سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان چونڊ بيتن تي مشتمل ڪتاب ”جي تو بيت ڀانئيا“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو چونڊيندڙ نورالدين سرڪي آھي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ھڪ وڏي شاعر جون سڀ صفتون موجود آھن. ھن پنھنجي نياپي کي ڪمال ڪاريگريءَ سان لفظن جو لباس پارائي عام تائين پڄايو آھي. ڀٽائيءَ اعليٰ مقصد کي عاليشان فن سان سنڌيءَ ۾ آڻي نہ فقط پاڻ کي پر اسان جي ٻوليءَ کي پڻ ھميشہ لاءِ جياري ڇڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان چونڊ بيت شامل ڪيا ويا آھن. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر اينيمري شمل، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ايڇ ٽي سورلي، محمد ابراھيم جويي، ٻلديو تاراچند ۽ ھري دلگير جا لطيف سائينءَ جي رسالي ۽ شاعريءَ بابت مضمون پڻ شامل ڪيل آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1999ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي