سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نويس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعريءَ جو مجموعو ”بارش کانپوءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ٻوليءَ جو نھايت پختو، سيبتو ۽ سٺو شاعر آھي. سندس شاعريءَ ۾ فن سان گڏ فڪر جو پڻ پڙاڏو آھي. ھي مجموعو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي 1985ع کان 1990ع جي عرصي ۾ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب ذوالفقار سيال جي رياستي جبر خلاف مزاحمتي شاعريءَ جو ھڪ انداز پڻ آھي.
ھي ڪتاب 2007ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻي جي سھڪار سان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي