سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ”شاهه جو رسالو (مرتب: علامہ آءِ آءِ قاضي“ اوھان اڳيان پيش آهي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هي نسخو،علامہ آءِ آءِ قاضيءَ جي محنت سان تيار ٿيو. هن رسالي ۾ قاضي صاحب لطيف جي ڪلام جا 29 سـُر شامل ڪيا آهن، جڏهن ته سـُر ڪيڏارو هن رسالي ۾ شامل ناهي. قاضي صاحب جو مرتب ڪيل هي ’شاھ جو رسالو ‘سنڌي ادبي بورڊ پاران 1961ع ۾ پھريون ڀيرو شايع ٿيو .ان کانپوءِ 1986ع ۽ پوءِ 1993ع ۾ به سندس نوان ڇاپا بورڊ پاران شايع ڪيا ويا .هن رسالي جي خوبي اها به آهي ته بيتن ۽ واين ۾ اعرابن جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻي درست رهي ۽ گڏوگڏ رسالي جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ واري پٽي پڻ شامل ڪيل آهي .
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي