لطيفيات

شاھ جو رسالو (الف – ب وار)

ھي رسالو ان ڪري منفرد آھي جو ھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلياڻ آڏواڻي واري رسالي جي ڪلام کي الف – ب وار ترتيب سان پيش ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڪو بہ بيت ۽ ان جو حوالو (سُر يا داستان) آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. ھر بيت جي ھيٺان سُر جو نالو، داستان نمبر ۽ بيت نمبر ڏنل آھن. ترتيب ڊڪشنريءَ جي طرز تي لغوي انداز سان رکي وئي آھي. سنڌي ٻوليءَ جي سڀني اکرن مان ھر اکر جا پھريائين بيت، پوءِ وايون ۽ آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل آھي.

Title Cover of book شاھ جو رسالو (الف – ب وار)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلياڻ آڏواڻي واري رسالي جو الف – ب وار ڇاپو ”شاھ جو رسالو (الف – ب وار)“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جي ترتيب ڏيندڙ ڊاڪٽر محمد عالم سومرو آھي.
ھي رسالو ان ڪري منفرد آھي جو ھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلياڻ آڏواڻي واري رسالي جي ڪلام کي الف – ب وار ترتيب سان پيش ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڪو بہ بيت ۽ ان جو حوالو (سُر يا داستان) آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. ھر بيت جي ھيٺان سُر جو نالو، داستان نمبر ۽ بيت نمبر ڏنل آھن. ترتيب ڊڪشنريءَ جي طرز تي لغوي انداز سان رکي وئي آھي. سنڌي ٻوليءَ جي سڀني اکرن مان ھر اکر جا پھريائين بيت، پوءِ وايون ۽ آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1994ع  ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي