڪا ڪو ٻُڌيِ تہ ڏسي،

سَرءُ جا سُڏڪا ڪو ٻُڌيِ تہ ڏسي،
درد دل ۾ سانڍي رکيِ تہ ڏِسي.

ڪيڏيِ مضبوُت دل رکان ٿو مان،
ڪوئي پٿر اچي ھڻي تہ ڏِسي.

پيار ۽ سونھ جو معيار ڇاھي،
شخس ڪو ھن سان بس ملي تہ ڏِسي.

اوُنھو دريا بہ پار ٿيِ ويندو،
ڪوئي ٿوري ھمٿ ٻڌيِ تہ ڏِسي.

زخم گھرا بہ مان سُبي ڄاڻان،
ڪو سڳو ۽ سُئيِ ڏئيِ تہ ڏِسي.

ايڏا نازڪ رشتا آھي، ھٿ لڳڻ سان ڀُري پيا،

ايڏا نازڪ رشتا آھي، ھٿ لڳڻ سان ڀُري پيا،
سوچي سوچي ٻڌم بہ ڌاڳا، ھٿ لڳڻ سان کُلي پيا.

جيڪي پٿر دل ھئي سي پڻ، رُئن رڙن ٿا ھاڻي،
زندگيِءَ سان گفتگوُ ڪندي الائي ڇو ڇَلي پيا.

جاڳي جاڳي ڪيڏيوُن راتيوُن، مونکي آخر ننڊ آئيِ،
زور زور سان سڏ ڪيا ڪنھن، خواب مڙيوئيِ ٽُٽي پيا.

چئو ڀلا گُل ڪيستائيِن ٽاريِءَ تي مُرڪن ۽ مشڪن،
ھوريان ڪنھنجي واٽ نھاري شام جو آخر ڇِڄيِ پيا.

ڪيِن آيو عظر ڪوئيِ مونکي، موُن جھڙو ڪٿي عڪس،
آئيِنا ڪيڏا الائي ڏسندي ڏسندي ڀڄيِ پيا.

ڇانو ۾ ھڪ گهڙي وگڻ ڏي ڪڏھن،

ڇانو ۾ ھڪ گهڙي وگڻ ڏي ڪڏھن،
پاڻ کي پاڻ سان، ملڻ ڏي ڪڏھن.

چھرو منھنجو بدلجي ويو آھي،
آرسيِءَ ۾ وري ڏسڻ ڏي ڪڏھن.

بند دروازي مان اچيِ ڪئن اُس،
اولڙو ڀت تي ھڪ، ڪرڻ ڏي ڪڏھن.

ڪين مونکي کپي خزانو ڪو،
ڪي گهڙيوُن پاڻ پٽ وگڻ ڏي ڪڏھن.

اُس جا ڪجھ ترورا رکيم چپ تي،
بس رُڳو چنڊ کي چمڻ ڏي ڪڏھن.

ڪنھن نہ سمجھو نہ ڪوئي سمجهي ھان،
ليِڪا پاڻيِءَ تي تہ بہ ڪڍڻ ڏي ڪڏھن.

بند مُٺ آھيان مان، کُليِ پوندُس،

بند مُٺ آھيان مان، کُليِ پوندُس،
ھٿ لڳائڻ سان ئي، ڀُري پوندُس.

داستان توکي ڪيِئن ٻُڌايان مان،
چوندي چوندي ئي پڪ، ڇُلي پوندُس.

وقت کي ڪئن ٻَڌي رکان يارو،
آھيان ڌاڳو ڪچو، ٽُٽي پوندُس.

ڪا اداوت ھوا سان ڪانھي پو،
ٻوُر آھيان اڃا، ڇڻيِ پوندُس.

مان يُگن جو پُراڻو ائيِنو،
ڇو ٿا پٿر ھڻو، ڀڄيِ پوندُس.

روُح بنا بس جسم مِلڻ ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي،

روُح بنا بس جسم مِلڻ ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي،
پاڻمرادو ڄڻ چريا کلن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

سُڃيوُن سُڃيوُن سڀ بستيوُن آھن، موڳا آھن شھر گهٽيوُن سڀ،
ڪڄپتليُن جيان ڪي تہ نچن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

ڪوڙ وڇائڻ ڪوڙ ٿا پائن، پوءِ بہ پاڻ کي مُکي چوائن،
پاڻ پڏائي گهڻا ھلن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

جيِئڻ جي چاھن، جيِئڻ نہ سئُلو، مجڻ جي چاھن مرڻ نہ سئُلو،
ھوريان ھوريان ساھُ ڪڍن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

سڀني جي ھٿ ۾ خنجر آ، قاتل کي چءُ ڪيِئن سڃڪڻان؟
چيھرا ساڳيا ئيِ تہ ھجن ٿا، ھن چوَراھي ھن چوَراھي.

ساز پُراڻي کي چورڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ،

ساز پُراڻي کي چورڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ،
وسريل ورقن کي کولڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ.

ھر ھند ڪيِئن توکي ملندو چءُ، پٿر ناھي ھوُ،
ھيري کي ڳولھڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ.

ھڪ آيو ھو جھونڪو ھوا جو، ڊاھي ويو سڀُ سپنا،
ريتيِءَ جا ڪي گھر ٺاھڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ.

يادن جا پن شڪل ھجن يا خوشبوءِ جيان تازا،
ذھن جي وڻ کان ڌار ٿيڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ.

گل ڦل ميوا سُھڻا سُرھا، بعضي مرجھايل،
بنا ڏندن جي سواد چکڻ ۾، وقت تہ لڳندو آ.

آس جي تڙڪيِءَ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪريان،

آس جي تڙڪيِءَ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪريان،
ھٿ سان پربت کي ڌيڏڻ جي ڪوشش ڪريان.

تتل ڌرتيِ آھي، پير اُگھاڙا آھن،
پوءِ بہ يارو، پنڌ ھلڻ جي ڪوشش ڪريان.

زندگيِ ناز تنھنجا ڏکيا ٿا لڳن،
ننڊ ۾ ٿو وفلڻ جي ڪوشش ڪريان.

چيز ڪا ڪيِن حاصل ٿيڻيِ آ ڪڏھن،
مان ٿو پاڻي ولوڙڻ جيِ ڪوشش ڪريان.

ڪو سھي يا غلت تي بہ سوچي نہ ٿو،
مان اُسوُلن کي پاڙڻ جي ڪوشش ڪريان.

مونکي ڪيِئن ڪو زندگيِ سمجهي؟

مونکي ڪيِئن ڪو زندگيِ سمجهي؟
ڪيِئن انڌيرن کي روشني سمجهي؟

آ چوڻ سئُلو، پر ڪرڻ اوکو،
ڪيِئن ڪو خواھشن کي تشنگي سمجهي؟

مان تہ ديِوار در بنا رھندُس،
جنھن کي جئن ڀي وڻي، وڃيِ سمجهي؟

ڪھڙو ٿيندو آ درد جو نالو،
جنھن کي دل آھي سو ڀليِ سمجهي؟

ڪيِئن لکندُس مان لفظ ڪاڳر تي،
ڪوري ڪاغذ کي ئيِ ڏسيِ سمجھي؟

پيار کي ٿيِندي پنھنجي ٻوليِ آ،
طنز کي پڻ تو بيرُخي سمجهي؟

(حاسد جي قلم مان)

اندر اندر جھرندو آھيان،

اندر اندر جھرندو آھيان،
ٻاھر ٻڙڪ نہ ڪڍندو آھيان.

پائڻ منزل مقصد ناھي،
پو بہ سدائيِن ڊُڪندو آھيان.

مون جھڙو ڪو پاڳل ناھي،
کن ۾ کلندو رُئندو آھيان.

ذھن ۾ تنھنجي يادن جا گئل،
پوکي خود ئي لُڻندو آھيان.

شام جو پل ڊيڄاريِندڙ آ،
بند ڪري در وھندو آھيان.

موُن وٽ نلندءِ خواب ٽٽل سڀ،
ٽڪرا سانڍي رکندو آھيان.

گھر بہ خود گھر ھجڻ ضروُري آجي

گھر بہ خود گھر ھجڻ ضروُري آجي،
منھنجي ڀر ۾ وھڻ ضروُري آھي.

سج لھڻ سان تپت نہ گهٽجي ٿي،
ڪٿي ساھي پٽڻ ضروُري آھي.

سچ ٻُڌائي نہ قتل ڪر منھنجو،
مرڪي مجڪي آلڻ ضروُري آھي.

بند در توُن ڏسيِ نہ موٽي وڃُ،
در تي دستڪ ڏيڻ ضروُري آھي.

ڪفن لاءِ ڪو لٽو ملي نہ ملي،
تنھنجي چنري ھئڻ ضروُري آھي.

پاڻ جھڙو نہ ٿو لڳي ڪوئي،

پاڻ جھڙو نہ ٿو لڳي ڪوئي،
شخص کي شخص جي وڻي ڪوئي.

خوب آھي دوُنھو چون ٿا سڀ،
چڻگ جيان ٿو ڪٿي دکي ڪوئي.

شاعري ٿو ڪيان چوي ھرڪو،
شعر ڪنھنکي اگر چڀي ڪوئيِ.

ٿو پڪاري خُدا کي ھرڪو ھت،
پر خُدا جي نٿو ٻڌي ڪوئي.

خوف ٿو موت جيان اچي وڌندو،
ڳالھ خنجر جي جي، ڪڍي ڪوئي.

شھر ڪوُڙو پچار ڪوُڙن جيِ،
سچ متان ڪو ھتي چوي ڪوئي.

اُس کي ڪيئن مان ڇانو چوان؟

اُس کي ڪيئن مان ڇانو چوان؟
بزم ۾ تنھا ڪيِئن رھان؟

چنڊ جو ٽڪڙو مونکي ڏي،
آنءُ سڄو ٿو ڪٿي گهران؟

راھ گلن جي وک وک تي،
ٿورا ڪنڊا ڇو نہ رکان؟

درد در وٽ رکي ڇڏيا،
چويِن تہ اندر کڻي اچان؟

صرف چپن تي مرڪ رھيِ،
ٻيو تہ خدا کان ڪجھ نہ گهران؟

ياد رکڻو ڪونھي پر،
مان وساري بہ ڪيِن سگھان؟

تنھنجي اڱڻ جي ڪنھن ڪنڊ ۾،
آ تمنا اچي وھان؟

ڀڳل آرسيِ آھي ھيِءَ،
اولڙو ڀت تي ڪيِئن وجھان؟

ڪورو ڪاڳر کڻي پڙھان ويٺو،

ڪورو ڪاڳر کڻي پڙھان ويٺو،
پاڻ سان پاڻ ڄڻ وڙھان ويٺو.

ڳالھ ڪائيِ بہ ناھي يار پر،
خوامخواھ ڇو اِئين چڙان ويٺو.

ڪيڏو مشڪل ھلڻ زميِن تي آ،
مان ھوا کان مٿي ڄڻ اُڏان ويٺو.

داستان پوُرو ڪيِئن ڀلا ٿيندو،
روز شروُعات کان لکان ويٺو.

زخم کاڏي صديون صديوُن گزريوُن،
يار مان ڇو اڃان رئان ويٺو.

عڪس ڪو ذھن ۾ نہ ٿو اُڀري،
غور سان چھرا سڀ ڏسان ويٺو.

مونکي سمجھي مُئل ڇڏي ويا سڀ،
مان تہ ھوريان ڏسو چران ويٺو.

ياد آھي اُھو گھر اڃان ڳوٺ جو،

ياد آھي اُھو گھر اڃان ڳوٺ جو،
شھر ۾ پلجي ڪيِئن مان رھان ڳوٺ جو.

پنھنجو آھي اڱڻ ڪين آھي پپر،
ذڪر ڪنھن سان مان ھاڻي ڪيان ڳوٺ جو.

ڪوئيِ سمجھي نہ ٿو پنھنجو موُنکي ھتي،
ڪون ٿو شھر ۾ ڪو ڏسان ڳوٺ جو.

ھڪ پراڻو لٽو موُن سنڀالي رکيو،
ڪفن آڻيان ڀلا مان ڪٿان ڳوٺ جو.

ادل ڪنڀار آئين ڪڏھن ڳوٺ مان،
ڏي مٽيِءَ ذرو مان، چُمان ڳوٺ جو.

چنڊ تي روز مان ڪيِئن وڃان زندگي،

چنڊ تي روز مان ڪيِئن وڃان زندگي،
ڪنھن کي پنھنجو اِتي ڪيِئن چوان زندگي.

اَجنبيِ ھيِءَ زميِن، اجنبيِ عرش پڻ،
گھر بڻائي ڪٿي ڪيِئن رھان زندگي.

گفتگوُ ڪا تہ مون سان بہ توُن ڪر ڪڏھن،
توکي خاموش ڪيسيِن ڏسان زندگي.

مئڪدو يا وريِ ڪوئيِ مندر مڃي،
دفن ھر غام جتي مان ڪيان زندگي.

پير منھنجا فٽيل، گوڏا آھن گٺل،
ايترو تيز مان ڪيِئن ڊڪان زندگي.

اڄُ سڳو وقت جو ھٿُ ڇڏائي ويو،
زخم ڪنھن مُرڪ سان چءُ سِڀان زندگي.

ترس ھڪڙي گهڙي، گڏُ ھلڻ جي گهريِن،
خط تہ ھڪڙو خدا کي لِکان زندگي.

ايڏي مجبوُر مون اڄُ ڏٺيِ زندگي،

ايڏي مجبوُر مون اڄُ ڏٺيِ زندگي،
پاڻ کان ڄڻ ٿڪل پئيِ لڳي زندگي.

ڪي وکوُن چار گڏجيِ توُن مون سان بہ ھل،
مان مُسافر، مُسافر بڻي زندگي.

شام جو، صبح جو، رات جو، ڏيِنھن جو،
ھر گھڙيِ روُپ بدلي مليِ زندگي.

ڪيڏو مضبوُط آ، وقت جو ھي سڳو،
ڏِس تہ ڪيِئن ڪيِئن رکي ٿي ٻڌي زندگي.

ڀل خفا، ڀل رُٺل سڀ، گِلائوُن سوين،
تون نہ مون سان ڪڏھن وڃُ رُسي زندگي.

اُف نہ ڪر توُن زبان سان، نہ چُ لفظ ھِڪُ،
ڪِئن رھان چپ ڪري مان سڄي زندگيِ.

درد ڪيڏا مليا، لڙڪ ڪيڏا مليا،
ڇا ٻُڌايان مان تو کي چري زندگيِ.

وقت کان ڀڳتي ھلڻ جيِ ڪوشش،

وقت کان ڀڳتي ھلڻ جيِ ڪوشش،
ڪجھ چئيِ پڻ نہ چوڻ جيِ ڪوشش.

ھا، ڪِريوُن منھنجوُن جي ٻاھوُن ڪٽجي،
تہ بہ ڪندس بار کڻڻ جيِ ڪوشش.

زندگيِ قفس ۾ گذريِ وئيِ،
ڇو ڪيان ھاڻي اُڏڻ جيِ ڪوشش.

ڪر يقيِن ڀل جي ڪرڻ چاھيِن توُن،
ڪر خدا کي نُ ڏِسڻ جيِ ڪوشش.

مُند برسات جي تہ ناھي پر،
نيڻ ڇو ڪن ٿا وسڻ جيِ ڪوشش.

ڳالھ دل جي ڪڏھن چئيِ نہ سگهيو،

ڳالھ دل جي ڪڏھن چئيِ نہ سگهيو،
چوٽ گھريِ اُھا، سھيِ نہ سگهيو.

زندگيِءَ جي تہ ڳالھ ئيِ ناھي،
ڪي گھڙيوُن پڻ ڪٿي رھي نہ سگهيو.

ڪيڏيِ منظل ھوُ طئہ ڪري آيو،
باقيِ ٿوريوُن وکوُن ھو کڻي نہ سگهيو.

چند داڻا ڏسيِ اڱڻ ۾ اڄُ،
ڀت تي ويٺل پکيِ اُڏي نہ سگهيو.

بند اکڙيووڻ ڪري ھوُ ويٺو آ،
تروڙي جي چمڪ ڏسيِ نہ سگهيو.

ڇو ٿو مٽيِءَ جا گهر فقت ٺاھي،
ايِنٽ ڀٿر ڪڏھن وٺيِ نہ سگهيو.

ھن ڪڏھن پنھنجا ھٿ نہ فھلايا،
ھوُ خدا کان بہ ڪجھ گهُريِ نہ سگهيو.

دوُر کان ڪيترا مِلڻ آيا،
ويجھو رھندي بہ ھوُ اچي نہ سگهيو.

ھوائن جي اڄُ مان ھلڻ کان ڊڄان ٿو،

ھوائن جي اڄُ مان ھلڻ کان ڊڄان ٿو،
مان خود کي بہ ڄڻ ڪجھ چوڻ کان ڊڄان ٿو.

ھليو مان تہ آيس، سندس در تي يارو،
مگر کيس سڏڙا ڪرڻ کان ڊڄان ٿو.

سُڃاڻن ھي ماڻھوُ سڀئي ٿا مونکي،
مگر مان تہ ڪنھن کان ملڻ کان ڊڄان ٿو.

سوالن پٺيان آ جوابن جو وارو،
الائي ڇو مان ڪجھ پُڇڻ کان ڊڄان ٿو.

نوان رنگ آھي، نوان ڍنگ آھن،
زماني جوُن ڳالھيوُن سکڻ کان ڊڄان ٿو.

سنڀالي سنڀالي سڄڻ توُن بہ ھلجانءِ،
ڏٺل راھ تي پڻ ھلڻ کان ڊڄان ٿو.

لڳا ڪيترا زخم دل تي چوان ڇا؟
فضائُن کي ھاڻي ڇھڻ کان ڊڄان ٿو.

وڻ مان ھِڪُ پن سُڪل ڪِريو ھوُندو،

وڻ مان ھِڪُ پن سُڪل ڪِريو ھوُندو،
يا وري موُنکي ھُن سڏيو ھوُندو.

ڇو ائين درد دل ۾ اُڀري ٿو،
مونکي ڪنھن ياد، اڄُ ڪيو ھوُندو.

آھي آلاڻ بند اکڙيُن ۾،
رات سُڏڪا ڀري، سُمھيو ھوُندو.

ڇو ڪري پيار ڪوئيِ موُندان ٿو،
گر ڪري ٿو تہ پڪ چريو ھوُندو.

ڪيِئن منزل تي ھوُ اچي پھتو،
واٽ اوَکي وٺيِ ھليو ھوُندو.

موَت ئي مرڪ ھڪ کڻي آيو،
ھوُ سڄي زندگي رُنو ھوُندو.

عِشق جي بازيِ ڏُکي آ پر ھڻي ڏِسُ،

عِشق جي بازيِ ڏُکي آ پر ھڻي ڏِسُ،
توُن بہ ٻرندڙ باھِ کي ھٿ ۾ کڻي ڏِسُ.

گذرنديِن گر روشن گھٽيُن مان توُن تہ ڇا ٿيو،
توُن ڪڏھن کن ڀر انڌيرن ۾ ھلي ڏِسُ.

درد جيِ پيِڙا کي لفظن ۾ نہ چءُ توُن،
ھڪ دفعو ئيِ دل جي غارُن ۾ لھيِ ڏِسُ.

ڪو بہ دلبر دل وٺڻ واري نہ ملندو،
چاھي دنيان ۾ ھزارن سان مليِ ڏِسُ.

توُن بہ موُن وانگُر ديِوانو بڻجي پونديِن،
زندگيِءَ جوُن لاھيوُن چاڙھيوُن بس چڙھي ڏِسُ.

ملي زندگي پر اڌوُريِ اڌوُريِ،

ملي زندگي پر اڌوُريِ اڌوُريِ،
ڏٺم روشني پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

ھيوُن دل ۾ ڪيڏيوُن تہ آسوُن عميدوُن،
ڏني تو خوشي پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

ڇو غمگين آھي بھارُن جي خوشبوُ،
کِڙي چاندني پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

ويوُن باغ کان موڪلائي بھاروُن،
ٽڙي ھڪ ڪليِ پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

خُدا موُن وٽ ڪيِئن اچيِ موُن سان ملندو،
ڪيم بندگي پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

حياتيِ سڄي آسري ۾ گزاريم،
ملينءَ ھڪ گھڙيِ پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

صديُنِ کان نھاريُم فقط ھڪ نظر لاءِ،
دريِ اڄُ کُلي، پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

خُدا تو سان اڄُ مان ڪيان ٿو شڪايت،
تو قسمت لکيِ پر اڌوُريِ اڌوُريِ.

توُن ڪڏھن پاڻ کي وِساري ڏِسُ،

توُن ڪڏھن پاڻ کي وِساري ڏِسُ،
لڙڪ ڪنھن لاءِ تہ توُن بہ ھاري ڏِسُ.

ڪجھ رُئڻ مان نہ ڪنھن کي حاصل ٿيو،
ڪنھن نہ ڪنھن سان تہ مسڪرائي ڏِسُ.

شخس ھر ھڪ خواب ڪيِئن ھوُندو،
ڪي گھڙيوُن موُن سان پڻ گذاري ڏِسُ.

مئڪدي ۾ ڪڏھن نہ ويندُس مان،
پنھنجي نيڻن مان ڪجھ پِئاري ڏِسُ.

آھيان جيِئرو يا مان مُئل آھيان،
ھٿ سان اک سان ڪڏھن اُٿاري ڏِسُ.

پنھنجي چھري تي داغ ڪي ڏسنديِن،
بعضي آئيِني ۾ نھاري ڏِسُ.

خوف ناھي موت کان پر زندگيِءَ جيِ ڳالھ ڪر،

خوف ناھي موت کان پر زندگيِءَ جيِ ڳالھ ڪر،
باغ ۾ جي فول ناھن، ڪنھن ڪليِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

ڪا شڪايت ڪيِن آھي، ھيِءُ تہ اوُندہ جو جھان،
مرڪ آڻي توُن چپن تي، روشنيِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

درد وارو توُن بہ آھين، درد وارو مان بہ ڏِسُ،
درد وڌندو ئيِ رھي، ڪا باڪسيِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

ھن زماني جي ڪڏھن موُن سان نہ ڪائي ڳالھ ڪر،
جي ڪريِن موُن سان تہ ڪائيِ شاعريِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

کوڙ آھن ھت نديوُن پر ساھ سنڏوُءَ ۾ اٿن،
پنھنجي سنڏوُ، پنھنجي سنڌُ، پنھنجي مٽيِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

ڳالھ ڪنھن گذريل صديِءَ جي ڇاکوُن ويھيِ اورجي،
يار منھنجا ڪر تہ ڪر بس، ھن گھڙيِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

اقل وارا ڪيترا موُن واٽ منجھندي ھت ڏِٺا،
توُن تہ ڪنھن احساس جيِم ڪنھن دل چريِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

درد حد کان ويو وڌيِ، پيِڙا بہ آٿت ٿيِ ڏئي،
لڙڪ ڳاري جا سگھي، اِھڙي خوشيِءَ جيِ ڳالھ ڪر.

پنھنجن کان ئيِ مان وڇڙان ٿو، ھوريان ھوريان،

پنھنجن کان ئيِ مان وڇڙان ٿو، ھوريان ھوريان،
پنھنجن پيرن تي بہ بھان ٿو ھوريان ھوريان.

ڪير اچيِ ڪنھن کي اُلفت ڪيِئن سيکاريِندو،
پنھنجن غلطيُن مان نہ سکان ٿو ھوريان ھوريان.

منھنجن سُڏڪن کي جو ٻُڌندو، روئيِ ڏيِندو،
پنھنجيُن اکڙيُن کي بہ اُگھان ٿو ھوريان ھوريان.

گُل کان پڻ نازڪ آھن، ھي يادوُن تنھنجيوُن،
تنھنجا ڪي احساس ڇھان ٿو ھوريان ھوريان.

ڄڻ ڪا سنھڙي سار کڻي ويٺو آھيان،
چچريل دامن کي تہ سڀان ٿو ھوريان ھوريان.

ڪيِئن ٻُڌايان ڪھڙو آ ھوُ،

ڪيِئن ٻُڌايان ڪھڙو آ ھوُ،
پنھنجن کان ڄڻ پنھنجو آ ھوُ.

رات سڄيِ موُن ويٺي گھاريِ،
پوئين پھر ۾ آيو آ ھوُ.

ڇو ھوُ موُنکي پيار ڪري ٿو،
ھر ڪنھن کي ڏِسُ وڻدو آ ھوُ.

خواب اکيُن ۾، مرڪ چپن تي،
ننڍڙن ٻارن جھڙو آ ھوُ.

ساوڻ جي ڪاريُن راتيُن ۾،
ڪڪرن وانگر لڳندو آ ھوُ.

لڙڪ اکيُن ۾ ڪيِن ڏٺاسيِن،
دل ئيِ دل ۾ لُڇندو آ ھوُ.

ھوريان ھوريان ھوا ھلي ٿيِ،

ھوريان ھوريان ھوا ھلي ٿيِ،
تنھا آھيِن توُن بہ چوي ٿيِ.

سمنڊ سڄو ڇو خالي ٿيِ ويو،
واري اڄُ ساحل کان پڇي ٿيِ.

چانڊوڪيِ راتيُن ۾ مونکي،
برپٽ جيِ ڪا لھر سڏي ٿيِ.

منھنجي گھر کي ساڙڻ خاطر،
شھر سڄي ۾ باھ ٻري ٿيِ.

جڳ سان مشڪيِ ٿو ڳالھايان،
اندر اندر دل تہ جھري ٿيِ.

ڇو مان اجنبِيُن سان ملڻ آيو آھيان،

ڇو مان اجنبِيُن سان ملڻ آيو آھيان،
ڇو زخمن کي پنھنجي ڇُھڻ آيو آھيان.

ٻُڌُم شھر تنھنجي ۾ پاڻي گھڻو آ،
مان اکڙيُن ۾ ٿورو ڀرڻ آيو آھيان.

چون ٿا تہ اڄُ ھُن لڳائيِ آ ميھنديِ،
جھلڪ ھڪ ھٿن جيِ ڌِسڻ آيو آھيان.

جُدا ٿيِ ھوُ مونکان رھيِ ڪيِئن سگھي ٿو،
گھڙي ڪنن تي گُذري ڏِسڻ آيو آھيان.

سڄيِ زندگيِ موُن تھ اڪيلي گذاريِ،
اڪيلو نہ رھجئن چوڻ آيو آھيان.

آرسيِءَ کي ڏِسيِ ڏڪيِ ويندو،

آرسيِءَ کي ڏِسيِ ڏڪيِ ويندو،
پاڻ کان دوُر ھوُ ڀڄي ويندو.

آزموُدا ڪٺا تو خوُب ڪيا،
ڪير دنيان مان ڇا کڻي ويندو.

گفتگوُ موَت جي حياتيِءَ سان،
ڪي خبر پڪ ئيِ پڪ ٻُڌيِ ويندو.

ھُن کي اوُندہ سان خاص ياريِ آ،
ھوُ انڌيرن کي آ وڻيِ ويندو.

وقت سان گڏ ھلڻ ڏيو موُنکي،
وقت موُن کان بہ نہ تہ رُسيِ ويندو.

خواب اڌوُرا کڻيِ ھليو ويو،

خواب اڌوُرا کڻيِ ھليو ويو،
ھڪ بازيِ نئيِن ھڻيِ ھليو ويو.

دريا جھڙيِ ھُنجيِ فِطرت،
ساحل کي بس ڇُھي ھليو ويو.

مان ويڳاڻو ويٺو آھيان،
ھوُ پنڇيِءَ جيان اُڏريِ ھليو ويو.

چوَراھي تي بيِٺو آھيان،
ھوُ آيو ۽ مشڪي ھليو ويو.

ڪيِئن چوان مان قاتل ناھي،
نيڻ جھڪائي ڪھي ھليو ويو.

خوشبوُ بڻجي جيِئرو رھندُس

خوشبوُ بڻجي جيِئرو رھندُس،
ھر ٻوُٽي کي چُمندو رھندُس.

موُنکي وساري ڪيِئن توُن سگھنديِن،
سپنو بڻجيِ ايِندو رھندُس.

پريِت جيِ واريِءَ ۾ توسان،
سناٽو ٿيِ ملندو رھندُس.

ڄاڻان ٿو گھر کالي آ پر،
در تي دستڪ ڏيِندو رھندُس.

سُڏڪي سُڏڪي سُڏڪو ٿيِ پيُس،
پوءِ بہ ھر ھر رُئندو رھندُس.

سُڪل گُل مان اچڻ لڳيِ خوشبوُ،

سُڪل گُل مان اچڻ لڳيِ خوشبوُ،
آئيِ پريِن ڪٿان تنھنجيِ خوشبوُ.

ھوش پنھنجو وڃائي ويٺاسيِن،
دِل چورائي وئيِ چريِ خوشبوُ.

پنھنجو تعارف نہ ٿيِ ٻُڌائي ھوُءَ،
ڇوڪريِ آھي يا پريِ خوشبوُ.

ڪو ھوا جو جھونڪو نہ وھائي وڃي،
دل ۾ سانڍي اسان رکي خوشبوُ.

ويس پائي گُلابيِ شام آئيِ،
تنھنجا لب آئيِ آ ڇھيِ خوشبوُ.

ھوُ وريِ اڄُ مليو اوچتو اوچتو،

ھوُ وريِ اڄُ مليو اوچتو اوچتو،
زخم دل تي لڳو اوچتو اوچتو.

ڪير آيو ھئو ڪير ايِندو ھتي،
کولي در ڇو ڏِنو اوچتو اوچتو.

مرڪ جنھنجي چپن تي ڏٺيِسيِن سدا،
ڇو ڀلا ھوُ رُنو اوچتو اوچتو.

ڪھڙي حسرت وئيِ ڪاڏي ڪيِئن مان چوان،
ڳوٺ دل جو فِٽو اوچتو اوچتو.

منھنجي نيڻن جڏھن ديِد تنھنجو ڪيو،
ٻوُر خوابن جھليو اوچتو اوچتو.

عقل وارن جي وچ، توُن بہ ويھيِ تہ ڏِسُ،
بڻجيِ ويندين چريو اوچتو اوچتو.

صاف دل جو ماڻھوُ وڻي ئيِ نہ ٿو،

صاف دل جو ماڻھوُ وڻي ئيِ نہ ٿو،
کوٽي سڪي جيان ھلي ئيِ نہ ٿو.

ھنجيِ پايل جي موُن ٻوڌي ڇم ڇم،
راڳ ڪو، گيِت ڪو وڻي ئيِ نہ ٿو.

عشڪ ۾ دوکا کائيِ کيئيِ پڻ،
ھوُ اڻاسو آ، ڪجھ سِکي ئيِ نہ ٿو.

گر زخم ھِڪُ ھُجي تہ ڀرجيِ وڃي.
عشق ناسوُر آ ڇُٽي ئيِ نہ ٿو.

حال ڪنھن سان وڃيِ اوريان دل جو،
شھر ۾ ڪو چريو مِلي ئيِ نہ ٿو.

تيز ھوا پر لڏي نہ ٿو،

تيز ھوا پر لڏي نہ ٿو،
جاءِ پنھنجيِءَ تان ڌڏي نہ ٿو.

ڪيڏو اڻاسو آھي من،
ساھ کڻڻ کان مُڙي ئيِ نہ ٿو.

ڇيِھوُن ڇيِھوُن ڪري ڇڏيو،
گر ڪوشش سان جُڙي نہ ٿو.

پٿر کان پڻ ڏاڍو آ،
ڪُٽي ڪُٽي پڻ ڀُري نہ ٿو.

راھ اڻانگھي ناھي ڪا،
پوءِ بہ سڌو ڪو ھلي نہ ٿو.

جوڪر سڀ ڄڻ سرڪس جا،
تنھن ھوُندي بہ ڪو کِلي نہ ٿو.

پنھنجيِ دل پاڻ ئيِ ڀڃان تہ چڱو،

پنھنجيِ دل پاڻ ئيِ ڀڃان تہ چڱو،
روز ھُن جي ھٿان مران تہ چڱو.

منھنجي آ ھن وجوُد کي چُھنبوُن،
دوُر يارن کان گر رھان تہ چڱو.

شاھ، ساميِ، سچل تي ساھُ ڏِنُم،
مان وريِ سنڌيِ ٿيِ ڄمان تہ چڱو.

پيار رھندو ۽ رھندي پاھنجائپ،
ڪوُڙ ڳالھائي گر سگھان تہ چڱو.

ھوُنءَ بہ پاڳل مان چوائيِندُس،
ٿورو ڪنھنجو ڀلو ڪيان تہ چڱو.

کِلندا کِلندا نہ ساھُ نڪريِ وڃي،
مان بہ ھاڻي زرا رُئان تہ چڱو.

روُح سان ڪو گر ڳائي تہ غزل ٿيِندو آ،

روُح سان ڪو گر ڳائي تہ غزل ٿيِندو آ،
ڪوئيِ دل سان گر چاھي تہ غزل ٿيِندو آ.

نانءُ ڪنھنجو جي ڪتابن ۾ لکيِ پوءِ ڊپ ۾،
بي دليو ڪوئيِ مٽائي تہ غزل ٿيِندو آ.

ڪنھن ڊٺل گھر جيِ ڀڳل ڀت، ڇيِھوُن ڇيِھون ڇت،
پنھنجي خوابن سان ٺاھي تہ غزل ٿيِندو آ.

ناھي رشتو، ناھي ناتو، تنھن ھوُندي پڻ،
ڳوڙھا ڪنھن لاءِ ڪو ڳاري تہ غزل ٿيِندو آ.

پاڻ کان پڻ پياريِ شءِ ڪوئيِ گر،
پنھنجي ھٿ سان ئيِ وڃائي تہ غزل ٿيِندو آ.

دانھن يا ڪوُڪ ڪري ٿو، نہ ڪڏھن ھوُ ڪائيِ،
چوٽ چُپ چُپ ڪو کائي تہ غزل ٿيِندو آ.

توُن چريو، مان چريو ڳالھ سمجھي ڇڏِ،

توُن چريو، مان چريو ڳالھ سمجھي ڇڏِ،
ھڪ پِروليِ اِھا ڇو نہ ڪنھن ٿي ڀڳيِ،

زندگيِءَ جيِ جھلڪ ھڪ پسڻ واسطي،
ڪجھ اُڌاريِ وتي ھن کا موُن روشني.

ترس، طوفان کي سڏ ڪري ٿو اچان،
پيار جيِ شما ٻارڻ ھليِ دل چريِ.

مھڪ منھنجا ڇُھي خواب کن ڀر وئيِ،
ڇو سڄيِ بانوريِ ٿيِ پئيِ زندگيِ.

رھنڊوُن رھنڊوُن سڄو اڄُ ذھن ٿي پيو،
ڇو لنگھيُس سوچ جي اِھڙيِ اوَکيِ گھِٽيِ.

ماڻھوُ ملي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو،

ماڻھوُ ملي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو،
ڇاپ ڇڏي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

تيز ھوا ۾ پٽ ٿيِ پِيا سڀ،
ڪيِن ڌُڏي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ھرڪو ڪري ٿو رڙ ۽ واڪو،
سانت رھي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ناھي اثر چوٽُن ۾ ڀيِ ڪو،
زخم جھُري ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ايِندي ويندي ھرڪو مشڪي،
حال پُڇي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ڇيِنھوُن ڇيِنھون سارا جذبا،
دل ۾ چڀي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

ڪيڏا پوکيا سپنن جا وڻ،
ٻوُر جھلي ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

قرض سڀن تي مٽيِءَ جو پر،
ادا ڪري ٿو ڪو، ڪو، ڪو، ڪو.

محل خوابن جا ئيِ اڏي ويندُس،

محل خوابن جا ئيِ اڏي ويندُس،
ڇاپ پنھنجي مگر ڇڏي ويندُس.

اڄُ تہ لُڙڪن جيِ ڪجھ ڪيوُن ڏي وٺُ،
مان سُڀاڻي ھتان لڏي ويندُس.

ڀلِ ٽُٽل موُنکي سڀ ملن ڌاڳا،
ڪوريِ آھيان، سڄا ڳنڍي ويندُس.

ڪرڻ وارن کي ڪا منھ ناھي،
ڪم اڌوُرا گھڻا ڇڏي ويندُس.

خوان ڪي، حسرتوُن ڪي، عميدوُن ڪي،
ساڻ مونسان سدا، ڪڏي ويندُس.

نہ اکڙيُن ۾ آيا ڪڏھن اشڪ منھنجي،

نہ اکڙيُن ۾ آيا ڪڏھن اشڪ منھنجي،
اچيِ گر ويا اڄُ اُگھڻ ڪيڏو مُشڪل.

ٻُڌايان مان ڇا ڇا ڀلا توکي دلبر،
چريِءَ دل جوُن ڳالھيوُن، چوڻ ڪيڏو مُشڪل.

ھوا بڻجيِ آيو، ھوا بڻجيِ ويو ھوُ،
ھوا کي ھٿن ۾، جھلڻ ڪيڏو مُشڪل.

ڪري بند اکڙيوُن موُن سوچيو ڪٿي آ،
خُدا سان اِئين پڻ ملڻ ڪيڏو مُشڪل.

بچيِ ويندين توُن ڀل خُدا جي قھر کان،
مگر آھي خود کان بچڻ ڪيڏو مُشڪل.

اُگھاڙن توُن پيرن سان ٻاھر نِڪِر، اچُ،
تتل ريت تي ڏِسُ، ھلڻ ڪيڏو مُشڪل.

گر خدا توُن زميِن تي ھجيِن ھان،

گر خدا توُن زميِن تي ھجيِن ھان،
موُن جيان در بدر ٿي پويِ ھان.

درد ڪنھنجو ڏسيِ ڇو جھُري ھان،
منھنجي دل کي بہ پٿر ڪريِن ھان.

موَت جو لُطف ماڻي سگھان ھان،
ڪا تمنا اڌوُري رکين ھان.

ڳالھ ھر پنھنجي ھٿ ۾ رکيئيِ تو،
ڪجھ تہ موُن تي ڇڏي توُن ڏسيِن ھان.

ڪي گھڙيوُن گر زميِن تي رھيِن ھان،
بند ھر بندگي ڪريِن ھان.

اڄُ ھوا ۾ ايڏيِ نميِ ڇو آ،

اڄُ ھوا ۾ ايڏيِ نميِ ڇو آ،
درد جھوُنو دوا نئيِن ڇو آ.

درد منھنجو پراڻو ساٿيِ آ،
شام جو رُئڻ جي ڪميِ ڇو آ.

ڪيِن خود کي بہ ڪو ڏسيِ سگھندو،
ڇانوريِ ايڏيِ روشنيِ ڇو آ.

ڪو پڙاڏو نہ ڪا صدا آئيِ،
بانوريِ پوءِ بہ زندگي ڇو آ.

ذري ذري کي زندگيِ ڏيِندُس،

ذري ذري کي زندگيِ ڏيِندُس،
ٿيِءُ نہ مايوُس، تازگيِ ڏيِندُس.

سج يا چنڊ بڻجڻو ڪونھي،
جڳنوُ بڻجيِ بہ روشنيِ ڏيِندُس.

باغ جا گُل سُڪي ويا سارا،
مُرڪ جي توکي سوُکڙي ڏيِندُس.

توُن ڪڏھن منھنجي ڀر ۾ ويھيِ ڏِسُ،
درد تو کان وٺيِ، خوشيِ ڏيِندُس.

جڏھن جڏھن ھوُ شھر ۾ ڪنھن سان مِلندو آھي،

جڏھن جڏھن ھوُ شھر ۾ ڪنھن سان مِلندو آھي،
درد ھوُ دل ۾، مُرڪ چپن تي رکندو آھي.

پيار محبت جا ھوُ نغما ڪيِئن ڳائيِندو،
روٽيِءَ جيِ ڳولھا ۾ ھردم گهمندو آھي.

چون ٿا سڀ مغروُر ھوُ آھي، پر سچ ناھي،
تنھا تنھا گُم سُم ويٺو لُڇندو آھي.

ڀاڪُر پاتُم باھ لڳيِ وئيِ، ھي ڇا ٿيو،
ڇا دامن ۾ ٽانڊا سانڍي رکندو آھي.

توُن دل کي ڀڃيِ ڇڏ اڳوپو اڳوپو،

توُن دل کي ڀڃيِ ڇڏ اڳوپو اڳوپو،
ڪو تحفو ڏئيِ ڇڏ اڳوپو اڳوپو.

سُڃاڻي وٺي ڪو نڳ خود کي انھي لاءِ،
توُن درپڻ ڀڃيِ ڇڏ اڳوپو اڳوپو.

ملڻ ٿئي نہ ٿئي زندگيِءَ ۾ ڪڏھن ڪو،
ھيِ رشتا ڇِني ڇڏ اڳوپو اڳوپو.

شڪايت رھي ڪا نہ ڪنھنکي بہ باقيِ،
چپن کي سُبيِ ڇڏ اڳوپو اڳوپو.

ڇا لکان، ڪيِئن لکان، ٻُڌائي ڇڏ،

ڇا لکان، ڪيِئن لکان، ٻُڌائي ڇڏ،
ڪيِئن مان شاعر بڻان، ٻُڌائي ڇڏ.

خواب پنھنجا ڇڏيا ورھائي موُن،
ننڊ ڇو مان ڏسان، ٻُڌائي ڇڏ.

پاڇا، پاڇن کي، موُن سڏيِندو ڏٺو،
ڪنھنکي ماڻھوُن چوان ٻُڌائي ڇڏ.

زندگي توکي ڪيِئن لھان ڳولھي،
راھ ڪھڙي وٺان، ٻُڌائي ڇڏ.

ھاڻي ھاڻي آيو آھين، توُن وڃڻ جو ضد نہ ڪر،

ھاڻي ھاڻي آيو آھين، توُن وڃڻ جو ضد نہ ڪر،
ڳالھ دل ۾ ڀلي رھي، پر توُن چوڻ جو ضد نہ ڪر.

آھيوُن درياھ جا ڪنارا، ڪيِن مِلنداسيِن ڪڏھن،
ڇا صديوُن، ڇا ھڪ گھڙي دلبر، ملڻ جو ضد نہ ڪر.

باھ وانگُر پل ٻرن ٿا، وقت ٽانڊن جيان لڳي،
يار ڀل محسوُس ڪر توُن، پر ڇُھڻ جو ضد نہ ڪر.

لڙڪ اکڙيُن ۾ لُڙيِ آيا الئي ڇو پريِن،
ھڪ ٻئي کي ڪيِئن چئوُن، توُن رُئڻ جو ضد نہ ڪر.

ھوريان ھوريان ھوا ڇھي ڏِسُ توُن،

ھوريان ھوريان ھوا ڇھي ڏِسُ توُن،
ھاڻي اکڙيُن ۾ ڪجھ نمي ڏِسُ توُن.

مان بہ ساڳو، توُن بہ ساڳو ئيِ،
مھٽي ٿوريوُن اکيوُن وريِ ڏِسُ توُن.

شھر جا ماڻھوُ سچ ڪٿي ٿا ٻُڌن،
ڳالھ ھڪ ڪوَڙيِ ڪا چئي ڏِسُ توُن.

ساري دنيان کي خبر ٿي وينديِ،
ڳالھ ڪائي ڳُجھي رکي ڏِسُ توُن.

ڪوُڙ کي لچ چوڻ ضروُري آ،

ڪوُڙ کي لچ چوڻ ضروُري آ،
ٿورو ماڻھوُ ٺھڻ ضروُري آ.

مان چريو ۽ ڪيان ٿو ڳالھ چريِ،
ڪجھ چرين جيِ ٻُڌڻ ضروُري آ.

گر ٿو چاھيِن خدا کي پائڻ توُن،
ڪُجھ چريو ٿيِ پوڻ ضروُري آ.

دل جي ھر تھ ۾ ڪُجھ نہ ڪُجھ آھي،
گھاو ھر ھِڪُ ڇُھڻ ضروُري آ.

چند لمحن کي آزمائي ٿو،

چند لمحن کي آزمائي ٿو،
تنھنجي تصويِر ھِڪ بڻائي ٿو.

ڏِسُ، انڌيرا وڃن ٿا وڌندا اڄُ،
خواب پنھنجا ئيِ ڪجھ جلائي ٿو.

اُس، بيابان جي سھي نہ سگھبيِ،
ريت جي گھر کي تہ بہ پڏائي ٿو.

ترس، جي چنڊ ٿو ڇُھڻ چاھيِن،
آسمان کي اِجھو جھڪائي ٿو.

ھوا جو جھونڪو لڳندو جيسيِن.

ھوا جو جھونڪو لڳندو جيسيِن.
ڏِئو بہ دل جو ٻرندو جيسيِن.

خوشبوُءِ مھڪائيِنديِ من کي،
حُسن بہ گُل جو ٽِڙندو جيسيِن.

سِج ۽ چنڊ ھج ڪنھن جا سڏبا،
جڳ کي اُجالو مِلندو جيسيِن.

جيِون آھي ڏُکيِ پِروليِ،
ھوريان ڌاڳو کُلندو جيسيِن.