شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

Humsari Book No. 01

ڪتاب جو نالو: آءُ ته سندرتا ڳوليون
شاعره: زاهده ابڙو
ڇاپو پهريون: ©همسري 2020ع
لي آئوٽ: شهزاد علي منگواڻو
همسري ڪمپوزر اينڊ پرنٽرز، شريف اسڪوائر، حسين آباد، حيدرآباد.
ڇپيندڙ: ايسٽ لائن ڪميونيڪيشن، حيدرآباد، سنڌ.
ڇپرائيندڙ: همسري پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ.
قيمت: 500/= روپيا


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

LET’S SEARCH BEAUTY
Poet: Zahida Abro
Layout by: Shahzad Ali Mangwano
Humsari Composers and Printers, Sharif Squar, Hussinabad, Hyderabad
Printed by: East Line Communication, Hyderabad Sindh
Published by: Humsari Publication, Hyderabad, Sindh
ISBN: 978-969-23458-0-4
First Edition © Humsari 2020

اسٽاڪسٽ
همسري پبليڪيشن، شريف اسڪوائر، حسين آباد
شاهه لطيف نيوز پيپر ايجنسي ، گاڏي کاتو، حيدرآباد
مرزا ڪليچ بيگ بوڪ هائوس، سنڌي لينگوئيچ اٿارٽي، حيدرآباد.
ايسٽ لائن ڪميونيڪيشن، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ارپنا

پنهنجي ادبي ڪاوش ارپنا ٿي ڪريان
پنهنجي والد مرحوم
محمد اسحاق ابڙو
کي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار
علم جي روشني
پکيڙڻ لاءِ صرف ڪئي. 

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت پاران نامياري شاعرہ ۽ ھمسري ميگزين جي ايڊيٽر زاھدہ ابڙو جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”آءُ تہ سندرتا ڳوليون“ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب ۾ شامل سڀني نظمن جو انگريزي ترجمو پڻ شامل آھي جيڪو اعجاز منگي صاحب ڪيو آھي. اعجاز منگي لکي ٿو:
”زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، ڪوشش ڪئي اٿم تہ انهن رنگن جي خوبصورتي ترجمي ۾ به برقرار رهي.“
ھي ڪتاب ھمسري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون منظور علي ڪنڀر جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو، مھرباني ادي زاھدہ ابڙو جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.co 

مهاڳ

آءُ ته سندرتا ڳوليون
سولي ۾ سولي ادبي لکڻي به سونهن جي احساس کي ظاهر ڪريو ڇڏي.
چهري جي تختي تي لکيل
لفظن جي ڪتابت تي نه وڃجان
ٿلهن لفظن هيٺان ليئو پائجانءِ
دونهاٽيل حرفن جا چهرا ڏسجانءِ
جيڪي عبارت جو حصو ٿيڻ جي ضد ۾
پٿر بڻجي ترسيل آهن.
زاهده مون کي ائين ئي محسوس ٿي آهي. هن جنهن ڄمار ۾ جنهن تختي تي لفظن جيان چمڪڻ پئي چاهيو ۽ ضد ڪيو بيٺي هئي، ليئاڪا به پاتائين، پر الائي ڇو دير ڪري ڇڏيائين.
هن اوکا سفر ڪيا ۽ ٽڪر به ٽاڪيا، نتيجي طور سندس مسافت ڏار ڏار ٿي آهي. هڪ جبل کان ٻي جبل تائين جو پنڌ وجود لوڏيو ڇڏي. هن کي پهاڙن جي چوٽين تي برف به وڇايل ملي ته ٻرندڙ باهه جو به نظارو ڪيائين، اتي به وئي جتي سياهه قدمن جو داستان لکيل هو.
“ٿڪ مسافر جو مقدر آهي.”
پر هوءَ نه ٿڪي آهي ۽ بضد آهي ته هوءَ لڳاتار ڏکين مسافتن جي آجيان ڪندي.
جيتري قدآور ۽ خوبصورت آهي، هن جو وجود به شايد ايترو پربت جيڏو سگهارو ۽ سونهن پرور آهي.
ڪنهن هن جي دل جي آئيني تي پٿر وهائي ڪڍيو آهي. ايترو ئي نه بلڪه هن سندس پٺيءَ ۾ خنجر به کُپائي ڇڏيو، پر زاهده مرڪي چيو:
“هر وار لکڻ ٿي چاهيان،
جي مرڪي مليا مون سان.
تن ئي ته روئاڙيو آ،
سو روڄ لکڻ ٿي چاهيان”.
اسان جي سموري شاعري ڪلاسڪس کان ويندي زاهده جي نثري نظمن تائين نا آسودگيءَ جو داستان آهي. هڪ اهڙو اتهاس جيڪو چانڊوڪي راتين جي ڇانو جو الڪو به نٿو بخشي. فنڪار ڪنهن اوٺي وڳ سان، مسلسل هڪ جابلو سفر ۾ آهي، جتي ڪانڊيري جي ڇانو به ميسر ناهي.
“تو لئه سڀ سهايون،
مون لئه ٻاٽ ڇو آهي؟”
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صديءَ ۾ زاهده جو سوال ڪروز ميزائيل بڻجي اڀو ٿيو بيٺو آهي. پوسٽ ماڊرن ازم جي لالچي، بي حيا ۽ شوخ منظر نامي ۾ ڪروز ميزائيل جي امڪاني تباهيءَ ڏانهن ڌيان ڇو نٿو وڃي؟
صدين جون پيڙائون کڻي،
ڀٽڪان ڪيسين صحرا ۾.
تنهنجي منهنجي رات ۽ ڏينهن ۾،
آخر ايڏو فرق ڇو آهي؟
پر هوءَ پنهنجي ڏات ذريعي، ظالم وقت جي سيني ۾ نيزي جيان کتل آهي ۽ هوءَ جواب جي منتظر آهي.
فرانس ۾ بودليئر ۽ ملارمي انقلاب وارن ڏينهن ۾ نثري نظمن ذريعي علامتي ۽ مزاحمتي شعور جي پالوٽ ڪئي. جنهن کي جديد مزاحمتي شاعري چئي سگهجي ٿو. جڏهن ته اسان جا پراڻا ديو مالائي يا لوڪ داستان جيڪي نيم نظمي انداز ۾ ڏند ڪٿائي منظر نامي کي کڻي آيا يا قديم ويدن توڙي ٻين الهامي ڪتابن کانسواءِ سنسڪرت جي ادب ۾ نثري نظمن جو اولڙو ملي ٿو. خاص طور ڪاليداس جي، “شنڪتلا” جا مڪالما نثري نظمن جو روپ لڳن ٿا.
اسان وٽ نثري نظمن جو مستند ڪتاب لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي جو “سدا گلاب” ماضيءَ جو هڪ بنيادي ۽ يادگار ڪتاب آهي، پر ان کان به اڳ مرزا قليچ بيگ وٽ اسان کي نثري نظمن جا ڪافي نمونا ملن ٿا. انگريزن جي دور ۾ انهن جي ئي چوڻ تي جڏهن ٻارڙن لاءِ نثري نظم لکجڻ جي ابتدا ٿي ته ڪاڪو ڀيرو مل، مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، جمع خان غريب ۽ ڪشنچند بيوس سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعري جي پيڙهه جو پٿر بڻيا. هنن نظم توڙي نثري نظم جي صنف کي وڌيڪ هٿي ڏني.
“سدا گلاب” تي ڇاپي جو سال ته ناهي لکيل، پر ڪتاب ڪمال جو آهي. لڳ ڀڳ سوا سئو سال اڳ جي لکيل هن ڪتاب ۾ جڳتياڻي صاحب لکي ٿو، “...هي گلاب نپٽ نوان آهن پر سنڌين کي هڪ واري اها طرز ارپي ويئي ته سڳنڌ جو ساءُ ڪيئن وٺجي ته پوءِ پڪ اٿم جو پاڻهي پيا ڍڪ ڀريندا.” پوءِ گهڻن شاعرن ڍڪ ڀريا.
مدد سنڌي، ارم محبوب، سحر امداد، حميد پارس، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سلطانه وقاصي، چندر ڪيسواڻي (روپوش محبت) رحيم داد جوڳي، رمضان نول (روح جا سپنا)، ماهين هيسباڻي، مصطفيٰ ارباب، مشتاق گبول ۽ ٻيا گھڻا ئي آهن، جن ۾ انور ڪاڪا جا ٻه ڪتاب، “وصيت نامو” ۽ “ آلي واري تي بارش” تخليقي جوهر جو ناياب عڪس آهن. مدد جو “پنر ملن” اڻلڀ آهي. نثري نظم جي شاعره امر سنڌو مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو،
“مون پنهنجي ڪک ۾ ٽانڊا پوکيا
۽ سرهاڻ
منهنجي وجود کي سنگسار ڪري
جلاوطن ٿي ويئي.”
“انقلاب جا سڀ نعرا
بلٽ پروف آهن.”
وردين جي ڳچين مان پٽو
رڳو ان ڪري ڍرو ڪيو هو ته
ٽين دنيا جي نوجوانن جون
هزارين دنيائون رڙڪي سگھن.” (امر سنڌو)
امر جو روماني ۽ سماجي شعور نثري نظم جي صنف ۾ وڏي اهميت جوڳو آهي .
زاهده کي جنهن نوخير ڏينهن ۾ شاعري ڏانهن راغب ٿيڻو هو، ان ۾ اها مڊل ايج جي عميق تجربي سان ڇرڪائيدڙ موضوعن سان نروار ٿي آهي.
خيال يا احساس جي وهڪري کي ڪنهن خاص قالب ۾ وجهڻ ايترو سولو ناهي. ڇاڪاڻ ته شين جي وچ وارو امالڪ پڻو، اداسي، تخليقي سونهن ۽ ڄاڻ جو وهڪرو متاثر ٿي سگهي ٿو.
ايزرا پائونڊ چواڻي، “تخليق گھاڙيٽو پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي.”
بنيادي طور تي نثري نظم تهذيبي شعور، جند جي عرفان جو ڄاڻو، جديد گھاڙيٽن جي احساس تي هنر مندي سان گرفت. لفظن کي تراشڻ جي ڏکئي ۽ فهم جوڳي سرشتن جي ڪاريگري، لفظن کان ٻاهر ۽ لفظن جي اندرين (between the lines) آهنگ کان شناسائي لازمي آهي.
جن دوستن رلڪي، ڪافڪا، بورخيز، پئبلو نرودا، اوڪتاويوپاز جهڙن مشهور ڪلاڪارن جو نئريشن پڙهيو هوندو، سندن ڪاڪڙو ضرور چٻو ٿي ڏکيو هوندو، پر هڪ شديد ڏنگيندڙ احساس روح ۾ گهر ڪري ويو هوندن. 19 هين صدي جي عظيم ڪلاڪار والٽ وٽمين جو “Leaves of Grass” پڻ هڪ اهم فن پارو آهي، جيڪو آمريڪي ادب ۾ تجريد نئين ۽ پراڻي کان مٿي بنهه اوپري لهجي ۾ نمايان آهي ۽ زاهده والٽ وٽمين جي اوپري لهجي کي غير روايتي انداز سان پيش ڪيو آهي.
“پنهنجي درد ۽ سور کي ڏاڍا ٿو مروٽا ڏيان،
ڊڄان پيو ته ڪٿي تون به ان سان اهڙي ريت نه هلين،
سڪان پيو ته تو وٽان هليو وڃان،
پر ڇاتي ڪانه ٿي ٿيئيم،
ڊڄان پيو ته توکي منهنجي ڪائنرتا جي کڙڪ نه پئجي وڃي.
انهي ڪري ڳاٽ پيو اوچو جهليان
۽ بيپرواهه ٿي تو وٽ لنگهيو اچان. (جڳتياڻي)
“سدا گلاب” جي تخليقڪار وانگر زاهده ابڙو وٽ به نه رڳو ذات جي سڃاڻ، لفظن جي پيڪر تراشڻ جي هنر مندي ۽ موضوع تي گرفت نظر اچي ٿي، پر هن جو نئريشن سماجي سچائي ۽ انسان ذات جي اجتماعي آجپي جي ڌر بڻجي بيٺل آهي.
زاهده پنهنجي تخليقن ۾ همعصر زندگيءَ جي بنيادي مسئلن جو نه رڳو ادراڪ ڪيو آهي، پر ان جي بنيادي تضاد کي به وائکو ۽ بي نقاب ڪيو آهي.
شاعر جي ڪمري ۾
رات گذريو وڃي
پر سج نه اڀرندو آهي
صبح جو اوسيئڙو ٿڪايو ڇڏي.



تاج بلوچ
ايڊيٽر سوجهرو، ڪراچي
30 آگسٽ، 2018

پنهنجي پاران

هي منهنجو پهريون ڪتاب آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کي شاعريءَ جو ڪتاب چوان يا احساسن جو ميڙ. مون کي ته شاعريءَ جي بحر ۽ وزن جي ڪا ڄاڻ نه هئي ۽ نه آهي، پر اتفاق سان زندگيءَ هڪ اهڙي ٻه واٽي تي آڻي بيهاري ڇڏيو جنهن منهنجن سوچن ۽ احساسن کي رڌم ڏنو ۽ هڪ سوچ کانپوءِ ٻي سوچ اندر مان اڌمن وانگر نروار ٿيندي ويئي. مون هر سوچ کي قلم سان ڪاڳر تي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو. هر ڪچي ڦڪي سوچ جنهن کي خبر ناهي ته ڪهڙي طاقت قلمبند ڪرائيندي رهي ۽ ائين ٽن، چئن سالن جي سوچن جي جمع پونجي جڏهن کولي ڏٺم ته محسوس ٿيو ڄڻ ڪو خزانو گڏ ڪري ورتو اٿم. انهن احساسن ۾ جيڪا خوبصورت ڳالهه مون کي پنهنجي ڪم لاءِ اُتساهيندي رهي، اها هئي سماج لاءِ گڏيل سوچ جو احساس. منهنجو قلم گهڻو ڪري سماجي مسئلن کي محسوس ڪري جنبش ۾ آيو آهي ۽ مون انساني مسئلن تي دل ۾ درد محسوس ڪندي لکيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪٿي ڪٿي منهنجا داخلي احساس به شامل آهن. مان اميد ٿي ڪريان ته منهنجي هن ڪم کي مثبت تنقيد سان جاچيو ويندو ڇو ته مان آزاد خيالن سان لکڻ جي هيراڪ آهيان پابنديءَ ۾ لکڻ شايد مون لاءِ ممڪن ئي نه هوندو. پابند خيال جيڪڏهن ازخود ذهن تي طاري ٿي ويو ته ان ۾ منهنجو ڪوبه عمل دخل نه هوندو ۽ نه آهي. منهنجي لاءِ خيال جي اڏام اهم آهي ۽ ان کي قدرتي انداز ۾ قيد ڪرڻ ئي مون لاءِ اطمينان بخش هوندو آهي. مان نه ته Feminist آهيان ۽ نه ڪا activist، پر هڪ humanist هجڻ جي ناتي انسانن ۾ برابري ۽ معاشري ۾ اصلاح جي اميد رکان ٿي ۽ شايد اها ئي سوچ منهنجي نظمن ۽ نثري نظمن ۾ واضح طور نظر اچي ٿي.
منهنجي شاعريءَ جي مجموعي “آءُ ته سندرتا ڳوليون” جو عنوان به ان جي عڪاسي ٿو ڪري ته اچو ته سماج ۾ ڌڪاريل ۽ ناپسنديده چهرن ۽ شين ۾ سونهن ڳوليون. هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ مون سان ڪيترن ئي دوستن ۽ ساٿين جو سهڪار رهيو جنهن جي ڪري اڄ هيءُ ڪتاب توهان جي هٿن تائين رسيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان پهرين مان ٿورائتي آهيان ڪمپوزر سليم سولنگيءَ جي جنهن منهنجي هر خيال کي ڪمپوز ڪري محفوظ بڻايو. مان شڪرگذار آهيان اعجاز منگيءَ جي جن سان جڏهن مون پنهنجي ڪم بابت گفتگو ڪئي ۽ کيس پنهنجي شاعريءَ جي انگريزي ترجمي لاءِ چيو ته هن شاعري پڙهڻ کانپوءِ ڪا راءِ ڏيڻ لاءِ چيو. جڏهن مان کيس پنهنجي شاعري اماڻي ته هن خوشيءَ سان ان کي ترجمو ڪرڻ لاءِ حامي ڀري، اهو سندن وڏو وڙ آهي جو مان سندن ٿورو نه لاهي سگهنديس.
مون پنهنجن خيالن کي انگريزيءَ ۾ ان ڪري ترجمو ڪرائڻ ٿي چاهيو ته جيئن منهنجا اهي دوست جيڪي سنڌي نٿا پڙهي سگهن انهن کي منهنجن خيالن تائين رسائي ملي سگهي. ان کان علاوه مان ٿورائتي آهيان قمر ٽڳڙ پنهنجي سرڪيوليشن مئنيجر جي جنهن سان گڏ مان بار بار پنهنجي شاعريءَ جا پروف ڪندي رهي آهيان. سڀ کان آخر ۾ مان انهن ٽن مهان هستين جي ٿورائتي آهيان جن منهنجي پورهئي کي مان ڏنو ۽ منهنجي ڪم تي قلم کنيو. ٿورائتي آهيان مانائتي سائين تاج بلوچ صاحب جي جنهن کي مان جڏهن مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته هن “نه” ڪونه ڪئي ۽ مون کي شاعريءَ جو ڪجهه حصو اماڻڻ لاءِ چيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هن هڪ غير معروف شاعره لاءِ مهاڳ لکي موڪليو ۽ جڏهن مان سائين امداد حسينيءَ کي فون ڪئي ته پاڻ مون کي ڪتاب جي بيڪ پيج لاءِ ڪجهه لکي موڪلين ته پاڻ جيڪي لفظ چيائون اهي منهنجي سڄي زندگيءَ جو ثمر آهن. پاڻ چيائون، “مزو ماڻيم تنهنجي ڪَلا مان سچ پچ! نه ٿو ڄاڻان ته ڪتاب جي پٺ لکڻ لاءِ، چئي تو مون لاءِ سولائي پيدا ڪئي يا ڏکيائي! بهرحال اڄ ڪوريئر ڪيو اٿم” سائين امداد جا چيل لفظ ته تنهنجي ڪَلا مان مزو ماڻيم مون جهڙي ڪلاڪار لاءِ وڏو اتساهه آهي. ان کان علاوه ٿورائتي آهيان سائين نور گهلو (ڪجهه مهينن کانپوءِ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا) جن جي، جنهن ٻه اکر لکي منهنجي ڪم تي پنهنجا تاثرات موڪليا.

سندرتا جي متلاشي شاعره

اٽليءَ جي هڪ خوبصورت ڳوٺڙي فراسڪاتي ۾ وڃي ٽي مهينا رهيس. خوبصورت، سائي وڻن ۾ ڍڪيل وادي فراسڪاتي. روز صبح جو آفيس ويندو هئس، هر صبح نئون صبح لڳندو هو ۽ ساڳيا روڊ رستا، ساڳي موسم نئين لڳندي هئي. ڪجهه به نه بدلبو هو پر پوءِ به نواڻ هوندي هئي.
محترمه زاهده ابڙو جي شاعري ۾ به فراسڪاتي واري خوبصورتي آهي. ساڳي شاعري، ساڳيو خيال پر جڏهن به پڙهو ته هڪ نئين جمالياتي جهلڪ، هڪ نئين خوبصورتي، هڪ نئون احساس ملندو. سندس شاعري ۾ نوان رخ ۽ نوان گس موجود آهن. مان جڏهن شاعري ترجمو ڪرڻ شروع ڪئي ته زاهده ابڙو جي مشاهداتي قوت مان زبردست متاثر ٿيس احساسن کي پوپٽ جي رنگن وانگر اڻڻ، خيالن جي رواني، لفظن جي جڙاوت ذهن تي گهرو اثر ڇڏي ٿي.
محترمه زاهده ابڙو جي شاعري ۾ خيالن جي نڪورتا آهي مان سمجهان ٿو ته شاعري ۾ اها وڏي خوبي آهي.
لفظ پوپٽ دل مٿان لهندا رهيا،
ڪيتريون ئي ڳالهڙيون پڇندا رهيا.
لفظن جو پوپٽن وانگر لهڻ ڪيڏي نه خوبصورت تشبيح آهي. پوپٽ رنگ برنگي، خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ لفظ پوپٽن جي پرن جهڙي سندرتا ڳولهي دل جي گلشن تي لهن ٿا. تصور جي اک سان اهو منظر ڏسجي ته ڪيڏو نه خوبصورت منظر آهي. زاهده صاحبه جي شاعريءَ ۾ اها حسناڪي موجود آهي جيڪا خوبصورت منظر پيدا ٿي ڪري ان سان گڏ سندس مشاهدي جي طاقت به تمام وڏي آهي. معاشري جي ڏکن ۽ سورن کي پنهنجن لفظن ۾ قيد ڪري ٿي، پر خوبصورتي سان.
ڪهڙي بازار ۾ هوءَ وڪامي ٿي،
روز وڪجي وري وڪامي ٿي.
سندس اندر جي اپٽار جڏهن لفظن جو روپ وٺي ٿي ته لفظ ساهه کڻندا نظر اچن ٿا.
پاڻ رولي پئي ڪنهن کي ڳولي پئي،
روح جي رڃ ۾ هوءَ آ هيڪلي.
ورڊس ورٿ چيو، “مضبوط احساسن جو اوچتو بند ڀڃي وهڻ شاعري آهي.” زاهده ابڙو جي شاعري پڙهڻ دوران اهو محسوس ٿئي ٿو. احساسن جون ڇوليون لفظن جي دريائن ۾ تارو تار وهن ٿيون. لفظ احساسن کي امرتا بخشين ٿا. هومر جي “اوڊيسي” ڪولرج جي “قبلائي خان” اياز جي گيت “جهوپڙي ٻاهران رات جهانجهر وڳي” اهي سڀ جو سڀ جذبن جا وهڪرا آهن جيڪي اڄ تائين وهن ٿا، زاهده ابڙو جي شاعري جا وهڪرا به تکا، تيز ۽ جل ٿل ڪندڙ آهن.
اياز ڪٿي لکيو آهي ته لفظ اهي جيڪي تير وانگر هلن، محترمه جي شاعري جا لفظ تير وانگر هلن ٿا. اها سندس مشاهدي جي بيپناهه قوت آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي اندر جذب ڪري ڇڏي ٿي.
ريت بڻجي رهيو آهين،
مٺ مان وهي رهيو آهين
هڪ انسان جڏهن ريت وانگر ذرا ذرا ٿئي ٿو هن جو پهاڙ جيڏو ڪردار واري ٿئي ٿو ته وقت جي مُٺ مان آهستي آهستي وهڻ شروع ڪري ٿو ۽ دز سان ملي دز ٿي وڃي ٿو. شاعري گهڻ پاسائي، گهڻ ڪنڊائتي، پروقار عمارت جيان آهي نوان رخ، نوان پاسا ڏيکاري ٿي.
ترجمو هڪ فن آهي، ترجمو ڪرڻ خاص طور تي شاعري جو هڪ ڏانءُ آهي. مان ترجمي ڪرڻ کان پهرين شاعري کي ڪافي دفعا پڙهندو آهيان ان کانپوءِ جڏهن اهو يقين ٿي وڃي ٿو ته شاعري جي روح کي سمجهي سگهان ٿو ان کانپوءِ ترجمو ڪندو آهيان. ترجمي نگار ۽ شاعر جو هڪ ئي سوچ جي لڙي ۾ پرويل هئڻ انتهائي ضروري آهي نه ته ترجمو اصل سوچ جي عڪاسي نه ڪري سگهندو. منهنجي اها ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته شاعري جو اصل خيال متاثر نه ٿئي ان لاءِ مان انگريزي لفظن جي چونڊ ۾ انتهائي احتياط کان ڪم ورتو آهي. آڪسفورڊ، ميريم ويبسٽر، ڪولنز ۽ ڪيمبرج منهنجي استعمال ۾ رهيون. ان کان علاوه آڪسفورڊ جي انگريزي ۽ سنڌي لغت کي مسلسل ڏسندو رهيس. ڪنهن به لفظ جي استعمال کان پهرين Etymology ضرور ڏسندو آهيان ته جيئن لفظ جي اصليت جي خبر پوي. اٽيمولاجي لفظ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته لفظ جو استعمال ڪيئن شروع ٿيو، اصل ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اٽيمولاجي (لفظ جي تاريخ) پڙهڻ سان اسان کي لفظ جي اصل استعمال ۽ معنيٰ جي خبر پوي ٿي اها ڄاڻ ڪنهن به ترجمي نگار لاءِ انتهائي ضروري آهي. انگريزي تمام گهڻي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ هڪ لفظ جا ٻيا گهڻائي هم لفظ آهن انهن لفظن جي تاريخ پڙهڻ کانپوءِ انهن جي استعمال جي صحيح خبر پوي ٿي. ان ساڳئي لفظ جي مختلف لغتن ۾ معنيٰ ڏسڻ بعد سندس اصل مفهوم جي خبر پوي ٿي. ان لاءِ وڌيڪ لفظن جي چونڊ ۽ انهن جو استعمال انتهائي ذميداري وارو ڪم آهي.
سقراط جڏهن مرڻ جي ويجهو ٿيو ۽ زهر پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ته هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. “ڪريٽو! ڪريٽو!” ڪريٽو سندس شاگرد ويجهو آيو، سقراط کيس چيو ته پيرن کي دٻائي، ڪريٽو پيرن کي دٻايو، سقراط چيو ته هاڻ پيرن مان ساهه نڪري ويو آهي. جڏهن هن سمجهيو ته جلد مرڻ وارو آهي ته سڀني شاگردن کي گهرائي چيائين، “زندگيءَ جو اهم سبق اوهان کي ڏيڻ چاهيان ٿو منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو” سقراط پوءِ هي تاريخي لفظ چيا ته “لفطن جو غلط استعمال دنيا جو وڏي ۾ وڏو گناهه آهي”.
هڪ ترجمي نگار لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته هو ان گناهه کان بچي. اهو گناهه شعوري ۽ لاشعوري طور تي سرزد ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اسان زبان سان يا قلم سان ڪجهه اهڙا لفظ چئي يا لکي ڇڏيندا آهيون جن جو اثر سالن تائين رهندو آهي. توريو تڪيو ۽ پوءِ لکو ۽ ڳالهايو. رابرٽ فراسٽ آمريڪي شاعر (1874-1963)، هڪ ڀلي ڳالهه ڪئي آهي، “جڏهن جذبن کي سوچ ۽ سوچ کي لفظ ملن ٿا ته شاعري ٿئي ٿي سوچ کي لفظن جو روپ ڏيڻ هر ڪنهن جو ڪمال ناهي، دنيا جو هر انسان سوچي ٿو پر لفظن کي لباس نٿو پهرائي سگهي اهو هڪ شاعر جو ڪمال ئي آهي جيڪو اهو ڪمال ڪري ٿو ۽ غضب تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اوهان ان تي ايتري خوبصورتي سان لکو جو ان جو اثر پڙهندڙ تي ائين ٿئي جيئن شاعر يا شاعره تي ٿئي ٿو.” زاهده ابڙو جي شاعري ۾ اها خوبصورتي آهي سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. شاعري جو ڪو دور ناهي هوندو ۽ شاعر/شاعره جي ڪا عمر ناهي هوندي شاعري زمان ۽ مڪان کان آزاد هوندي آهي. شيخ اياز، استاد تنوير، آتم ناٿن شاهي، نياز همايوني، سرڪش ۽ ٻيا ڪيترائي گهڻا شاعر موجود نه هوندي به موجود آهن. انسان ڪنهن جي خيالن ۽ سوچ کان متاثر ٿيندو آهي. خيالن کان متاثر ٿيڻ انهيءَ شخصيت جو اوهان جي دور ۾ يا اوهان سان گڏ هجڻ ضروري ناهي. اهي وڏا نالا اسان ۾ موجود ناهن، پر سندن خيالن جي خوشبو مهڪي پئي. اهو وڏو ڪمال آهي ته ڏات جي ذريعي اوهان ايندڙ نسلن ۽ دورن ۾ زنده رهو. زاهده ابڙو صاحبه جي شاعري ۾ به خيالن جي خوشبو مهڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مهڪي ٿي.
سندرتا جي متلاشي شاعره هر ڪوجهي شيءِ ۾ به سندرتا ڳولهي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الهام جيان لهن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چهري کي سجائي ٿي. محترمه جي شاعري کي ترجمو ڪندي مان خيالن جي خوبصورتي ۾ گم ٿي ويندو هئس. سندس شاعري ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ آهن، ڪوشش ڪئي اٿم ته انهن رنگن جي خوبصورتي ترجمي ۾ به برقرار رهي.



اعجاز منگي
(انجنيئر- اسلام آباد)

اتهاس لکندڙ شاعره

هن معاشري ۾ عورت ٿي ڄمڻ، ڄڻ ته گناهه آهي، پر جيڪڏهن عورت پنهنجي وجود جي اظهار لاءِ اڳتي قدم وڌائي ٿي ته ڄڻ وڏي گناهه جي مرتڪب ٿئي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي ڪردار ڪُشي سان گڏ، مذهب، سماج، ريتن، رسمن جهڙيون رڪاوٽون کڙيون ڪري، سندس ارادن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ٻين حوالن کي ڇڏي رڳو علمي، ادبي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته ويجهي ماضيءَ ۾ خاص ڪري، هن فيلڊ ۾ آيل عورتن لاءِ نا مناسب ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ان جي باوجود، هو پنهنجي همت سان پنهنجي ارادن ۾ ثابت قدم رهيون آهن. اهڙن ڪردارن ۾ هڪ نالو، محترمه زاهده ابڙو به آهي، جيڪا علمي، ادبي گهراڻي سان تعلق رکڻ ڪري پڙهيل لکيل، باشعور ۽ باهمت خاتون آهي. جيڪا پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي ذميوارين کانسواءِ علم ۽ ادب جي اوسر لاءِ به پاڻ ملهائي رهي آهي. هن دور ۾ رسالو ڪڍڻ ۽ هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ان جي باوجود زاهده ابڙو جي همت ۽ مستقل مزاجي کي داد ڏيڻو ٿو پوي، جيڪا اڪيلي سر، همسري مئگزين گذريل ٽن سالن کان مستقل شايع ڪري رهي آهي، جنهن جو معيار ڏسي گهڻا سينئر ۽ جونيئر ليکڪ، هن مئگزين ۾ پنهنجا ليک ڇپائي خوشي محسوس ڪن ٿا.
محترمه زاهده ابڙو جي شاعري به شايد همسري مئگزين سان گڏ شروع ٿي آهي. نئين هجڻ ڪري سندس شاعري ۾ ڪجهه ڪچائي ڦڪائي ته نظر اچي سگهي ٿي، پر سندس شعر لکڻ جي ڏانءُ ۽ جذبي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. رومانس ته شاعري جو اهم حصو آهي، پر جيئن ته هوءَ خود عورت آهي ۽ عورت سان ٿيندڙ زيادتين کان باخبر آهي. تنهنڪري سندس شاعري ۾ انهن جو چٽو ۽ جذباتي عڪس ملي ٿو. ان کانسواءِ سماج ۾ ٿيندڙ ٻين واقعن ۽ وارتائن کي به هن پنهنجي شاعري ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ پنهنجن ارادن کي وڏي واڪ ظاهر ڪندي چوي ٿي ته:
هر وار ڪرڻ واري تي، هر وار لکڻ ٿي چاهيان،
چهره ڪئين ٿا مٽجن، ناٽڪ سي لکڻ ٿي چاهيان،
اتهاس لکڻ ٿي چاهيان.
ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي شاعريءَ کي انگريزي ترجمي سان گڏ شايع ڪيو آهي ته اهو سندس نئون تجربو آهي، جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿيو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ هن ڏانهن وڃي ٿو.



نور گهلو (مرحوم)
حيدرآباد
17 آگسٽ 2018

آءُ ته سندرتا ڳوليون

---

نئين موسم نئين خوشبو

نئين موسم نئين خوشبو
نوان پوپٽ نيون ڀونئريون
ٿڪل نيڻ کي ننڊ آئي
نوان هِن خواب اکڙين ۾
نيون راهون نوان رستا
نوان سڀ ساز ۽ سرگرم
نوان جذبا نئين هلچل
نئون آ خون گردش ۾
نئين ڪا سوچ سَرجي پئي
نئين ڪا صبح ڏسجي پئي
ڪٿي روشن ٿيو سج آ
نئين اميد ٻَڌجي پئي.

New Season, New Fragrance
New season, New fragrance
Butterflies and dragonflies with new colors
Tired eyes are asleep
Eyes are full of new dreams
New ways new directions
New music and gamut
New feelings, new traits
As fresh blood circulates in veins
New thoughts are brewing
New dawn is seen
Somewhere sun has risen
New hopes are developed

رات جي سانت ۾

رات جي سانت ۾
ڪو خوف وري آيو هو
دَردَ دروازي کي
زور سان کڙڪايو هو
دل جا بيچين هئي
دلاسن جا پهري لباس
هر گهڙيءَ پاڻ ئي هُنَ
پاڻ کي ريجهايو هو!
ڇو رات اڄ...؟
روڄ کڻي آئي هئي!
هٿ جهلي کيس مون
ڪيترو سمجهايو هو!!
تيز طوفان هليو
دل جو دروازو ڀڳو..
رات جو رنگ..
ڪيڏو نه اڄ هو ڪارو
دل پڇيو ٿي مون کان
ڇا ماتم لاءِ ڪوئي آيو هو
پاڇا ٿي اڀريا جي..
سڀ سي سڃاتل ٿي لڳا
پڪ اٿم ايتري..
پنهنجن مان ئي ڪو
رنگ مَٽي آيو هو.

In The Silence Of Night
In the silence of night
Any fear ingulfed me
Sorrows knocked hard the doors of heart
The discontent heart
Wore many attires of consolations
Every moment it tried to comfort it self
Why the night was full of crying today
I consoled her
By holding her hands
A forceful storm blew
Door of heart broke..
The night was unusually more dark
The heart was asking
Whether anyone had come to mourn
All the rising shadows
Were looking known
I am sure
One of my own has come disguised

ٿا جيئون لمحي ۾

ٿا جيئون لمحي ۾،
ٿا ملون وڇڙون لمحي ۾.
بي معنيٰ لڳي ٿو ڪيڏو،
پر دل جو سودو ٿئي لمحي ۾.
چوڻ کان ته زندگي سالن جي آ،
پر ٿا سڀ جيئون لمحي ۾.
راهه ويندي ساٿ ڇڏيو وڃن،
موت سان وڃيو ملن لمحي ۾.
لمحو مختصر ڪيڏي تاريخ ٿو رکي،
فتح ملي، ڪنهن کاڌي شڪست لمحي ۾.
لمحا سُندر جيڪي هئا منهنجا،
گڏي تن کي جيئان وري هڪ لمحي ۾.

We Live In Moments
We live in moments
Meet and separate in moments
How meaningless it looks
We fall in love in moments
Life goes beyond years
but we breath in moments
They get apart in journeys
Meet with death in moments
Small moment has vast history
Some got defeated
Some became victorious in moments
The beautiful moments
I had
To recollect all and live in a moment

اتهاس

اتهاس لکڻ ٿي چاهيان،
ڪجهه خاص لکڻ ٿي چاهيان...
دل جي آئيني تي سچ جي قلم سان
هر باب لکڻ ٿي چاهيان ...!
ڪنهن ٽوڙيم هڻي پَٿَر،
ڪنهن هڻي ڪڍيو خنجرَ،
هن وار ڪرڻ وارن کي،
هر وار لکڻ ٿي چاهيان...!
اتهاس لکڻ ٿي چاهيان.
جي مُرڪي مليا مونسان،
تن ئي ته روئاڙيو آ...
سو روڄ لکڻ ٿي چاهيان...
چهرا ڪيئن ٿا مٽجن،
ناٽڪ سي لکڻ ٿي چاهيان،
اتهاس لکڻ ٿي چاهيان...
ڪجهه خاص لکڻ ٿي چاهيان.

The History!!!!
The history!!!!
I want to document
The unusual!!!!
I want to document
On the transparent mirror of heart
With the pen of truth
Every chapter, I want to record,
Someone shattered me into pieces with stones
Someone injured me with daggers
Everyone who wounded me
I want to mark them,
The history!!!!
I want to document
Who brought me smiles in life
They also brought tears later,
How behaviors are changed
The reasons behind such high dramas,
In the chronicles of history, I want to write
The history!!!!
I want to document

دلچسپ سفر

هيءُ سفر ڪيڏو نه آ
دلچسپ رهيو!!
چهرن تي ڀلجندي زندگي آ رهي..
هڪ ئي چهري تي ڪيئي چهرا رهيا!!.
زهر پيئندي به ڪيئي
صديون جيئندا رهيا
مُرڪندڙ موسمون
ڀنل ماڪَ ۾ اداس رهيون
خوف جن کان رهيو
راهون سي محفوظ رهيون
سونهن ۾ سَرس
اندر کان داغدار هيون
بندَ جيڪي ڏاڍا ڏٺا...
سي ئي ٻوڙيندا رهيا
وقت جن کي هو پڙهايو
سي ئي ڪامياب رهيا
هيءُ سفر ڪيڏو نه آ
دلچسپ رهيو!!

Interesting Journey
How interesting this journey was
Life kept deceiving
with multiple faces
Faces kept changing
its countenance time and again
But they survived and lived
for centuries
while drinking poison,
Smiling seasons of inner being
were gloomy
in glittering dew
the ways were really safe
which we were scared of
Beautiful beings were traumatic in their existance
embankment that looked stronger were drowning with gushed water
only those who were taught by time were successful
how interesting this journey was

نئون جيون ڳوليان

لمحي لمحي ۾ نئون جيون ڳوليان،
نئين جيون ۾ نئين آشا ڳوليان.
ڪيئن ٿي وڃان بيٺل پاڻيءَ جو دُٻو؟
ڪائنات جي وهڪري ۾ ٿي وهان.
ساهه جيڪو ٿي کڻان لڳي ٿو نئون،
هر ساهه ۾ نئون جنم ٿي وٺان.
توکي ڇو پئي لڳان اها ساڳي؟
نئين پَل جي ڳنڍ مان ٿي خود ڇوڙيان.
سوچَ منهنجيءَ ۾ نوان سج چمڪن،
هر سج لئه ٿي نئين ڌرتي ڳوليان.

Finding New Life
In every movement find new life
And new hopes in every life
How could be stagnant water?
I flow in streams of universe
Whenever I breathe it seems unsullied
In every breath I rebirth
Why you feel me similar
From every new moment unfasten myself
New suns shine in my thoughts
Find new lands to rise them

آءُ ته سندرتا ڳوليون

ڪارن ڪوجهن چهرن ۾
ماڻهن ڪجهه اٻوجهن ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون...

ڪچڙن ڪچڙن گهرڙن ۾
ڊَٺل ڦِٽل ڪجهه شهرن ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون...

تيز ترار زبانن ۾
ڪجهه ماڻهن شيطانن ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون...

مذهب جي انڪارن ۾
ڪجهه ماڻهن ناڪارن ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون...

نانگن ۽ واسينگن ۾
امرت جي خزينن ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون...

ڪجهه ٽوهن ڪانڊيرن ۾
سُڪل وڻن جي ٽارين ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون.

جنگل جي قانونن ۾
ڪجهه وحشي حيوانن ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون.

ڪارين ڪارين راتين ۾
ڪنهن فرعون جي باطن ۾
آءُ ته سندرتا ڳوليون.

Let’s Search Beauty
In ugly faces
In innocent faces
Let's search beauty
In mud houses
In destroyed cities
Let's search beauty
In bitter words
In devilsh people
Let's search beauty
In the denial of religion
In their refusals
Let's search beauty
In snakes and cobras
Treasures of venom
Let's search beauty
In thorns, In bitter fruits
In dead branches of trees
Let's search beauty
In the laws of Jungle
In beasts and monsters
Let's search beauty
In black nights
In minds of Pharaoh
Let's search beauty

جيئڻو آ

نئون ڪو ساز ٿو هوا ۾ وڄي،
صبح جي ڇير ۾ ڪو ڇَمڪو آ.
ڪُوڪ ڪوئل جي اڄ نئين ٿي لڳي،
ٿو لڳي سج نئون ڪو چَمڪيو آ.
ماضيءَ جي جاءِ ناهي هتي
زمان نئين ۾ مون کي جيئڻو آ.
در تي دستڪ ٿو ڏئي ڪوئي،
ڪنهن طوفان جو انديشو آ.
بَند ٻَڌل پڪا هئا پر،
شهر سيلاب پوءِ به ٻوڙيو آ.
خوف ۽ آس ٻئي گڏ ٿا هلن،
ڌار ڪيئن ٿا ٿين
اهو ئي ڏسڻو آ.

Live In
New music is in air,
In morning feet new bells are tingling
Cuckoo’s unheard songs are there
Seems a new sun has shined today
Past has no place now here
I want to live in new eras
Someone is knocking at the door
Apprehension of storms is there
Embankments were strong enough
Even then flood has drowned the city
Fear and hope coexist within
When they cease to live together?
Let’s see how they get apart

ويساهه

اڄ هوءَ ڇو آ ڪاري ٿي!!؟
رات امڙ تي ڀاري ٿي،
نيڻن جو جا نُور هئي..
ڪڏهن تنهنجو غرور هئي..
اڄ هوءَ ڇو آ ڪاري ٿي؟
ڪنهن جي ڏوهه ۾ ڏنگجي وئي؟
رشتن جي بس دنگُ ٿي وئي..
ننڊ ۾ هوءَ آ ماري وئي،
ساري رات انڌاري ٿي..
اڄ هو ڇو آ ڪاري ٿي؟
ڪيڏا سپنا هُن جي اکين ۾!!
دفن ٿيا، هن جي سيني ۾..
هُن جي ڀيڻ جهاز اڏائي،
دنيا ۾ پئي پاڻ مڃائي!!
هُن جو مقدر هيءُ ڇو آهي!؟
ڀاءُ ۽ پيءُ جو قرض چڪائي......!!؟؟
ڪهڙي قبيلي ڄائي هئي؟
جنهن جي اک ۾ ٻيائي هئي......!!
هوءَ ڀلا ڪيئن ڪاري هئي!!؟
ڪارنهن هُن نه ڪمائي هئي......!!!
عجب هتي دستور ڏسان ٿي،
خوف ۾ هن کي چُور ڏسان ٿي!
جڏهن جڏهن هوءَ ڄائي هئي..
ڪهڙي ڏوهه ۾ ماري وئي هوءَ؟
ريءَ ڪفن آ پوري وئي هوءَ..
ڇا هوءَ ايئنءَ ئي مرندي رهندي؟
يا ڪا جنگ به هوءَ جوٽيندي؟
ها مون کي ويساههُ انَ وقتَ ۾ آهي،
جڏهن هوءَ ڪارو رنگ هٽائي،
صبح کي پنهنجي سنواريندي..
اڄ هوءَ ڇو آ ڪاري ٿي!!؟
رات امڙ تي ڀاري ٿي......!!

Trust
Why she is killed in the name of honor today?
The night is heavy to her mother
She was light of eyes
And once was your pride
Why she is killed in the name of honor today?
Whose crime she has paid off?
all relations reached to their end
She is murdered in sleep
Whole night went black
What a plenty of, she’d in her eyes
Are buried in her heart now
Her sister by flying planes
Getting applauded & recognition in world
Why this fortune for her
To pay off her father and brother
Which tribe she is born?
Who has hypocrisy in eyes
How she was guilty?
She did not earn the guilt
I see strange customs?
I see her always overwhelmed in fear
Whenever she gets birth
What crime she was killed for
She is buried without burial services and rituals
will she be killed this way
or she will wage any war?
I repose my trust in future
When she will remove her taboo
She will brighten her future
Why she is killed in the name of honor today?
The night is heavy to her mother

پاڻ رولي پيئي...

پاڻ رولي پيئي ….
ڪنهن کي ڳولي پيئي!؟
روح جي رُڃ ۾،
هوءَ آ هيڪلي ….
ڪنهن کي ڳولي پيئي
جوڙي بُت ڪيترا
تن کي پوڄي پيئي،
ڪوهه جهاڳي پيئي
پنڌ پورهئي پيئي
پاڻ پنهنجو پسڻ
هوءَ چاهي پيئي
ناز نخرا کڻڻ
پنهنجا چاهي پيئي
پاڻ تي پاڻ عاشق
ٿيڻ چاهي پيئي
هُن کي هُنَ کان
هميشه لڪايو ويو
سُڏڪا پنهنجا ٻڌي
اڄ آ ڇرڪي پيئي...
پيرا پنهنجا کڻي
پاڻ ڳولي پيئي.

Wandering Herself
Wandering herself in infinity
So far so is searching for someone’s way
In the confinement of her soul
She is all solitary
So far so is searching for someone’s way
By shaping many idols
Worshiping them humbly
Crosses highlands
Laboring by walks
Wants to see her self
She needs her own glimpses
Flattering herself
Wants to be her own beloved
She was hidden from herself
She’s alarmed by her own sobs
Following her own footsteps
She is searching herself

دل جي دهليز تي

دل جي دهليز تي ڪجهه ٿڪل ڪجهه ٽُٽَلَ..
لفظ آيا سُري ڪونه چارو ڏٺم..
ڪجهه لکڻ ٿي گهُريم،
لفظ ڪيئي گَڏي ڪوٽ ڪيئي اَڏي،
دل جي اک سان تنهين کي ڏسڻ ٿي گهريم..
مون ڪڍڻ ٿي گهري مونجهه من مان کڻي،
ٺاهيندي ڊاهيندي ويل هٿ مان وئي......
لفظ سڀ پيا ڪِري تن کي ميڙي وري..
ڪجهه لکڻ ٿي گهريم دير ٿي هئي وئي..
ڪنهن جي تحرير هئي اڳ ۾ پهچي وئي..
لفظ سڀ ويا ڀُري، لڙڪ آيا تري..
آڱرين مان منهنجي پَٽَ تي سڀ پيا ڪِري..
ويا مٽيءَ ۾ ملي، لَٽجي تحرير وئي..

At The Door Step Of Heart
At the door step of heart
Some tired, some fragmented words reached
Found myself helpless
Wanted to write down feelings
Gathering the words
Gleaning the expressions
At some hidden place,
And with the eyes of heart
I intended to see them
I intended to feel them
I intended to vent out the suffocation
of inner being
for time being
but all the words slipped down
and scattered down
Plucking them again
I wanted to write them again
but letter of someone reached before mine
it shattered me and drowned me
in the ocean of tears and my existence was
absorbed into earth

اچ ته هاڻي برف کي ٽوڙيون

اچ ته هاڻي برف کي ٽوڙيون،
وري نئون ڪو جهان جوڙيون.
اتر ڇڏي هل ڏکڻ هلون،
ساريون راهون ابتيون موڙيون.
وقت جي کنڊرن مان اڄ،
محبتون اچ ساڳيون ڳوليون.
گم ٿي ويا آهن وجود ٻنهي جا،
اچ ته توکي مون کي ڳوليون.
اڳتي اُڪري آيا آهيون،
اچ ته نَيٰا ابتي موڙيون.
سِڪ جا سڀئي پل وڃايل،
هِڪ هِڪ هلندي هلندي ڳوليون.
دل جي ٽٽل ديوارن کي اچ،
پيار مٽيءَ سان ٻئي جوڙيون.

Let’s Break The Ice
Let’s break the ice
Let’s build a new world
Say adieu to North Move towards South
Let’s reverse all the ways
Today from the ruins of time
Let’s find lost affection
Our existences are lost
Let’s find ourselves
We have gone beyond
Let’s pedal our canoe back
All the moments of attraction
Roaming let's find one by one
All the broken walls of heart
Let’s repair with plaster of affection

سڀ گُم آهن

نَظَمَ گُم آهن، غَزَلَ گُم آهن،
يادن جي راهن ۾، ورهيه گُم آهن.
وسارڻ جي ڪوشش ۾ شب و روز آهيان،
ڪڏهن ڪوششون گُم ۽ ڪڏهن شب و روز گُم آهن.
عقل ۽ فهم هُن کي وسارڻ گهري ٿو،
لڳي ٿو عقل ۽ فهم ٻئي گُم آهن.
قيمت نه ڄاتم جڏهن هو ساٿ هو،
عجب حال آهن اڄ ساٿي گُم آهن.
ورڻ ٿي چاهي پراڻن پٽن ڏي،
رستا گُم آهن، راهون گُم آهن!!
عجب بيوسيءَ جي حالت ۾ آهي،
ڪٿي ساههَ گم آهن، ڪٿي ويساهه گُم آهن ..

All Are Lost
Nazms are lost, Ghazals are lost
On the alley of memories
Years are lost
Days and nights are busy to erase memories
Sometimes efforts sometimes day and nights are lost
Wisdom and intelligence want to forget him
It looks above both are lost
I did not know the value
But what a misery, when friends are lost
Want to return to home
But paths trails are lost
Ways are lost
What a weird helplessness is
Breaths are lost
Beliefs are lost

گهران ٿي باب تنهنجا سڀ پڙهڻ مان

گهران ٿي باب تنهنجا سڀ پڙهڻ مان،
ڊڄان ٿي زندگي ٿوري نه ٿي پئي.
نثر آهين يا ڪو نظم آهين!
اڃان سمجهي نه توکي سگهي هان.
ڪڏهن مبهم ڪڏهن سولو لڳين ٿو،
لکڻ واري به توکي واهه لکيو آ.
تنهنجي تفسير ۾ آهيان منجهيل مان.
لڳن ٿا لفظ معنائن کان بدليل،
لُغت ڪهڙيءَ ۾ مان تفسير ڳولهيان.

Want To Study All Chapters Of…
Want to study all chapters of your life
Fear engulfs me, life may fall short,
Whether you are prose or poetry
Could not comprehend your being
Sometimes uneath, Sometimes complicated
The writer has written you
In unusual way
Intricated in your narration
Words are contrary in meaning
Which dictionary to find explaination

هوءَ ڪيڏي نه چري هئي!!

هوءَ ڪيڏي نه چري هئي!!
هوءَ ڪيڏي نه چري هئي!!
دل جي بُت خاني ۾،
انسان رکي ويٺي هئي.
لاٽ اونچي رهي،
هوءَ رَتَ جا ڏيئا ٻاريندي هئي.....!!
دَر دريون بند ڪري،
سدا گيان ۾ گم رهندي هئي.
گهَڙيون گهٽبيون رهيون،
سيرُن مان سَمي سُرندو رهيو......!!
اک جڏهن هن جي پٽي،
دنيا هن جي لُٽي......!
خالي مندر هيو،
ڳڙکي ڪا پَٽيل هئي....!
سالن کان هوءَ بي سڌ هئي،
ڇو ته هوءَ چري هئي.
دل جي بُت خاني ۾،
انسان رکي ويٺي هئي.....!!

How Insane She Was!
How insane she was!
How insane she was!
In the temple of heart
She kept a human as god
To maintain the flame high
She used to fill lamp with her blood
By closing doors and windows
Was always lost in meditation
Time was flowing away from all spaces
While her eyes opened
Her world was robbed
Temple was empty
Any windows was opened wide
She was unaware for years
Because she was insane
In the temple of heart
She kept a human as god

ٿوري جاءِ ٿي گُهرجي

خيالن ۾ تنهنجي ٿوري جاءِ ٿي گُهرجي ،
ٿڪل آهيان آرام لئه ڪا جاءِ ٿي گهرجي.
اڻاگو رهيو سفر زندگيءَ جو،
ساهه پٽڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
رڳو پير زخمي ناهن ٿيا،
زخمي روح ريجهائڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
سيلاب سوچن جا روز ٿا ٻوڙين،
تن کان بچڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
ڪاغذ جي ٻيڙيءَ جيان ڪمزور لڳان ٿي،
پاڻ سُڪائڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
پاڻ سنوارڻ شايد وسري ويو هو،
اڄ پاڻ سينگارڻ لاءِ جاءِ ٿي گهرجي.
سالن کان خود کي ڏٺو ئي ناهي،
تنهنجي اندر آئيني ۾ جاءِ ٿي گهرجي.

Need Little Respite…
Need little respite in your thoughts
Being tired need space for tranquality Journey of life, full of agonies
Need shelter for some rest
Not only feet are injured
Need some space to entertain my injured soul
Drowning in the flood of worries daily
Need embankment to secure myself
Feeble as paper boat
For rescuing need shore
Forgot to beautify myself
Need reason to decorate today
For ages not seen myself
Need space in your mirror soul
To reflect myself

عجب چال هليو آهين!

واهه عجب چال هليو آهين،
سدا خاموش رهي وڙهيو آهين.
مقدر جي هٿن مان کسيم توکي،
وري مقدر جي هٿن ۾ مليو آهين.
دلفريبيءَ ۾ سدا گرفتار رهيس،
سدا پردن ۾ هليو آهين.
مون لڪايو هو پاتال ۾ توکي،
ڪيئن وري ڌارين سان مليو آهين؟
حَربَ جا هنر سڀ ڄاڻين ٿو،
پوءِ به سدا معصوم رهيو آهين.
رنگ سڀ روئن ٿا مون تي،
واهه جو فنڪار بڻيو آهين.

Have Played Tricks
Have played tricks with
While remaining silent, have fought with
I snatched you from destiny
Destiny snatched you again from me
I was in illusions
You were also in veils
I hid you in my core
How made companionships with rivals?
You know all the traits of war
Even then you remained innocent
All the colors mourn at me
Played like an artist

ٻه واٽو

ٻه واٽي تي بيٺل مون هُن کي ڏٺو،
پاڻ سان پاڻ وڙهندي مون هُن کي ڏٺو.
سوال ڪيئي ٿي هُن پڇيا پاڻ کان،
لُڙڪ لاڙيندي جوابن ۾ هُن کي ڏٺو.
لڳي ٿي هوءَ لوهه جي ليڪن،
وکرندي واءُ ۾ مون هُن کي ڏٺو.
سفر هُن جو ڪيئن رهي جاري؟
اڻ ڄاتل سفر گاهن ۾ هُن کي ڏٺو.
پيرَ هُن جا ٿيا پٿون پنڌ ۾،
منزلن کان بي شناس هُن کي ڏٺو.
منزلن تي رسائيندي ٻين کي رهي،
پر راهن ۾ رولاڪ هُن کي ڏٺو.
ڪهڙي دنيا ۾ اڄ رهي هوءَ ٿي؟
درد سان شناسا مون هُن کي ڏٺو.

Cross Roads
I saw her standing on the cross roads
I have seen her
I saw her waging war with herself
Many questions, she was asking herself
Bewildered in answers with cloudy eyes
I saw her
She looked like iron
Spreading in air I saw her
How can she manage her journey?
She is on the unseen paths
Injured feet soaked in blood
Her journey is on the unknown roads
Helping others to reach at the destinations
Wandering on the path
I saw her
Which world she resides today?
Having acquaintance with pain, I saw her

ڪهاڻي

اچ مان توکي
پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان
تو مون سان ڪيو..
ڪهڙو وهنوار آهي!
وري پوءِ به رَلجي
هلي آهيان تو سان..
نه باغي هيس..
نه ئي قاتل هيس..
پوءِ به زنجيرن ۾،
جڪڙي رکيو تو ڇو آهي؟
ڏسي پنهنجا زيور
روئي دل ٿي منهنجي
هيءَ پازيب اڄ جي
ڪلهوڪي ٻيڙي آهي
نٿ جيڪا اڄ مان،
تولئه ٿي پايان...
سا ڪلهوڪي ناڪيل آهي
ڳلي ۾ ٿي پايان،
ڪيئي اڄ مان زيور...
صدين جا سي سوين
ڏنل تنهنجا ڳَٽَ آهن..
وڏي چاهه سان،
ٿي چوڙيان هي چوڙيون،
غلاميءَ جا تنهنجي
سي زَنجيرَ آهن...
ڏنئي ڏنڀ جيڪي،
پيشانيءَ تي منهنجي،
ٽڪو تنهن کي
نالو ڏئي اڄ ٿي پايان...
ڪهاڻيءَ جو انجام
ٿي لکڻ چاهيان...
ڏنل تحفا تنهنجا
ورائڻ ٿي چاهيان...
پاڻ کي اڄ سينگارڻ
علم سان ٿي چاهيان...

Story
Come hither
I want to tell you my story
What treatment you have given to me
Nevertheless I came along with you
Neither was rebel
Nor was Killer,
Then why have chained me
To see my ornaments
My heart cries
The anklet I wear today
Is fetter of yesterday?
Nose-ring I wear in your name
That is same bridle
Necklaces of many kinds I wear today are chains wearing since centuries
The bangles I wear with love
Are actually the chains
You enslaved me
The burns you gave on my forehead
Today I wear by giving names
Forehead ornament,
I want to pen climax of story
I want to return your all gifts
I want to beautify myself with knowledge.

آلا نيڻ

نيڻ هن جا وري اڄ آلا ڏٺم،
پيڙائن جا اتي ڪيئي حوالا ڏٺم.
مُرڪندي مُرڪندي هوءَ ڇو روئي پئي؟
ياد ڪنهن جي هئي مُرڪُن ۾ پيهي پئي.
لفظ هن جا نڙيءَ ۾ ڇو اٽڪي پيا،
روح ۾ سور ڪيئي هئا ڦٿڪي پيا.
ڇو لڳي ٿي اڪيلي هوءَ ميڙ ۾،
دل لڳي ٿي سندس آهي ڪنهن ويڙهه ۾.
پاڻ سمجهائي ٿي پاڻ ريجهائي ٿي،
پاڻ کان پاڻ هوءَ روز هارائي ٿي.
نيڻ هن جا وري ڪڏهن مُرڪندا؟
ٽهڪ هن جا وري ڪڏهن گونجندا؟
وقت شايد نه موٽي ڪو اهڙو اچي..
درد سان ٿو سندس گهرو ناتو لڳي..

Misty Eyes
I saw mist in her eyes
Many references of agonies
While smiling, why she cried?
Whose memory crept in her mind?
Why words were chocked in her throat?
Soul stirred and wounds dithered
Why is she isolated in crowd?
Her heart is at fight
She consoles & cajoles herself
She is defeated by herself daily
When her eyes shine with smile again?
When her laughters will echo again?
May such time never visit her!
Her bonding with sorrows looks too deep

ڪوشش

ڪوشش متان ڪامياب ٿي به وڃي،
دل جي رستي تان هو لهي به وڃي.
هلندي هن کي نگاهون ڳولهين ٿيون،
منُ ڪٿي هو نظر اچي به وڃي.
آ هوائن ۾ ان جي ئي خوشبو،
متان مون کي معطر ڪري به وڃي.
عڪسَ آئيني ۾ ڏسان ان جا،
منُ اندر آئينو ٿيندو ٿو وڃي.
ٿيون رهاڻيون سدائين خوابن ۾،
پل متان اهڙو سچ اچي به وڃي.
هو ڪو پٿر هو يا ڪوئي رهزن هو،
خبر اهڙي متان اچي به وڃي.

Effort
Abortive effort becomes success
Might heart forgets him
My eyes look for him everywhere
May get a look somewhere
Air is balmy, because of him
He may make me fragrant
I see his reflection in the mirror
My inner being is becoming his reflection
We met always in dreams
I wish to see him before me in real
He was stone hearted and cruel
May I get such news about him?

اهڙا طوفان به ايندا آهن

اهڙا طوفان به ايندا آهن،
ماٺ ۾ دنيا مَٽي ويندا آهن.
ايندو آ ٿرٿلو اندر ۾،
پوءِ به ڏار نظر نه ايندا آهن.
من ۾ ڪا ماٺ لڳي ويندي آ،
ٻاهر ڪو گوڙ ڇڏي ويندا آهن.
حواسن تي لڳندو آ راتاهو،
همتن سان پوءِ به ڀري ويندا آهن.
تدبير کيڏندي آ تقدير سان،
اهڙا لمحا لاچار ڪري ويندا آهن.
چهرو دنيا کي لڳندو آ ساڳيو،
اندر جي دنيا مَٽي ويندا آهن.

Such Storms Occur
Sometimes such storms occur
That change the world in silence
Tremors devastate inner being
But fissures are not visible on facade
Silence takes place in soul
But clamor is out there
Senses are robbed
But arouse you with courage
Planning plays with fate
Force to be weaker and helpless
Face remains same to the world
But one is changed within

لفظ به لباس پهرن ٿا !

لفظ به لباس پهرن ٿا،
ڪڏهن شاهي ڪڏهن گدائي پهرن ٿا.
ڪڏهن ته دل ۾ گهر ڪيو وڃن،
اهڙو گداز پهرن ٿا.
صدين تائين چڀن ڇڏين ٿا سيني ۾،
اهڙو لباسِ خاردار پهرن ٿا.
ڪڏهن چپن تي چاشني جي چاهه رکي،
محبت ۽ مٺاس پهرن ٿا.
ڪڏهن چُپ جو روزو رکي،
خاموشيءَ جو لباس پهرن ٿا.
نفرت سان جي سندن ٿئي ياري،
تيرن ۽ ترڪشن جو لباس پهرن ٿا.
ڪڏهن ويهي محبوب جي اکين ۾،
سجدن جو لباس پهرن ٿا.

Words Also Wear Attires
Words also wear attires
Sometimes of kings and sometimes of beggars
They permanently reside in hearts
Sometimes have such tenderness
Sometimes perforate in heart
Sometimes have barbed attire
Sometimes they wear the sweetness of lips
Put on the outfit of love and lovability
Keeping the fast of silence
Wear clothing of the silence
If they shake hand with hatred
Robe themselves with arrows
Sometimes residing in the eyes of beloved
they remain in prostration

خاموشي ڳالهائي ٿي

اڄ خاموشي ڳالهائي ٿي،
بي لفظ گفتگو ڳالهائي ٿي.
شڪايتون آهن ڪيتريون،
سانت هيءَ ڳالهائي ٿي.
رنگ خوشبوءَ کان ڌار ٿيو،
وقت جي زبان ڳالهائي ٿي.
وهڪرو وقت جو لنگهي ويو،
تاريخ هِت ڳالهائي ٿي.
سج هاڻي لهي ويو آهي،
اوندهه اڄ ڳالهائي ٿي.
خاموشيءَ جو سودو ڪيان،
خود غرضي ڳالهائي ٿي.

Silence Speaks
Silence speaks today
Speechless conversation speaks today
Many complaints are to say
This quietude speaks today
Color is separated from fragrance
Expression of time speaks today
Stream of time has passed
History speaks today
Sun is set now
Darkness speaks today
I trade for the silence
Selfishness speaks today

ڇولي

سَمنڊ تون هئين، مان ته ڇولي هيس،
رنگ سڀ تون هئين، مان ته هولي هيس.
تون صبح ويل جو ڪو ستارو هئين،
مان ته آسن اميدن جي جهولي هيس.
تون پکي ڪو هئين پرڏيهه جو،
پڙلائن ۾ رهيل مان ته ٻولي هيس.
فلسفي جو سبق هئين تون پڙهڻ لئه،
مان سنڌيءَ وانگي آسان ۽ سولي هيس.

Wave
You were the sea and I the wave
You were colors and I the Holi
You were the morning star
I was like the cuddle of hopes
You were wandering bird of foreign lands
I was like the language of echoes
You were complicated lesson of Philosophy
I was simple language as Sindhi

نئين سوچ

سدا تو منهنجي روپ کي آ چاهيو،
ڪڏهن اکين کي ڪڏهن لبن کي آ ڳايو.
وقت سان مان مَٽجي رهي آهيان،
نه رهندس اها جنهن کي تو هو چاهيو.
نه فڪر آ مون کي پنهنجي وارن جو،
نه ڳڻتي آ رنگ جي جنهن هو توکي لُڀايو.
مان هاڻ پاڻ کي پاڻ ئي وڻندس،
ڇو توتي الائي مون وقت وڃايو؟
هاڻي ڪنڌ مٿي ڪري هلندس،
گڏ توکي به ساڻ کڻي هلندس.
ڪائنات جا سڀ رنگ هئا مون ۾!
پوءِ به ڪيڏو نه هو تو مون کي ستايو.
نئين نگاهه نئين سوچ ساڻ آ هاڻي،
سڀ ڄار پنهنجا ويڙهه هاڻي.

Renewed Vision
You loved my beauty ever
Praised my lips and sometimes eyes
I am transforming with time
Will not be same whom you loved
I am not worried about grey hair
Nor my fair complexion, you loved to
I will love myself now
Why did I waste time with you?
I will live with pride
Will keep you beside
All the colors of universe were in me!
Still you tormented me
I have renewed visions
Wrap all your entrappings

ناتو

تنهنجو منهنجو ناتو اهڙو،
ڌرتيءَ ۽ برساتن جهڙو.
ڪڏهن هئين تون انڊلٺ وانگي،
هاڻي آواره بادل جهڙو.
ڪڏهن ته ڪيڏو اوڏو آهين،
ڪڏهن ڏور ڪهڪشائن جيڏو،
تون به ته زخمي زخمي آهين،
ڪنهن جي روح جي گهاون جهڙو،
پاڻ وڃائي توکي ڳوليان،
شال ملين ڪنهن وڃايل جهڙو.

Relation
The relation, you and I have
As the rains and earth have
You were like rainbow
Now as wandering cloud
Sometimes you are close
Sometimes away like stars and galaxies
You are also injured severely
Like the wounds of someone’s soul
Losing myself to find you
May find you as a lost one

اڃان هاڻي سُتي آهيان

ڪري غافل مان خود کي،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
نه ڪوئي مون کي جاڳائي،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
ذهن ۽ دل جو ڌاڳو،
ٽٽڻ وارو هيو ئي نه...
انهيءَ ڌاڳي کي ٽوڙي،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
نه هاڻي روشني گهرجي،
ڏيئا تون سڀ اُجهائي ڇڏ...
ٿڪل آهيان ٽٽل آهيان،
سمهڻ چاهيان ٿي هاڻي مان.
ڪري خود کي مان تنها،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.
نه ڪائي آس آ باقي،
ڪڏهن تنهنجي ورڻ جي ڪا...
ڪري بند دِل دريون مان،
اڃان هاڻي سُتي آهيان.

I Have Become
Unconscious Just Now
Shutting all the door of conscious on me
I have become unconscious just now
Don’t try to make me conscious
I have become unconscious just now
The thread of heart and wisdom
was never to break
I have cut the thread
I have become unconscious just now
I don't need light
Put off all the lamps
I am tired, I am broken
Want to be unconscious
Confining myself in loneliness
I have become unconscious
No wish exists now
That you will come back
Shutting all doors and windows of heart
I have become unconscious just now

پنهنجي تلاش ۾

ڇو پاڻ ٿي لڪائي!
پرده ٿي ڪيئي پائي!
ڇو ٿي ڊڄي هوءَ جڳ کان؟
سچ ڪيترا لڪائي!
ڳولڻ ٿي چاهي خود کي...
سمجهڻ ٿي چاهي خود کي...
تابوت مان هوءَ هاڻي
کولڻ ٿي چاهي خود کي...
ٿي ڄاڻي مام ساري
صدين جي قيد واري...
هاڻي ڏسي ٿي دنيا
اکين سان پنهنجي پياري...
خود لئه فخر ٿي چاهي
خوديءَ ۾ بيخودي ٿي چاهي...
پي مَئي جو هوَ پيالو
ٿي مست رهڻ چاهي...
سارا سڳا ٿي ٽوڙي
راهون ۽ رستا موڙي...
پنهنجي تلاش ۾ اڄ
ڪيئن شان سان ٿي ڊوڙي...
سونهن پسي خود ۾
ٿي دنگ وئي آهي
بيٺي ٿي سوچي حيران
هيءُ ڪهڙو رنگ آهي؟
ڪڏهن سوال بڻجي
ڪڏهن ثواب بڻجي...
ٿي هاڻي جيئڻ چاهي
ڪڏهن گناهه بڻجي...
ڏنل نانَوَ ٿي وَرائي
هوءَ با ڪمال آهي
تو وانگي آهي انسان
اعلان ٿي ڪرڻ چاهي...

Self Exploration
Why does she hide?
Wears on veils
Why is she afraid of the world?
She hides the truths
She wants to discover herself
She wants to comprehend herself
She wants to liberate herself
from coffin
She knows the secrets
Of her imprisonment of centuries
Now she is capable to observe this lovely world
She wants selfesteam for sherself
She wants selflessness in herself
She wants to drink and remain in ecstasy
Breaking all the chains
Turning all the paths
Searching her ownself
Running with pride
Finding beauty within
She is astonished
She is astounding
Thinking of her new color
Becoming a question sometimes
Being a virtue sometime
Wants to live now
Sometimes as sin
Wants to return given names back
She is adroit
She is also human being like you
She wants to proclaim

مفهوم ڳولن ٿا

لفظن ۾ مفهوم ڳولن ٿا،
خيالن ۾ داستان ڳولن ٿا.
چون ٿا پاڻ کي لڪائي هلان،
شعور ۾ بغاوتون ڳولن ٿا.
سمجهه وڌندي ٿي وڃي هيڏانهن،
الزامن جا هو دُڪان کولن ٿا.
ڪيئن پاڻ کي جهليان هاڻي،
خيال لفظ نوان ڳولن ٿا.
منهنجي لفظن کي به ساڳيو مان ملي،
نظم اهڙا، پڙهڻ وارا ڳولن ٿا.

Trying To Find Meanings
Trying to find meaning in words
Trying to find legend in ideas
They ask me to conceal myself
They find revolts in my wisdom
Intelligence goes beyond the limits
They open shops of allegations
How to stop myself now?
Ideas to find new words for expression
Hope to find same respect for my words
Nazams find such valuable readers

ملاقات

آسمانن تي توسان ملاقات هئي،
ڪهڪشائن تي توسان ملاقات هئي.
روح ۾ رقص تنهنجو اڳيئي هيو،
توسان صدين کان اڳ جي ملاقات هئي.
هئين ٿي ويو گم الائي ڪٿي،
پوءِ سجدن کان، پهرين ملاقات هئي.
مدارن ۾ گهمندا رهاسين ٻئي،
ڇڄي اَڄ اُتان پنهنجي ملاقات هئي.
مڪمل وجود آهي اڄ منهنجو ٿيو،
پاڻ سان ڄڻ پهرين ملاقات هئي.

Encounter
Had met you on heavens
On galaxies we encountered
Already you were dancing in soul
Known to each other for centuries
You were lost somewhere
Though we met in prostration
We were wandering in orbits
Being apart from there we met again
My existence is completed now
As, I met myself first time

يادن جي پيچرن تي

يادن جي پيچرن تي
سوچن جي صليبن تي...
تون آهين اگر مون سان
زندان به قبوليان ٿي...
ٿا خوف وڙهن ڪيئي
هر خوف سان وڙهان ٿي...
نظرن ۾ اوتي توکي
جڏهن اڳيان وڌان ٿي...
هر گهاءُ کي خوشيءَ سان
سيني تي مان سهان ٿي...
جيسين حياتي آهي
توکي ئي مان گُهران ٿي...

On The Journey Of Memories
On the journey of memories
On the crucifix of the reflections
If you are with me
I can accept prison
Many fears are at war with me
I wage war with every fear
Pouring you in my eyes
When I move forward
I can endure
every wound on my chest
As long as I am alive
I pray and beg for you

ريگستان

ريگستان پار ڪرڻو آ،
رُڃ جو جهان پار ڪرڻو آ.
سفر اڻاگو ۽ تون اڪيلي،
دل دلاسي امتحان مان پار پوڻو آ.
ٿڪجي نه ويهڻو آهي ڪٿي،
مات، مات کي ڏئي کيڏڻو آ.
جذبن کي پَر لڳي وڃن جيڪر،
ماٺ مڪليءَ کي پار ڪرڻو آ.
موت منتظر آ منطق جو،
منطق کي مات ڪرڻو آ.

Desert
Have to cross the desert
Have to cross the world of mirage
Journey of hardships and you alone
Have to go through this test by courage
Never to sit tiredly
By defeating the defeat have to go on
May feelings have wings
Have to go through the silence of Makli
Death expects for logic
Have to defeat the logic

نه آهيان ڪا پيغمبر...

نه آهيان ڪا پيغمبر...
نه هي ڪو الهام آهي!
الهام جي ڪهڙي ضرورت
مون کي آهي ڪا ڀلا؟
سور منهنجا ايترا
وقت سِر آهن پڪا...
ڇا اڃان تائين ڀلا
هو پنهنجي اندر ناهن لٿا؟
فلسفو آ زندگيءَ کان
پاڻ ويهي مون سکيو...!
وٺندي رهي آ امتحان
روز مون کان زندگي
پاس ٿيان يا فيل ٿيان
ناهي سندس ڪو واسطو...
روز پرچو هڪ نئون
مون کي ڏئي ٿي زندگي
پوءِ ڀلا مان ڇو هجان؟؟
منتظر الهام جي!!

Neither Apostle I Am…
Neither apostle I am,
Nor receiving revelations
I don’t need any revelations!
Sorrows, I have received so far,
have taught the
lessons to lead life
have they not seen within
The philosophy of life
I have learnt myself
Life is testing me daily
Whether I fail or pass
Life has no concern for it
I am getting new questionnaire from life
Why do then wait for revelations?

ٻوڙن ۽ گونگن جي شهر ۾

ٻوڙن ۽ گونگن جي شهر ۾،
ڪنهن کي ڳالهه ٻڌائيندينءَ تون؟
ڏيئي وضاحت ڪنهن کي ڪنهن کي،
پنهنجو پاڻ بچائيندينءَ تون.
جنازو جتي نڪري لفظن جو،
ٻولي ڪهڙي ڳالهائيندينءَ تون؟
پڪڙي لفظ اُڏاريل پنهنجا،
واپس ڪر تون قيد ذهن ۾..
آخر ٻول سريلا مٺڙا
ڪيئن ٻوڙن کي ٻڌائيندينءَ تون؟

In The City Of Dumb And Deaf
This city of dumb and deaf
Who will listen your story?
How many explanations will you provide?
To safeguard yourself
Where, funeral of words is done
Which language in you will talk?
Catch your flown words back
Imprison them in your mind
How deaf will listen your sweets words

جنمن جو ساٿ آ

هن چيو جنمن جو ساٿ آ،
ٿو لڳي ٻن قدمن جو ساٿ آ.
خوف ۽ ڏهڪاءُ ۾ ڪيئن ٿو ڪوئي گڏ هلي،
پيچرو هي پنڌ ڏکن جو ساٿ آ.
غزال ڏس ڪيئن ٿا ڇالون ڏين،
توڻي جو انهن کي گُرگن جو ساٿ آ.
تون ته وقت جو سنهرو پل آهين،
تنهنجو ته صدين سان ساٿ آ.
ڌار ٿي وياسين جي اسان،
پوءِ رڳو سورن جو ساٿ آ.
ماهيءَ کي نه ڊيڄاري ڪوئي آب کان،
آبن سان سندس صدين جو ساٿ آ.
باز کي روڪي نه ٿو سگهي ڪوئي اڏام کان،
اونچائين سان سندس صدين جو ساٿ آ.

Companionship Is
For Every Rebirth
He said companionship is for every rebirth
But seems only for two steps
How one can go along in fear & ferocity
This path is only for sorrows
See how deer leap around
Though they have fear of wolves
You are a moment of bright time
You will remain for centuries
If we will apart
Then only sorrows be partner
No one dare to scare a fish from water
It’s been living in waters for centuries
Flying high is the nature of falcon
It’s been flying high for centuries

اي وقت...

اي وقت مَٽي تون ويس ڪو اچ،
ڪر خوابن کي تون نيٺ ته سچ.
ٿي بُک ڪري بدحال جنين کين،
تِن لئه لقمون کڻي ڪو اچ.
حق جنين کان روز پيا ڦرجن،
جيءُ جياپو کڻي ڪو اچ.
ڌرتي جن لئه ڌٻڻ بڻي آ،
هٿ سگهارو بڻجي ڪو اچ.
سودو جن جي سُتي ٿئي پيو،
جاڳي وارو کڻي ڪو اچ.
لهرن لوڏن ۾ آ ڌرتي،
ٿنڀُ سهارو کڻي ڪو اچ.
اوندهه جو اڄ خوف آ مون کي،
نئون سج اڀاري کڻي ڪو اچ.

Oh Time…
Oh time come with new attitude
Now make dreams come true
Those who are suffering from hunger
Bring a morsel for them
Whose rights are being snatched daily
Bring a message of life for them
Their own land has turned swamp
Be a strong support
They are sold in their sleep
Bring any exciter for them
Land is going through instability
Bring a strong leader
I am scared of darkness
Bring a new sun of hope

درد بڻجي جي دل ۾ رهن ٿا

درد بڻجي جي دل ۾ رهن ٿا،
سي ئي دل جي دنيا کي آباد ڪن ٿا.
اندر ۾ چڻڪ بنجي هو سدا،
ڪڏهن دُکن ٿا ڪڏهن ٻرن ٿا.
ساٿ تِن جو رهي سلامت،
پيرا جي دل تي پنهنجا ڇڏن ٿا.
مهربان اهڙا سي دوست آهن،
نه مارن مڪمل نه جيئرو ڇڏن ٿا.
وسارڻ نه آسان آهي تنين کي،
اندر ۾ جي خيما کوڙي ويهن ٿا.

Those Who Reside
In Heart Like Sorrows
Those who reside in heart like sorrows
They nurture world of heart
Forever as a spark
Either they smolder or burn
May their companionship remain secure
Who leave footprints on heart
Such sympathetic friends
Neither allow to live nor die
It's not easy to forget them
Who dwell permanent in heart

وقت جو ڪوئي ڀروسو ناهي

وقت جو ڪوئي ڀروسو ناهي،
رُسي ٿو ڪنهن سان ۽ پرچي خبر ناهي.
ڪنهن جي روح کي رڱي محبت سان،
زخمي ڪنهن کي ڪري خبر ناهي.
ٿو ڪري رُسوا ڪڏهن سچ کي،
ڪوڙ کي ڪڏهن ملي مان ڪا خبر ناهي.
فصل ڪنهن جو، کائي ٻيو ڪو ٿو،
زندگي ڪير ٿو جيئي ڪنهن جي خبر ناهي.
بي موسمو ٿو ثمر هاڻي ملي،
دل به ٿي وئي آ پٿر خبر ناهي.
پرده ڪيئي آهن چهرن تي،
ٿيندا سي بي پرده ڪا خبر ناهي.
پنهنجي پنهنجيءَ ۾ آهي سڀڪو رُڌل،
ماءُ کي ڌيءَ جي اڄ خبر ناهي.
مُرڪن ۾ ڪنهن جي ٿا گلاب ٽڙن،
زخمي ٿيو آ ڪنهن جو اندر خبر ناهي.
هُن دنيا ٻي ڪا وڃي وسائي آ،
پوءِ به خيالن ۾ ٿس ڇو گذر خبر ناهي.

Time Is Untrustworthy
Time is untrustworthy
Unkind or kind to someone
Its unknown,
It dyes soul with colors
Incurs injuries to anyone
Its unknown,
Sometimes disgraces the truth
Sometime lie become respectable
Its unknown,
Cultivation of some others enjoys someone else
Someone else lives the life of someone
Its unknown,
Unseasonal fruit is available indifferent to all
Hearts are stones
Its unknown,
Faces are covered with many masks
Will be uncovered? It’s unknown
Everyone is busy in life
Mother and daughter are unknown to each other
Roses bloom in someone's smile
And who’s inner is injured
Its unknown,
He has made a new world away
Why has a corridor in thoughts so far?
It's unknown.

دل جي موسم مٽجي رهي آهي

دل جي موسم مٽجي رهي آهي،
خزان نظر اچي رهي آهي.
خوشين جا گل سڀ مرجهائن پيا،
زرد هوا اهڙي گُهلي رهي آهي.
ٻج نفرتن جا ڇو ڦٽي پيا آهِن؟
ڌرتيءَ تي به سنگدلي نظراچي رهي آهي.
دل چري توکي ڪيئن مان سمجهايان؟
هن جي دل توکان هٽي وئي آهي.
چراغ ڪيڏا به کڻي مان ٻاريان.
روشني خود کان لڪي رهي آهي.
هُن جي منزل ڪٿي آهي اڳتي،
هر ادا هن جي چغلي هڻي رهي آهي.

Weather Of Heart Is Changing
Weather of heart is changing
Autumn is approaching
Flowers of happiness wither away
Wind of sorrows is blowing
Why seeds of hatred have sprouted?
Implacability can be seen on earth
How to console, crazy heart?
He has gone away from you.
Though, I lit many lamps
Light is hiding itself
His destination is somewhere ahead,
His face is exposing his lies

طوفان کي ڪوئي روڪي

طوفان کي ڪوئي روڪي،
نادان کي ڪوئي روڪي.
وقت مٽجي ويو،
اڻڄاڻ کي ڪوئي روڪي.
بيٺل پاڻيءَ ۾ نه هڻ پٿر،
لڪل طوفان کي ڪوئي روڪي.
وَيلِ ويل ورائي نه سگهبي،
دل جي گمان کي ڪوئي روڪي.
نه وجهه امتحان ۾ وري تون ڪنهن کي،
نظر بي ايمان کي ڪوئي روڪي.
فطرت جو قانون آ پنهنجو،
نه گهاريل وقت کي ڪوئي روڪي.

Someone Stop The Storm
Someone stop the storm
Someone stop the foolish
Time has changed
Someone stop the fickle,
Don't throw stone in stagnant water
Someone stop the unseen storm
Gone moment can't be undone
Someone stop delusion coming to heart
Don't test someone again
Someone stop the treacherous looks
Nature works in its laws
Don’t try to stop the passed time

ڪيئن هن توکي پڪاريو هوندو...!

ڪيئن هن توکي پڪاريوهوندو...!
دل توکي ڪيئن ساريو هوندو..
نيڻ ڀنل ۽ ساهه ۾ سڏڪا....
وقت ڪٺن ڪيئن گهاريو هوندو..؟
سڏ ۽ سُڏڪا ڪينءَ ٻڌا تو..!
تن کي بس تو ٽاريو هوندو،
سِجَ تون ايڏو جلدي لهندين،
ڪٿي تو پاڻ اڀاريو هوندو.
دردن کي ٿي درد سان ٺاري،
ڪنهن اهڙو چاهه ڏيکاريو هوندو..؟

How She Had Called You..!
How she had called you
How heart has missed you
cloudy eyes and sobs
Troubling time, how she has passed?
You did not hear my calls and sobs
You were oblivious and ignorant
Sun! You will set so early!!!?
you had risen somewhere else.
Heart heals itself with sorrows
Who else has manifested such romance?

ڪا ياد بڻجي ويندين

ڪا ياد بڻجي ويندين،
وقت جو گهاءُ بڻجي ويندين.
ڪڏهن ساري مُرڪي پوندس،
ڪڏهن ڳوڙهن جي لار بڻجي ويندي.
وقت ڪيڏو ڪٺن اهو هوندو،
ڪنهن ٻي گلي جو هار بڻجي ويندين.
اڄ اکين ۾ منهنجي رهين ٿو،
پوءِ ڪنهن جو خواب بڻجي ويندين.
دل جي گهنگهور فضا ۾،
ڪوئل جي ڪوڪ بڻجي ويندين.
سُر به روئندا جنهن تي شايد،
اهڙو ڪو راڳ بڻجي ويندين.

Will Be A Memory
Will be a memory
Will become a wound of time
Will smile to recall you often
Will be stream of tears some times
Too difficult time that will be
When you will be garland of someone’s neck
You reside in my eyes today
Will be dream of someone’s eyes
In the rainy weather of heart
You will be screech of Cuckoo
Weep tunes as well
Will be such a song

چنڊ ٿيو زرد آهي

چنڊ ٿيو زرد آهي،
هوائن ۾ رڳو درد آهي.
ماحول ٿيو آهي ماٺ،
موسم ٿي وئي سرد آهي.
روشني هوندي به اونداهي..!
راهه تي هليو ڪو بي درد آهي.
فطرت جي آهي شاهڪاري،
درد پاڻ ئي همدرد آهي.

The Moon Is Yellow
The moon is yellow
Air is filled with sorrow
Everywhere it’s silence
The weather is cold
Despite of light, darkness prevails
Mournful is on the way
Its miracle of the nature
Sorrow itself is sympathizer

ايئن نه چئو

ايئن نه چئو رڳو انسان آهين،
اندر ۾ خلق جو جَهان آهين.
ڪڏهن ٿو رهئي اندر ۾ انسان،
ڪڏهن خوني بگهڙ جو مڪان آهين.
ڪڏهن پيار تنهنجي اندر هڻي ڇوليون،
ڪڏهن واريءَ سندو ريگستان آهين.
ڪٿي لومڙ بڻجي ويهي ٿو رهين،
اهڙن داءُ پيچن جو امڪان آهين.
رکي من ۾ نفرت صديون ٿو جيئين،
ڪاريهر کي نفرت ڏيندو دان آهين.
شڪاري اندر ۾ ازل کان ٿئي ويٺل،
ڪندو انهيءَ پيشي تي گذران آهين.
ڪڏهن رحم ايڏو اندر هڻئي ڇوليون،
لڳندو آ ڪوئي رحمان آهين.
حقيقت آ واضح ٿي هاڻي اها،
ته بس تون حالتن جو غلام آهين.

Don’t Claim
Don’t claim you’re only a human
Inside a complete world you are
Sometimes a human resides within
Sometimes a ferocious wolf resides within
Sometimes love arrises like waves
Sometimes you are like a desert
Somewhere sit like cunning fox
Such tactics you uses often
Keeping hatred in heart live centuries
Grant antipathy to cobras
A hunter resides in you from the beginning
It is your livelihood
Sometimes waves of tenderness are high
in your being
Feels as you are a God
Reality has exposed now
You are just slave of circumstances

اٺين مارچ

اٺين مارچ
وري اڄ اٺين مارچ آئي!
ڳچ ڳالهيون ٿيون...
حقن جي منهنجي دنيا کي ياد آئي.
وري وسري ويندس سڀن کان سڀاڻي،
اهڙو ڀاڳ آهي جيئان اٺين تي هاڻي.
سڄي سال ۾ آ وري ڪارَسائي...
جلائي وڃان ٿي اگهاڙي وڃان ٿي،
وني ٿيان ڪٿي اڄ به ڪاري ٿيان ٿي...
وچن مان تنين جا ٻڌي پئي ٻڌان ٿي،
ته قانون جي هو ڪندا ڪا تياري...
ڏڍ نه مون کي ڪنهن جو، نه پٺ آهي ڪائي،
وري اٺين مارچ آئي...
ڪڏهن ٿينديس ٻاگُهل؟
ڪڏهن شرمين چنائي؟
وقت جي اکين ۾ ڏسندس چتائي،
ڏسان وقت شل پاڻ کي ڪو مَٽَائي...
ڪري منهنجي ڪو مشڪل ڪشائي،
وري اڄ اٺين مارچ آئي!
وري اڄ اٺين مارچ آئي!


8th March
Eighth March has approached again
Many speeches are made
World is remembering my rights
I will be forgotten again
My fortunate is to live on March Eighth now
Will be abandoned again for whole year
Burned
Made nude
Given in the fine of family
Killed in name of honor sometimes
Listening their promises
They will formulate laws to protect me
Neither any support
Nor any backing
Eighth March is approached again
When will I be Baghul?
When will I be Sharmain Chinoye?
Look into eyes of future
Hope to see change in my future
Someone address my grievances
Eighth March is approached again
Eighth March is approached again

ڪهڙي بازار ۾ هوءَ وڪامي ٿي؟

ڪهڙي بازار ۾ هوءَ وڪامي ٿي،
روز وڪجي وري وڪامي ٿي.
عُمر هن جي غريب جي ڏيئي وانگر،
پَلَ ۾ ٻري وري اجهامي ٿي.
لڳي ٿي قبر جي چادرن وانگر،
هر هر پئي وڪامي ٿي.
سُورَ ميڙي کڻي ٿي هوءَ جڳَ جا،
نور ڏيئي هوءَ سدا وسامي ٿي.
دِلرُبا بڻجي نه سگهي هوءَ ڪنهن جي،
دل کي ڪنهن جي نه هوءَ اگهامي ٿي.

Where She Is Being Sold?

Where she is being sold?
She is traded time and again
Her life resembles like earthen lamp of poor
Lit on and extinguish, and lit on
She is like the sheets of graves
Taken off for selling in markets again and again
Amassing the sorrows of the world
Giving off her lights, she goes off
She could not become the beloved of someone
She is not chosen by any heart

جهنگ

جنهن ۾ اشرف ذات رهي ٿي،
مان اهڙي جهنگ ۾ رهان ٿي.
ٻٽا هتي قانون جُڙن ٿا،
پاڻ لئه بس زندان ڏسان ٿي.
ڪمزورن کي پيڙهڻ لئه هت،
ڪيئي ساز و سامان پَسان ٿي.
جنگ رڳو طاقت جي ناهي،
هتي ڏاهپ جا ڏانوَ ڏسان ٿي.
عقل ۾ ناهيان ڪنهن کان گهٽ مان،
پوءِ به سوين سانگ سهان ٿي.
نازڪ صنف بڻايئي مون کي،
اندر تنهنجي شيطان ڏسان ٿي.
ڪڏهن ڪُتا ٿو ڇوڙين مون تي،
ڪڏهن مَچَ ۾ آئون سڙان ٿي.
حوا ڪڏهن مان تولئه ٿينديس،
ڇو اهڙا مان خواب ڏسان ٿي.

Jungle
Where supreme creature resides,
I live in that jungle
Dual standards are formulated
Find prisons for myself
To pulverize the weaker
Many tactics and tools are used
It's not just war to control
Wisdom is used for demolition
Though I am not lower in wisdom
But marginalized
Calling me fair sex
See devil in your intension
Sometimes thrown in front of dogs
Sometimes set ablaze
When I will be Eve for you?
Why do I day dream?

هُن جو مقدر هيءُ ڇو آهي؟

هُن جي هٿ ۾ پٿر آهي
ڪُتن کان ٿو پاڻ بچائي..
ڪچري ۾ ٿو جيون ڳولي..
مقدر هن جو هيءُ ڇو آهي؟
ڄمندي ئي هو مهڻا ماڻي..
هر اک ۾ آ نفرت هُن لئهءِ؟
جيون هُنَ جو نفرت بڻجي،
ڳليءَ ڳليءَ پروان چڙهي ٿو..
اندر جو حيوان وڌي ٿو..
هُن کي جڏهن بُکَ ستائي
پنهنجو ٿو هو هٿ وڌائي،
ذِلتَ جي، هو موٽَ ٿو کائي..
ڪيئن نه پوءِ هو باغي ٿيندو..
جوالا اکين ۾ هُن جي اهڙي،
ڄڻ آ ڪا سنگين اکين ۾..
هُن سان ڪوئي اک ملائي؟
اهڙي ڪنهن ۾ طاقت ناهي
مُکڙو هن جو گلڙن جهڙو،
ميرو ٿيو تنهنجي من جهڙو،
توکي نيندو، مون کي نيندو..
هُن جي ڪو تقدير بنائي؟
ڪنهن وٽ اهڙو جادو آهي؟
هُن جي هٿ ۾ پٿر آهي
ڪُتن کان ٿو پاڻ بچائي...

Why His Fortune Is This?

He has stone in his hands

to protect himself from dogs…!
Finds life in garbage
Why his fortune is this
Since birth he bears taunt and ridicule
Hatred for him is in every eye
He grows in streets
like hatred
beast grows within him
When hunger torments him
before me spread his hands
and receives disgraceful looks
Such a firebrand was in his eyes
He will turn to be rebel
as bayonet was in his eyes
can anyone look into his eyes?
No one is courageous
His face is soft like flowers
but it’s dirty as your heart is
if such is behavior with him of society
He will drown you, he will drown me
Is someone to make his fate?
Has someone such magic?
He has stone in his hands
to protect himself from dogs

ٽريفڪ جيم

ٽريفڪ جيم ۾ گاڏيون،
هجومن ۾ حيران انسان.
ڏسڻ ۾ سڀ آهن گاڏيون،
برانڊ ۽ ماڊل جو فرق آهي.
انسان ته سڀ انسان،
طبقن جو تفاوت آ.
خبر ڪنهن کي پوي ڪهڙي؟
ڊرائيور ڪير گاڏيءَ جو؟
ڪٿي بي ايم ڊبليو به..
ڪوئي جاهل هلائي ٿو..
پراڻي ايف ايڪس ۾ شايد
ڪوئي داناءُ ڊرائيور آ...
ويهڻ کانپوءِ گاڏيءَ ۾
پتو پوندو حقيقت جو...
وڏي گاڏي ننڍو انسان
ننڍي گاڏي وڏو انسان...

Traffic Jam

Vehicles caught in traffic jam
Humans perplexed in crowds
All are vehicles
But brands and models are different
Humans are humans
But classes are different
Who knows about..
Who is the driver of vehicle
Sometimes BMW is driven by an ignorant
Sometimes an FX is driven by an intellectual
After getting in vehicle
Reality reveals
Branded vehicle ignorant driver
Poor branded vehicle a great driver

اي وقت هوريان هل...

اي وقت هوريان هل..
اي وقت هوريان هل..
ڏاڍو تکو وهين پيو،
بس وهڪري ۾ پنهنجي،
صدين کي تون ڳِهين پيو..
اک ٻُوٽ ۾ او سائين،
منظر سڄا مٽين پيو..
ڪنهن ريل جي سفر جو،
حصو تون ڇو لڳين پيو؟
ڪهڙي تڪڙ آ توکي؟
ڪاٿي نه تون بيهين ٿو..
چهرن جي حُسن کي تون،
ڏاهپ ۾ ٿو مٽين پيو..
ڏاڍو تکو وهين پيو!
پٺتي مون کي ڌڪين پيو،
ساٿين جي هٿن مان،
هٿ منهنجا ڇو ڪڍين پيو؟
اي وقت هوريان هل..
اي وقت هوريان هل..

Oh! Time Proceed Slow

Oh! Time proceed slow
Oh! Time proceed slow
Flowing very fast
In streams of universe
You swallow ages
In wink of an eye
You change all scenes
Why do you look
part of journey of train
Why are you in hurry?
Why don't you slow down?
Change the beauty of faces
In wrinkles of wisdom
Flowing too fast
Pushing me back
Forcing me to retreat
Hands of my friends
Oh! Time proceed slow
Oh! Time proceed slow

چهرن جي مٿان چهرا

چهرن جي مٿان چهرا،
چهرن جي مٿان چهرا،
ٿا روز نوان پائين،
انسان نوان چهرا.
ٿو نور وسي جن مان،
شيطان اُهي چهرا،
محبت جي لٽائين ٿا،
سفاڪ سي ئي چهرا.
ٿا پنهنجا لڳن جيڪي،
اڻڄاڻ سي ئي چهرا،
جي ڪالهه ڏٺا دل ۾،
غائب ٿيا سي چهرا.
انسان جي مون سمجها،
پٿر سي هئا چهرا،
پٿر ٿي جن کي ڄاتم،
هيرن سندا سي چهرا.

Overlaped Faces

Faces overlaped with faces
Faces overlaped with faces
People cover masks daily
Faces overlapped with faces
Bright faces, pious faces
Are those evil faces
Who pretend to shower love
But callous and cruel faces
Who look near and dear
Become are indifferent and unknown faces
Were residing in heart yesterday
Are invisible now
Thought be humans
Were stone faces
Who appeared to be stones
Revealed as gems

مون کي به ٻڌاءِ

ڪاڳر جي گلن ۾ خوشبو ڀرڻ جو،
سليقو رشتن ٽوڙڻ ۽ ڳنڍڻ جو.
مون کي به ٻڌائي
اکين ۾ سچ جي جاءِ ڪوڙ لڪائي،
ڪاريگريءَ سان سچ ان کي بڻائي.
مون کي به ٻڌائي
نزديڪيءَ کي دوريءَ ۾ ڪيئن مَٽجي،
فاصلن کي ڪيئن دل ۾ هلجي لڪائي.
مون کي به ٻڌائي
وڌيل وک ڪيئن ڪجي پٺتي،
ڇڏجي ڪوئي بهانو بڻائي.
مون کي به ٻڌائي
ڏنل تحفا ڪيئن وٺجن موٽائي،
ڪوئي دل کي ڪيئن پوءِ ريجهائي.
مون کي به ٻڌائي.

Teach me

Filling the artificial flowers with fragrance
Art of breaking and making relations
Someone teach me
Hiding lie in the eyes instead of truth
Skillfully proof lie as truth
Someone teach me
How to convert the closeness into distances
How to hide distances of heart
Someone tell me
How to retreat oneself
On trivial pretext
Someone can tell me
How to return the gifts
Then how to console the heart
Someone tell me

ڪيڏو آ ڏکيو سمجهڻ انسان کي

ڪيڏو آ ڏکيو سمجهڻ انسان کي،
دوکو روز ڏئي ٿو انسان، انسان کي.
روپ ۾ ڪنهن جي ٻهروپ آهي لڪل،
ڪهڙي خبر آ هِن دلِ نادان کي.
ڪلهه ٿي کيڪاري ويهاريو جن کِلي،
اڄ ٿا چاڙهن ڪڙو مڪان کي.
منزل تي پهچائڻ لاءِ رهبر ٿيا،
سي ئي ڦرين ٿا مهمان کي.
ڪنهن تي ڪيئن ڪجي ڀلا ڀروسو،
سڀڪو لڪائي هلي ٿو اندر شيطان کي.

Humans Are Incomprehensible

Humans are incomprehensible
Human deceives one another all the time
Disguises real face from others
Heart does not know the reality
Who welcomed with smile yesterday
Have locked their door today
Leaders to lead towards destination
Turned themselves as plunderers
How could repose trust in some one?
Everyone conceals devil within

غافل غفلت ۾ آهين

غافل غفلت ۾ آهين
پاڻ سڃاڻي سگهين نه تون..
سڃاڻڻ هُن کي هليو آهين!
حال تون جنهن کي ڄاڻين پيو
بيٺل ماضيءَ ۾ آهين..
ڪيڏي غفلت ۾ آهين!
جنس ۾ پاڻ کي مرد ٿو ڄاڻين
اندر ۾ عورت به آهين..
ڪيڏي غفلت ۾ آهين!
ڪٿي ٿو ڊوڙين مسجد ڏي
ڪٿي ٿو گهنڊ مندر ۾ وڄائين..
ڪنهن جي ڳولا ۾ آهين؟
ناقص عقل رهيو آهين
مڳيءَ ۾ پوءِ به سدا آهين..
ڪيڏي غفلت ۾ آهين!
پاڻ کي ڪُل تون سمجهين پيو
ذرو تون ان ڪُل جو آهين..
ڪيڏي غفلت ۾ آهين!

Ignorant In Oblivion

Ignorant in oblivion
Can’t recognize your ownself
Trying to recognize Him!
That you consider present,
It is actually past
How ignorant you are!
You think you are a man
But a female resides in you
How ignorant you are!
Somewhere rush towards mosque
Sometimes ring the bells of Mandir (Temple)
Whom you are searching for?
You are devoid of wisdom
But proud as usual
How ignorant you are!
You think yourself whole
But you are tiny part in that all
How ignorant you are!

پيار سان پيار

پيار سان راهه هلندي
ملاقات ٿي
پيار سان پيار
مون کي ٿي ڄڻ ويو
ڪوڏيو هو ڪچهريءَ جو
مون وانگي هو..
کلندي کانئس پڇيم
پيار نالو اٿئي
آهين ظالم وڏو..
جنهن جي دل ۾ گهڙين
کاٽ ڏاڍا هڻين
هيڻو دل کي ڪري
اڳتي ٿو تون وڌين
مُرڪندي هن ڏٺو
هوريان هوريان چيو
منهنجو ڪم آ هلڻ
پير اڳتي ڀرڻ
دل کان دل ڏانهن وڌڻ
مان جي بيهي رهيس
سڀ ٿي ويندو ڀسم
منهنجي اڳتي وڌڻ ۾
آهي جيون لڪل
هٿ ۾ هٿ هن جو
پنهنجي جهلڻ ٿي گهريم
وهڪري ۾ وهي
اڳتي نڪري ويو
نقش پنهنجا ڇڏي
منهنجي دل تي ويو.

Love With Love

On the way
met Love,
As I fell in love with love
He was fond of long talks
As I was,
I asked him with smile
Your appellate is love
You are cruel
In hearts you enter
Break the walls to steal
Feebling hearts
You go on
Glanced by smiling
Said in low tone
I have to move forward
Keep steps ahead
Moving from heart to heart
Life depends on my movement
I wanted to behold his hand in my hand
By he moved on in stream of time
Left traces on my heart

خيالن جون ويرون

خيالن جون ويرون،
لهن ٿيون چڙهن ٿيون.
ڪڏهن ڪارا ڪنڪر،
ڪڏهن موتي ڏين ٿيون.
ويرون سدا،
ڇولين ۾ ڇُلن ٿيون.
ڪڏهن پاڻ کي ئي،
وهائي وڃن ٿيون.
ڪڏهن موج مستي،
ڪڏهن ڍرڪي پون ٿيون.
ڪڏهن پختگيءَ سان،
ڪناري پُڄن ٿيون.
ڪڏهن ٿيون ٽٽن،
۽ پوءِ پٺتي ورن ٿيون.
زندگيءَ جا سبق،
ايندي ويندين ڏين ٿيون.

Tides Of Thoughts

Tides of thoughts
Ascend and descend
Sometimes black stones
Sometime pearls
They bring to
Tides ever
Move in waves
Sometimes they flow away themselves
Sometimes tumultuous
Sometimes relaxed
Sometimes with determination
Reach at shore
Sometime half broken
Return back
Lessons of life they teach
While they back and forth

ڇا حقيقت آ تنهنجي؟

نه ڳوڙها اگهين ٿو
نه دعائون ٻڌين ٿو..
ٽٽل ۽ ڀڳل دل ۾
پوءِ ڇو رهين ٿو؟
ٻڌاءِ ته ڪجهه!
ڇا حقيقت آ تنهنجي..
ڇا واقعي ٻڌين ٿو؟
ڇا واقعي ڏسين ٿو؟
عجب تنهنجي عادت
ڏيکارين ٿو طاقت
اسان بي وسن سان
تون ائين ڇو وڙهين ٿو؟

What’s Your Reality?

Neither you wipe tears
Nor you listen prayers
Then why you reside in broken hearts
Tell me something
What is your reality?
Do you really listen
Do you really see?
Strange characters you have
Manifest your powers
With helpless people
Why in such a way you fight?

مُٺ ته آخر کولڻي آهي

مُٺ ته آخر کولڻي آهي،
ڳنڍ ته آخر ڇوڙڻي آهي.
بند الائي ڪيڏا طوفان،
راهه تنين کي ڏيڻي آهي.
سرد هوا جا جهوٽا آهن،
باهه ڪٿي ڪا ٻرڻي آهي.
دل جي در تي ڌڙڪو هر پل،
خوف جي ڳڙکي ٽوڙڻي آهي.
سچ جي سامهون ايندي ايندي،
دل ته هڪ ڏينهن ٽٽڻي آهي.
عڪس جو اڄ ٿيو ڌنڌلو ڌنڌلو،
چٽي شڪل سا ٿيڻي آهي.
ڪڏهن وفا ۽ ڪڏهن وير،
شڪل وقت کي مٽڻي آهي.

Fist To Open At Last

Fist to open at last
Knot to undo at last
Many storms at tary
Passage to provide them
Unpleasant wind is blowing
Fire has to burn at last
Fear knocking the door of heart
Window of fear has to break
Truth has to reveal one day
Heart to be hurt one day
The Image is blurred today
Has to be cleared oneday
Often affection, often hostility
Time has to change one day

نيٺ تون مون ڏي اچڻو آهين

نيٺ تون مون ڏي اچڻو آهين،
اڱڻ منهنجي تي نچڻو آهين.
ڪهڙي رنگ ۾ مون وٽ ايندين،
وقت پوڻ تي پسڻو آهين.
راهن تي تون پنهنجي هلندي،
وقت مهل ئي پڄڻون آهين.
ناتا رشتا سڀ ٽوڙيندين،
ڪنهن جي جهلڻ سان، جهلڻو ناهين.
وقت سان تنهنجو اهڙو ناتو،
گهڙي نه هڪ تون ٽرڻو آهين.
وقت تي تون پاتال مان ڳولين،
“موت” تون ايڏو سياڻو آهين.

Finally You Will Come To Me

Finally you will come to me
Will dance before me
In what color & hue will appear to me
Will come to know at your arrival
You are on the way
Will reach in time
Will break all relations
Never will be stopped, cannot be rein
Strong bonding you have with time
Can't be avoid you for a while
At time you can find from bottom of ocean
Death, how wise you are

پنڌ ۾ آهيان

پنڌ ۾ آهيان!!
پاڻ ڳولا ۾ آهيان...
ماڻهن جي ميڙ ۾ وڃائي
پاڻ ڳوليم...
مٽيءَ ۾ ملائي
پاڻ ڳوليم...
هوائن ۾ گهُلي
پاڻ ڳوليم...
گلن جي خوشبوئن ۾ رچي
پاڻ ڳوليم...
معصوم مُرڪن ۾ ملي
پاڻ ڳوليم...
ناريءَ جي پهرين پيار ۾ لهي
پاڻ ڳوليم...
مَڌ جي مڌرتا ۾ مِلي
پاڻ ڳوليم...
آڳ جي شعلن ۾ نچي
پاڻ ڳوليم...
سانوڻيءَ جي مينهن جي قطرن ۾ وسي
پاڻ ڳوليم...
موت ۽ حيات جي چڪر ۾ اچي
پاڻ ڳوليم...
سونهن جي سنسار ۾ سهڻي بڻجي
پاڻ ڳوليم...
ڪنهن جي چاهتن ۾ وڃائي
پاڻ ڳوليم...
پر اڄ ڳولا منهنجي پوري ٿي
اَنتَ ۾ پنهنجو پاڻ سان
پاڻ ۾ ئي ملاقات ٿي.

I Am Trailing

I am searching myself
I lost myself in crowd to search myself
I muddled myself with Earth
To search myself
I blew with air
To search myself
I permeated in fragrance of flowers
To search myself
In Innocent smiles
I tried to search myself
Wearing the feelings of first love of woman
I tried to search myself
Blending in intoxication of wine
I tried to search myself
In the buzz of swarms
I tried to search myself
Dancing with flames of fire
I tried to search myself
Raining in summer with raindrops
I tried to search myself
Coming in the mystery of life and death
I tried to search myself
Becoming the “Suhuni”* of beautiful universe
I tried to search myself
Being lost in someone’s love
I tried to search myself
But my search ceased today
In the end
I found myself in within m

* A romantic Character Sung by Shah Abdul Latif

نهوڙي ڇڏين ٿو...

نهوڙي ڇڏين ٿو نهوڙي ڇڏين ٿو..!
جڏهن اک کڻين ٿو نهارين...
شڪايت ڇو تنهنجي اکين منجهه آهي؟
عجب تنهنجي عادت آ ماري ڇڏين ٿو..!
بضد تون لڳين ٿو ٿيان بي نقاب...
انهيءَ انتها ۾ به ڏاڍو وڻين ٿو
نهوڙي ڇڏين ٿو..!
هي تنهنجو ادائون اکين التجائون!
کڻي منهنجي من جون ويون هِن رِدائون...
ڪرين بي ڪفن ٿو جڏهن اک کڻين ٿو
نهوڙي ڇڏين ٿو..!
قتل جون تياريون ڪري سڀ آن آيو..!
پسي روپ هي مان نه پٺتي هٽان ٿي
ڏسيو مونکي بيوس ڪهڻ لاءِ آتو رهين ٿو
نهوڙي ڇڏين ٿو..!
سدا تنهنجي يادن ۾ بي سڌ ۽ کويل،
سمي جي نه مون کي سڌ آهي ڪائي،
لڳي ٿو ڪو منتر پڙهي بس پڙهين ٿو.
نهوڙي ڇڏين ٿو..!

Forcing Me To Be Helpless

Forcing me to be helpless
While you stare
Make me helpless
Why is complaint in your eyes
This trait drags me to death
You look persistent to expose me
Even then look adorable
Forcing me to be helpless
Such gestures and begging of your eyes
Unveiled my soul
Unshroud me when you stare
Forcing me to be helpless
You have come with all preparations to assissanate me
Even though I am not scared
To see helpless slaughter me again and again
Forcing me to be helpless
I am lost in your memoirs
Unaware of time and space
Seems any magic spell you are reciting
Forcing me to be helpless

ازل جو جهيڙو

حُسن ، عشق جو ازل کان ئي جهيڙو،
نه ٿي سگهيو انهن جو ڪڏهن ڪو نبيرو.
حُسن رهيو مغرور پنهنجي هستيءَ تي،
رهيو عشق کي ڀروسو پنهنجي مستيءَ تي.
حسن ڪيڏا ڪيا هن تي حملا مگر،
پر جهڪائي نه سگهيو آ عشق کي.
عشق حسن جو رهيو آ سدائين شڪار،
هار کائي به عشق سدائين پيو آ پار.
حُسن جو ظلم سان رهيو ساٿ آ،
عشق مظلوم وانگر ئي برباد آ.
ساٿ ٻنهي جو اهڙوزماني ۾ آ،
ڪو مڪمل نه آ هڪ ٻئي کانسواءِ.

Everlasting Brawl

The love and beauty are at brawl
Everlasting
No consonus between them so far
Beauty manifests haughtiness upon its existence
Love centers its trust upon its passion
Beauty has always assaulted upon Love
But Love never lost its courage
Love is always prey of beauty
but defeated itself and overcame by the love
Beauty is always brutal
and love is devastated
They are in such association with each other
None is complete without other

فرق

تنهنجي منهنجي رات ۽ ڏينهن ۾،
آخر ايڏو فرق ڇو آهي..!
تو لئه سڀ سهائيون،
مون لئه ٻاٽ ڇو آهي..!
تُنهنجو گرهه آ سڻڀو سڻڀو،
مون وٽ ڀور نه اڻڀو...
تنهنجي ڳالهه ته ڳوري آ هر دم..!
منهنجي ڳالهه ۾ دم ئي ناهي..!
تنهنجي سُکَ جو اونو سڀ کي،
مون لئه هر ويڌن ڇو آهي..!
علم به تولاءِ، عقل به تو لاءِ،
مون لاءِ دائم وَرُ ڇو آهي..!
ٻار به تنهنجا ڍور به تنهنجا
منهنجو نانءُ ڪٿي ئي ناهي..!
ڪيئن ٿيان مان تنهنجي همسر،
ڇا مون ۾ ڪو هنر ئي ناهي..؟
صدين جون پيڙائونُ کڻي..
ڀٽڪان ڪيسين صحرائن ۾..
تنهنجي منهنجي رات ۽ ڏينهن ۾،
آخر ايڏو فرق ڇو آهي...؟

Difference

The difference is there
wide and vast
between the Night and day
we spend,
For you, the brightness
For me, all darkness
For you, healthy morsel & tasty cuisine
and I go hungry for many days
your words are valuable!
and my words are trivial
All are concerned for your comfort
Why I to brave all hardships?
Knowledge and wisdom is only for you
and why I am born to marry and breed ?
Children are called after your name
Live stock also belongs to you
My name is nowhere
How to compete you with equality
Can I be your companion?
Don't I exhibit any skill?
Since centuries, I am tormenting in anguish
and wondering in the mirage of soul
The difference is there
wide and vast
between the Night and day we spend

پاڻ کان وسري ويئي آهي

پاڻ کان وسري ويئي آهي،
يادُن جي وَرُ چڙهي ويئي آهي.
هٿ ڪڙيون هٿن ۾ ۽ ٻيڙيون پيرن ۾،
جُرم کان هوءَ بي خبر آهي.
جرم ڪهڙو آ مُجرم جو؟
فيصلو پوءِ به سخت ڇو خبر ناهي،
ٿا وٺي هاڻي هلن مقتل ڏي.
فرق جلاد ۽ منصف ۾ خبر ناهي،
انصاف جا تقاضا ڪبا آهن پورا،
منصف کي ان جي ڪا خبر ناهي.

She Has Forgotten Herself

She has forgotten herself
She is drowned in memories
Handcuffs in hands
Shackles in feet
She is oblivious to crimes
Guilt is not known to anyone?
Still punishment is severe
She is on the way to Gallow
Who is Judge and executioner, is not known
Justice is done with justice
Judge is unaware of it

هوءَ جا سراپا محبت هئي

هوءَ جا سراپا محبت هئي،
مٽي پيار سان سندس ڳوٺل هئي.
محبتن کي سدا پئي لٽائيندي هئي،
ڏاڍ سان سينو سهائيندي هئي.
هوءَ جا سراپا محبت هئي،
خواب اُجرا اکين ۾ رکي ويٺي هئي.
تعبيرون گيتن ۾ ڳائيندي هئي،
درد ڌرتيءَ جو زندگي هن جي هئي.
مٽيءَ جي مهڪ سان مٽي هن جي هئي،
هوءَ جا سراپا محبت هئي.
جهول تنهنجا سدا ڀريندي هئي.
مرڪ توکي ڏئي جيئاريندي هئي.
هوءَ جا سراپا محبت هئي،
مٽائي خود کي توکي جيئاريندي هئي.
نظر کان سدا تنهنجي اوجهل جا هئي،
هوءَ جا سراپا محبت هئي.

She Was All Love

She was all love
Her existence was kneaded with love
She was showering her affection
She was standing against the oppressor
She was all love
She had bright dreams in her eyes
She used to sing their interpretations
Sorrows of land were her life
Has strong relation with the fragrance of soil
She was all love
She used to fill your bags of needs
She used to give life with her smiles
She was all love
Forgetting herself, she was infusing soul in you
She used to be invisible to your eyes
But she was all love
2016-08-30

اي مٽيءَ جا ماڻهو

اي مٽيءَ جا ماڻهو!
گُڻ تو ۾ ڪيڏا گڏ آهن...!
فولاد تون بڻجي وڃين ڪڏهن،
۽ ڪڏهن ميڻ بڻيو آهين.
ڌرتيءَ لاءِ جڏهن سينو ساهي،
دشمن آڏو بيٺو آهين...
ڪيئي ڪوٽ ڪيرايا تو،
سَپَ ڪيئي ماريا تو آهن...
اي مٽيءَ جا ماڻهو!
لڄ ڪنهن جي بچائڻ لاءِ تون،
جڏهن اڳيان وڌيو آهين،
اَمُلهه ماڻڪ بڻيو آهين...
ڌرتيءَ جي سيني کي چيري،
تو سون سدائين ڪڍيو آ...
جڏهن جڏهن تو چاهيو آ،
آڪاش ۾ رستا جوڙيا ٿئي...
اي مٽيءَ جا ماڻهو!
ڇا هستي ٿئي!!
ڇا مستي ٿئي!!
هوائن کي تو ونگ وڌا!
فضائن کي تو رنگ ڏنا!
دل تنهنجي ڌڪ ڌڪ ڌڙڪي ٿي،
۽ ياد ۾ ڪنهن جي تڙپي ٿي...
اي مٽيءَ جا ماڻهو!
تون ڪيڏو کڻي ٻلوان هجين!
هر دم عشق کان تو هاريو آ...
جڏهن عشق کان هارايو ٿئي...
فاتح اُتي تون ٿيو آهين...

Oh Man Of Earth!!

Oh Man of Earth!!
You have multiple characteristics
At times become iron
At times become wax
Whenever you’ve stood up for your land
Facing your enemies
Have razed the fortresses
Have killed many snakes
Oh Man of Earth!!
To save the honor of someone
When have stepped ahead
Are transformed into precious pearls
Digging the chest of Earth
Have extracted out the gold
Whenever you desired
Have established ways in skies
Oh Man of Earth!!
What existence you have!
How powerful you are
You controlled air
You painted atmosphere
You fell in love
And your heart beats recalling the memories
Oh Man of Earth!!
How powerful you are
Love has always defeated you
Whenever you are defeated in love
You have stood as victorious

آسمانن جا امتحان

آسمانن جا امتحان،
زمين وارن جون آهون.
ڪِٿي هُن کي سٽايائين،
ڪِٿي هِن کي سٽيائين.
الستي فيصلو پڻ،
سندس پٺيان بڇيائين.
رڙيون روحن ڪيون ٿي،
نه ڪنهن جي هڪ ٻڌائين.
نصيبن کي سڀن جي،
نرڙ تي خود لکيائين.
ڏسي بيوس اسان کي،
مٿان ٿي خود کليائين.
ڏئي زندان اهڙا،
عقل پوءِ سڀ کسيائين.
ترار عشق سان خود،
قلم سِرَ خود ڪيائين.
وري آهُن ۽ ڪوڪن سان،
محبت اهڙي ڪيائين.
سٽاءُ هن راند جو،
الائجي ڇو سٽيائين؟

Challenges From Heaven

Challenges from heaven
Cries of people on earth
Threw people in different directions
Decision of his sovereignty
Is imposed to mankind
Souls had been crying
Didn’t listen anyone
Everyoe’s fate he himself wrote
On the forehead
To see helpless us
Was laughing from heaven
Throwing in such dungeons
Snatched all wisdom
With the sword of affection
Beheaded human by himself
Then loved the cries of beloveds
Why he designed the game
in such a way

هيءُ ڪهڙو هٿ شيطاني آ؟

هيءُ ڪهڙو هٿ شيطاني آ؟
جو ننگ کڻي ۽ لڄ لٽي...
هيءُ هٿ نه ڪنهن جي هٿ اچي...
هيءُ ڪهڙو هٿ شيطاني آ؟
ٿو ڏاڍُ ۽ زور رکي اڄ هي!
ٿيڻو آخر هن کي فاني آ...
معصومن جون روڙي مرڪون...
ٿو لاش ٽنگي هي نياڻين جا،
هيءُ ڪهڙو هٿ شيطاني آ؟
قانون جي اک کان دور رهي..!
ڪَڙِي نه هن کي ڪڏهن لڳي..!
ظلم جون زنجيرون هي جوڙي...
مظلومن کي ٿو هيءُ جڪڙي...
ٿا ڏوهه ڏڪن لاچارن جا!
بيوس ۽ ويچارن جا...
جڏهن هو پنجا کوڙي ٿو...
ڪمزورن جو رت نپوڙي ٿو...
هيءُ ڪهڙو هٿ شيطاني آ؟
هٿ آخر هڪ اهڙو اٿندو..!
سگهارو هن هٿ کان هوندو..!
مظلومن کي آ آس اها،
ڪٿي ته هٿ اهڙو هوندو..!

How Cruel, The Devil's Hand Is?

How cruel, the devil's hand is?
mutilates the honor
and snatches the life
This hand is beyond the reach of any hand
How cruel, the devil's hand is?
The powerful, mighty and ruthless today it is
One day it will be perished,
Scrapes the smiles of innocents
Hangs the bodies of daughters
How cruel, the devil's hand is?
Is still at large and beyond the grip of law!
Never had been shackled for its atrocities
Makes the chains of brutalities
Enchains the oppressed ones
The helpless are trembling in fear
The feeble and weak
Piercing its claws
Sucks the blood of frail
How cruel, the devil's hand is?
The day will approach a hand will rise
Mightier than devil's hand will come to rescue,
Oppressed are living with this hope

ننڍڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو

ننڍڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو،
ڪٿي صفا پتڪڙا ماڻهو.
عام جو جيڪي مفاد ڏسن،
اهڙا ٿورا وڏڙا ماڻهو.
ڌرتيءَ کي نيلام جي ڪن،
ڪيڏا نيچ ڪمينا ماڻهو.
جنهن پئسي تي هوڏ اٿن،
ٽڪن تي سي وِڪيَل ماڻهو.
سِر نوائن طاقت اڳيان،
ٽڪرن تي پلجڻ وارا ماڻهو.
قوم لاءِ جيڪي جيئن مرن،
اهڙا آهن ٿورا ماڻهو.
جن جو سودو سولو ناهي،
سي ئي اصلي سونا ماڻهو.

Towering Men, Little Men

Towering men, Little men
Some are very tiny men
Those who struggle for the rights of masses
This genre is very rare,
Who trade land for their gains
How wicked and cheap men
They are arrogant for their riches
Are sold for pennies
Bowing at the doors of power
Are living on thrown pieces
Who live and die for their people
Are very rare men
They are great and wonderful
They can't be traded for anything
Those are highly towering men

ٻوليون

ٻوليون آهن ڊهنديون ٺهنديون،
ٻوليون آهن جيئنديون مرنديون.
ڪڏهن ڪا ٻولي تخت تي ويٺي...
ساڳي پوءِ پٽ تي ويٺي...
وقت جي للڪارن کي سڃاڻ!
ڇو تون بڻيو آن اڻڄاڻ؟
ڌرتيءَ جي جا ٻولي آهي،
تنهن کي ڪڏهن مرڻو ناهي.
لوڏا ايندس لاما ايندس...
پوءِ به جوڌا مرڻ نه ڏيندس...!
تنهنجي گهر مان منهنجي گهر مان،
ٻولي اڄ جي تڙجي ويئي...
پوءِ نه ڏس تون خواب اُهي سڀ!
ٻولي تنهنجي جيئري رهندي...
سدا جيئندي سائي ٻولي،
ماءُ ڏيندي جنهن ۾ لولي...
ڳيچ تون ٻوليءَ ۾ سڀ ڳاءِ،
مٺڙا پنهنجو هينئو نه لاءِ...
گڏجي منڊلي تون ڪا مچائي،
ٻوليءَ کي پنهنجي تون بچائي!
ٻولي سائي جيئندي رهندي...
جيڪا لکبي پڙهبي رهندي!

Languages

Languages come into existence
Languages lose their existence
Languages live and die
The language ascended to throne
and same language is dethroned
Recognize the cries of time
why are you ignorant?
The language of land is never to die
It will falter
Brave sons will never let it die
From your home and from my home
If our language is being driven out
then never dream
that your language will be alive
The language will keep breathing
In which mother sings lullaby
you sing songs in mother tongue
My beloved! don't lose your heart
Through collective efforts
Save your language
The language can exist
That will be read and written

رهبر ٽولي جو آهين

رهبر ٽولي جو آهين
پنهنجي ذات کي پيو ٺاهين
ٿي قوم ڏسي تنهنجي منهن ۾
تون ٻي ڪنهن سان بيٺو آهين
ٿا لاش کڄن معصومن جا
تون ڇو پٺتي بيٺوآهين؟
ٿو گهمين پجيرو گاڏين ۾
ڇا ان لاءِ رهبر ٿيو آهين؟
آلين اکين جو تون خواب هئين...
رهبر مان رهزن ٿيو آهين...!
ٿا ننگ کڄن معصومن جا
تون اڻڄاڻ بڻيو آهين...
ڏسندي ڏسندي تون اڏجي وئين
رهبر مان سوداگر ٿيو آهين...!

Leader Of A Group

Leader
You are the leader of a group
Establishing your own self
Nation is looking towards you
You stand with someone else
Innocents are killed
You moved back like timid
In luxurious vehicles you move around
Have you become leader to obtain luxuries?
You were the dream of their misty eyes
But shattered their dreams
Honor of innocent is mutilated
And you are numb
You made your fortune
Traded your conscious
And shattered the
Dreams of masses

ساڃاهه کي نيٺ ته ورڻو آ

هو علم جي نالي کان پيو ڊڄي،
۽ روشن ڏينهن کان پيو ڇرڪي...
ڪڙا پيو چاڙهي ذهنن تي،
ٿو اوندهه جو واپار ڪري...
سچ کي ڪوڙ چوي هيءُ ٿو،
۽ ڪوڙ کي سچ بڻائي ٿو...
دشمن سان هٿ ملائي ٿو!
۽ پاڻ سڄڻ سڏرائي ٿو!!
منهنجي قسمت جا واڪَ هڻي،
سڀ حق منهنجا ڳڙڪائي ٿو...
مان ڳڀو ڪڏهن چورايان جي،
چور وڏو چورايان ٿو...!
هو هڻي ٿو ڌاڙا قسمت تي،
۽ واڳ ڌڻي سڏرائي ٿو...!
مان ڳوليان ٿو ها ڳوليان ٿو...
ڪنهن روشن دل کي ڳوليان ٿو...
تون ڪيڏا ڪلف ڪڙا چاڙهين!
سا روشن دل ناهي لڪڻي...
نئون سج نيٺ اڀرڻو آ،
ڌرتيءَ کي روشن ٿيڻو آ،
اوندهه کي نيٺ ته مرڻو آ...
ساڃاهه کي نيٺ ته ورڻو آ...!

Wisdom Has To Prevail

He is afraid of the knowledge
Frightened of the day
He wants to enslave brains and thoughts
Trading the darkness
Manipulates to transform truth as lie
and lie as truth
Shakes hands with foe
And poses himself wellwisher of the nation
Auctions my fortunes and usurps the rights
Being hungry if I steal the piece of bread,
I am called a robber
One who robs the fortune of nation
Reigns the land
I am searching for the remarkable heart
How much you do strive to conceal it
That remarkable heart will be
undiscovered
The new sun will rise
The whole earth will shine
Darkness has to die
Wisdom has to prevail

ڪيڏو ڪلور ٿيو هوندو

ڪيڏو ڪلور ٿيو هوندو،
ڌرتيءَ ڌڻي، ڌڪيو ويو هوندو.
مان سان ڪنهن معتبر بڻجي،
ڪنهن جي حقَ تي هٿ رکيو هوندو...
آريا بڻجي ڌرتيءَ تي ڪي آيا،
ريٽو ڌرتيءَ کي تن ڪيو هوندو...
قاسم جي ڦورن ۽ جلادن،
ڪيئن ننگن کي ننگو ڪيو هوندو!
تاتارين ۽ ترخانن جي حملن سان،
سنڌ جو سَنڌُ سَنڌُ ڏکيو هوندو...
ڌارين ڀير تي هڻي ڏونڪو،
دراوڙن کي هتان تڙيو هوندو...
اڄ به هو ڌرتيءَ ڄائو ڪٿي،
قسمت پنهنجيءَ تي رُنو هوندو...
اک پَٽ ٿي سجاڳ ڌرتيءَ ڄاوا،
جابر وري اڄ ڪٿي سنبريو هوندو...

What Brutality Had Happened

What brutality had happened
The indigenous had been pushed back
Posing to be respectable someone
Rights had grabbed of someone
Entered as an Arya once
That had played Holi of blood on the earth
Plunderers and robbers of Qasim
How disrespected respectable women
With the attacks of Tataris and Turkhans
Every joint of Sindh had pained
Invaders with open announcements
Forcedfully pushed out Darawars
Even today the son of soil
Had cried on this bad luck
Wake up be wise, Oh! son of soil
The savage have got ready some where again

انسان ٿي ڳوليان

وحشين جي هن جهان ۾،
انسان ٿي ڳوليان...
ٿو ڪوڙ رڳو وڪجي،
دل جي جهان ۾...
سچ جو سڪو کڻي مان،
ايمان ٿي ڳوليان...
ٿي دير وئي آهي،
گردش ۾ آ زمانو،
خود کي ڏيئي دولاب...
ڪجهه آرام ٿي ڳوليان.
ڏينهن رات جي جڳهه،
والاري آ لمحن...
ڪيئن پوري پوان؟
ڪيئن مان خود کي سنڀاليان؟
اهڙي بي امان ۾...
امان ٿي ڳوليان...

I Find Humans

In the world of beasts
I find humans
Only lies are sold
In the world of heart
With currency of truth
I find purity
But it is too late
This world is at fast pace
Living in illusions
Find some respite
Moments have encroached space of day and night
How to handle such situation
In shelter less world
I seek refuge

ريت بڻجي رهيو آهين

ريت بڻجي رهيو آهين،
مُٺ مان وهي رهيو آهين.
پيو ڌڪين پاڻ کان مون کي،
طوفان بڻجي رهيو آهين.
توکي ته ٽهڪن سان چاهه هيو،
لڙڪن کي راهه ڏئي رهيو آهين.
ذهن ۽ دل توتي اعتبار ڪيو،
ڪوڙو تِن کي ڪري رهيو آهين.
تون ته نيڻن جو چاهه هئين،
لڙڪ بڻجي رهيو آهين.
دل ڊهي ٿي ۽ ان کي جوڙيان ٿي،
مصروف ڪيڏو ڪري ويو آهين.

Becoming Sand

Becoming sand
Slipping from hand
Pushings away yourself from me
Becoming gushing storm
You loved laughters
Now paving ways for tears
Heart and mind reposed trust in you
Snatching my belief
You lived in eyes as love
Now turning into tears
Heart breaks, I mend it
Left me busy in this job

منهنجي عمر...

منهنجي عمر جي ڪَٿَ نه ڪائي،
اُڀَ آڪاش ۾ تارن جيڏي.
ٿڌڙي جيڪا هير لڳي ٿي،
اُنجي پيار ڇُهائن جيڏي.
ڌرتيءَ تي ساوڪ آ جڏهن کان،
ان جي سُڳنڌ، هڳائن جيڏي.
گرم هوائون برف پِگهارن،
وهندڙ جهرڻن، چشمن جيڏي.
ڌرتيءَ تي ساهه کنيو جنهن پهريون،
تن ساهن، پساهن جيڏي.
منهنجي عمر کي ڇا تون ڄاڻين،
خالق جي تخليق خيالن جيڏي.

My Age…

My age is unknown
Its equal to stars in sky,
The cold air that blows,
It’s equal to its touch,
The day greenery is on the earth,
Is equal to its fragrance and aroma,
Hot weather melts glaciers,
My age is equal to waterfalls & streams,
Who breathed first time on the earth,
Is equal to its breaths,
How you can know about my age,
Its equal to the ideas of creator.

ننڍڙي ڇوڪري

اڄ به اچي ٿي ياد
اها ننڍڙي ڇوڪري...
چنڊ کي ڏسڻ لاءِ
ڇت تي ويندي هئي جا چڙهي،
جي چنڊ جي ٿي رات وئي
ڀنڀوريء وانگي ٿي ڦري...
ميندي هڻائڻ لاءِ،
ٻئي هٿ کولي ٿي ويٺي...
خيالن ۾ ڏٺائين ٿي
خوب رنگ هو چڙهيو...
ساري رات ڇوڪري
ڇالون ٿي بس ڏنيون...
عيد جي وڳي کي
هر هر ٿي هن ڏٺو...
سينڊل ڪڍي ٿي
هر هر پيرن ۾ پاتائين...
خود کي ڄڻ ڪنهن شهزادي جي،
سنڊريلا ٿي ڄاتائين...
ٿي ناز سان هنيائين،
ننهن تي ڳاڙهو رنگ...
چوڙيون ڪڍي ٿي
هر هر ٻانهن ۾ پاتائين...
چوڙين جي ڇڻ ڇڻ تي،
ٿِي مست پئي نچي...
عيد جي خوشيءَ کي
پوري دنيا ٿي ڄاتائين...
اک ٻوٽ ساري رات
خود سان کيڏندي رهي...
سَيون ۽ کير کارڪون،
ماءُ جي هٿن سان ٿي کاڌائين...
اوڍي وڳو عيد جو
ٿي تيار هوءَ ويٺي...
ساري دنيا کان
بيپرواهه ٿي بيٺي...
خرچي وٺي هوءَ پيءُ کان،
هئي چينگهلن تي چڙهي...
سارو ڏينهن کلڻ ۽ ڪڏڻ
رات جو ٿڪجي هوءَ سُتي...
اڄ به اچي ٿي ياد...
اها ننڍڙي ڇوڪري...

Little Girl

Still remember
That little girl
To sight the moon
Climbing to rooftop
If moon was sighted for Eid
Was spinning as a dragonfly
For applying henna
Sat spread with both hands,
Was dreaming
Henna has made real color on hands
Whole night leaping and jumping in happiness
Was looking at Eid dress time and again
Was putting footwear again and again
Thinking herself as princess Cinderella of prince charming
With amorous was applying nail color
Taking out bangles wearing again and again
She was dancing mirthfully
Hearing the jingle of bangles
Celebration of Eid was whole world to her
She was playing hide and seek with her self
She was playing with herself
Eating sweet vermicelli with sheer khorma
by mother’s hands
Wearing Eid dress she was all ready Standing carefree to whole world
Taking Eidi from her father
She was enjoying the wonder of wheels Slept tired after playing and jumping all the day
Still remember that little girl

وري بک کٽي وئي

بُک ۾ پاهه نينگريون...
ڏسي روئي پئي هئي ماءُ!
وري بُک کٽِي وئي...!
هارائي وئي هئي ماءُ...!
گهوريو هو ساهه سدا جنهن،
ورتا انهيءَ پساهه...!
پٿر بڻيو سماج،
بيٺو ڏسي لڪاءُ...!
بُک در ڀڳو سندس هو...
ڪٽائجي ڪنهن تي ايف آءِ آر؟
ٿي ڪڏهن ڌوڪي ٻار درياهه ۾...
ڪڏهن زهر پيالو تيار...!
ڇا ممتا ۾ اچي وئي کوٽ آ؟
يا چَري آهي خود تي شرمسار...!
ڪنهن کي ڪڙيون هڻون؟
بک کي...؟
يا واڙي وڃي هڪ ماءُ...؟


(نوٽ: بهاولپور ۾ 2017-08-26 تي هڪ ماءُ پنهنجين ٻن ڌيئرن کي بُک کان مجبور ٿي زهر ڏنو، تي لکيل نظم)

Again Hunger Wins

Hunger-stricken young girls
Mother cries over
Again hunger wins
Mother is defeated
The one who has sacrificed her breaths ever
She killed her daughters
Stone-hearted society
Just spectator
Hunger broke her door
Whom to lodge FIR?
Sometimes she throws her children in river
Sometimes forces children to drink bowel of poison
Is there any dearth in motherhood
Or she is helpless or ashamed of herself
Who to handcuff?
To hunger?
Or a mother to be arrested?

چڱو آ مري ڪوئي

چڱو آ مري ڪوئي،
واپس ڪونه ٿو موٽي...
ڇڏي جهان هيءُ،
اُلڪو نٿو پٺيان ڪو ڪري...
خبر پويس جي،
جا جاءِ ڇڏي هو آيو هو...
ڪيڏو نه جهٽ ۾ سا،
جاءِ ڪنهن والاري آ...!
مرڻ کانپوءِ به جيڪر...
مري ٻيهر هو وڃي...!
چڱو آ، مري ڪوئي،
واپس ڪونه ٿو موٽي...

It’s Better After Death…
It’s better after death no one returns back
After departing this world
Doesn’t worry about the past
If one gets to know
The place we had left is occupied by someone else rapidly
After death e would die again
It’s better after death no one returns back

سالن جو حساب آهي

سالن جو حساب آهي،
سالن جو ڪتاب آهي.
عمر جي عجائب گهر ۾،
هر پل جو جواب آهي.
ڏسي خود کي ٿي ڇرڪي،
پڙهڻ لاءِ ڄڻ ڪو نصاب آهي.
خود سان ملڻ کانپوءِ،
عمر سندس لاءِ بي حساب آهي.
دل ۾ جوان جذبا،
پوءِ ڇو حجاب آهي.
ٿي هوءَ تڪي پئي خود کي،
خود لئه لاجواب آهي.

It’s Debit And Credit Of Years

It’s debit and credit of years
It’s ledger of years
In the museum of life
Answer of every moment is available
She’s shocked to see herself
She herself is a syllabus
After seeing herself
Life’s limitless for herself
Tumultuous feelings are in heart
Why there is diaphanous between
She stares herself
She’s matchless for herself

محبت جي هئي نشاني

محبت جي هئي نشاني،
يا حوس جي نشاني.
ڍيرن تي جا رڙي ٿي،
ڪنهن بگهڙ جي نشاني.
تذليل ٿي انسانيت جي،
پر هئي فطرت جي نشاني.
کڄي ويو ايمان انسانيت تان،
زندگي هئي گناهن جي نشاني.
اک آلي ضمير وارن جي هئي،
اها ئي هئي زندگيءَ جي نشاني.

Was Symbol Of Love

Was symbol of Love
or symbol of lust
Cries on the dumping areas
Symbol of beastly lust
Humiliation of humankind
But sign of nature
Faith is no more in humanity
Life was symbol of ills and evils
Conscious persons had cloudy eyes
That was remnant of life

ڊسمبر 2007 کان

اي ڊسمبر وئين مَٽجي 2007 کان،
هاڻي تنهنجو انتظار ئي ناهي 2007 کان...
لڙڪ اهڙا ڏنئي سڀن جي اکين ۾،
سُڪائي نٿا سڪن2007 کان...
چهرو روشن چنڊ جهڙو هو سندس،
ڳوليان ٿي روز اهڙو وري 2007 کان...
سياست جي ميدانن مان سياست ئي وئي کڄي،
هاڻي ته بس ڪاروبار ڏسان ٿي 2007 کان...
مان مٿانهون تو ڪيو، عورت جو هتي،
سازشون عورتن لاءِ وري ڏسان پئي 2007 کان...
تنهنجا قاتل ٿا گهمن آزاد اڄ ڏينهن تائين،
قانون کي لاچار ڏسان پئي 2007 کان...
نظريا تنهنجا ويا گُم ٿي ڪٿي،
بس پوسٽرن تي تصويرون ڏسان پئي 2007 کان...
چراغ جيڪي تو ڪجهه ٻاريا هئا،
تن کي جهڪو ٿيندي ڏسان پئي 2007 کان...
شال چراغ ڪوئي تنهنجو ڇڏيل روشن ٿي پوي،
اهڙيون آسون دل ۾ سجايان پئي 2007 کان...

Since December 2007

December you are changed since 2007
Not looking forward for you since 2007
Tears are not dried yet
You had given us since 2007
Her face was shining like a moon
Searching similar that since 2007
Politics is nowhere
It’s just trade since 2007
You gave honor and respect to women Conspiracies are hatched against her since 2007
I see your killers at large
Justice is weak since 2007
Your ideology is lost somewhere
Just see your pictures on banners since 2007
The lamps you lit
I see them dimmed since 2007
The lamps you have lit may one of them lit again
I wait earnestly Since 2007

ڊايانا جي ياد ۾

هوءَ جا ڌرتيءَ تي لٿي،
پَرين جي ڪنهن ڏيهه مان...
ديوتائن جي ديس مان...
هوءَ ڌار هئي هوءَ هئي جدا!
دل سندس معصوم هئي،
ننڍڙي ٻار جهڙي ٿي لڳي...
اکين ۾ چمڪ اهڙي هيس،
تارن ڪَتين جهڙي هيس!
هوءَ جا جِهرڻن مان ڦٽي...
ڪنهن جي خوابن مان ٽٽي...
ڪاتب سندس قسمت لکي!
دل سندس اهڙي ٽٽي...
جيڪا پوءِ ٽٽندي رهي...
ٽُڪر هوءَ جوڙيندي رهي...
هوءَ نه شاهي شان سان،
زندگي گهاري سگهي...
پر دلين ۾ لوڪ جي،
گهر ڪري ويهي رهي...
ڪنهن کي ڪائي ڪَلَ نه هئي،
اَجل هيس پويان لڳل...!
هوءَ هلي ويندي اٿي!
لوڪ کان ويندي رُسي...
لڙڪ هر اک ۾ ڏيئي،
ديوتائن ڏي وري...
پاڻ آ موٽي ويئي...

In The Memories Of Diana

She was descended
On the Earth
From the land of fairies
From the land of gods
She was different
She was unique
Her heart was filled with innocence
As of the child
Such shine she had in her eyes
Like glittering stars
She sprouted from the springs
She separated from someone’s dreams
The destiny wrote her fate
Her heart was broken badly
That kept breaking
Was trying to collect the pieces of heart
She failed to lead a royal life
But resided in the hearts of common people
No body knew that
Death was after her
She will leave away
She will be grieved
Left every eye wet behind
Has returned to gods
Back

ثقافت ڏهاڙو ملهائينداسين

ثقافت ڏهاڙو ملهائينداسين،
جهُمر خوشيءَ ۾ پائينداسين.
وقت ويو آ هاڻي اچي...
اڳتي انهيءَ کان سوچينداسين...
سڏي ويهاريون اڪابرن کي،
سڀ گڏجي هاڻ لوچينداسين.
دڳ ڏيون ڪوئي جوانن کي...
شغل ڀلا هي ڪيسين ڪنداسين...؟
سنجيده ٿيون، وقت چوي ٿو!
چٽو گڏجي سوچينداسين...
سنڌ کي ڪيون سرسبز وري،
اهڙو وچن دهرائينداسين...
بُکن کي هتان ڊوڙائي ڪڍون،
کير، لسي پيئنداسين...
مکڻ ماکي کائينداسين...
اسڪولن مان وڏيرن کي تڙيون،
ٻار پنهنجا اتي پڙهائينداسين...
وچن ڪري ٿيون سنڌي اندر مان،
ثقافت جو شانُ وڌائينداسين...
ڏاهپ جتان نڪرندي وري ڦٽي،
اوطاقون آباد ڪرائينداسين...!
مامرا ويندا نڪري هٿن مان...
دڳ نه هاڻي جي قوم کي لائينداسين...
ثقافت جي انهيءَ ڏهاڙي مان...
جهان نئون ڪو جوڙينداسين...!

Celebrate Culture Day

We’ll celebrate culture day
Will dance in hilarity
The time has approached
To think beyond it
Together all wise men
Will strive all
To show path to our youth
For how long we just celebrate
Time warns, be serious
Think clearly
Bring greenery to sindh again
Will repeat this promise
Let’s drive out the hunger from here
We’ll have healthy, delicious food
Let’s drive out usurper from school
Will educate our children there
To be Sindhi within will make a promise
To give respect culture more
Where wisdom will sprout
Will rehabilitate such Otaqs
Things will go out of control
If don't show path to Nation
With the day of culture
Will constitute a new world

ڌرتي

مون لئه ڌرتي ماءُ سمان،
ڌرتي تو لئه مال مڪان.
فطرت تنهنجي سازش آهي...
مان ته سدا قُرب تان قربان.
جتي جتي تون ويندو آهين،
ڌرتيءَ کي ٽوڙيندو آهين...
حق ٻين جا ڳڙڪائي تون،
ڌرتيءَ ڌڻيءَ کي ڌڪيندو آهين...
ناحق تي هوندي سوندي،
فاتح خود ڪوٺيندو آهين.
تنهنجي فطرت يو- پيءَ واري...
من منهنجو سنڌوءَ جو پاڻي...
سنڌ جا ڄاوا ڪيا تو ڌار...!
ڪيسين رهندين تون حقدار؟
ٻولي تنهنجي لشڪر ٺاهي،
منهنجي ٻولي ڌرتيءَ ڄائي...
پوءِ به ٻولي تنهنجي قومي...!
گروهي ٿي وئي منهنجي ٻولي...!
اهڙو وقت ڪو نيٺ آ اچڻو،
ٻيهر مهاجر آ توکي ٿيڻو...!

Motherland

For me it is mother
For you land is property
Your nature is to conspire
I always sacrificed myself for affection
Where ever you go
You break the land
You grab rights of others
Push back the son of soil
Even to be unjust
Call your self victorious
You have nature of UP’s people
My heart’ like crystal water of Sindhu
You disunited sons of soil
How long you will be the owner
Through army your language got existence
My language is indigenous
Still your language is national
My language has become regional
Again a time will come
You have to be refugee

خوابن جي واپاري آهيان

خوابن جي واپاري آهيان،
ڪهڙي ڏيهه مان آئي آهيان!
ننڍڙو وڏڙو خواب ٿو پوکي،
خواب لڻي ٿو خواب ٿو پوکي.
خوابن جي ٻيڙين ۾ ويهي،
خوابن سان ئي ونجهِه هڻي ٿو.
بُتَ جوڙي ٿو خوابن ۾ هو،
پوءِ وري سي بُتَ پوڄي ٿو.
ووٽ ڏئي هو خواب ڏسي ٿو،
خوابن ۾ ئي حق وٺي ٿو.
خوابن سان ٿو جوڀن ماڻي،
خوابن سان پيريءَ ۾ گهڙي ٿو.
خواب مان پنهنجا ان کي ڏينديس،
جيڪو مون کي وچن هي ڏيندو.
سپنا منهنجا سارا هڪ ڏينهن،
ساڀيان ڪري مارن کي ڏيندو.

I Trade Dreams

I trade dreams
Bizarre country I belong to
Young and old sow dreams
Plough dreams
Cultivate dreams
Sail in the boat of dreams
Propel the oars of dreams
Create idols in dreams
And continue with idolatry
Casts votes with dreams
Receives rights in dreams
Enters in youth with dreams
by dreaming gets old
I will trade my dreams to someone
Who standby with my people
And fight to snatch rights for my people
I will give the person all my dreams

ڳجهو هٿ

اُهو ڳجهو هٿ ڪنهن جو آهي؟
جنهن هڪ معصوم نوجوان کي...
جنهن کي اڃان مُڇن جي ساوڪ آئي هئي،
معصومن جي جان وٺڻ لاءِ تيار ڪيو...
اُهو ڳجهو هٿ ڪنهن جو آهي؟
جنهن کان ماڻهن جي شانتي ڏٺي نٿي ٿئي،
جنهن کان محبتن جي ڏي وٺ سٺي نٿي ٿئي.
جنهن کان بي خوفي برداشت نٿي ٿئي،
اُهو ڳجهو هٿ ڪنهن جو آهي؟
صوفين جي سبق جو دشمن آ...
امن ۽ محبت جو قاتل آ...
غلاميءَ جو ئي قائل آ...
اُهو ڳجهو هٿ ڪنهن جو آهي؟
جنهن کي رت ۾ وهنتل لاشا کپن...
چهرن تي خوف جا پاڇا کپن...
ڳلين ۽ شهرن ۾ سناٽا کپن...
اُهو ڳجهو هٿ ڪنهن جو آهي؟


2016 تي شاهه نوراني جي واقعي تي لکيل

Mysterious Hand

Whose mysterious hand is behind?
Who persuaded the young?
The young was to enter into youth
To take the lives of innocents
Whose mysterious hand is behind?
Who is unhappy with the peace
Who is intolerant to exchange of love
Who bigoted to courage
Whose mysterious hand is behind?
He is envy to lessons of Sufis
Killer of affection and tranquility
Who encourages captivity
Whose mysterious hand is behind?
Who needs the blood bathed corpses
Who want to see the shadows of fear
on faces
He needs killing silence in streets
Whose mysterious hand is behind?

سال 2016

هر اک نومبر تي آ لڳل،
حڪومت ڪنهن جي داءُ تي آ لڳل.
خواب تبديليءَ جو ڏسن ٿيون اکيون،
ڪو ٿو سمجهي هيءُ آ ميلو لڳل.
ڌاڙا هتي لڳن ٿا ڏينهن ڏٺي،
عوام پوءِ به لڳي ٿو آهي سُتل.
ڪنهن تي ڀروسو ڪجي هاڻي،
واڪ هر ماڻهوءَ تي آهي لڳل.
ٻي نومبر شل ڪو ٻوٽو ٻاري،
عام کي آهي اها آس لڳل.

(عمران خان جي ڌرڻي تي)

Year 2016

Every eye is fixed on November
Government of someone is on stake
Eyes look forward for the revolution
Someone thinks its entraining gathering
Robberies are committed in day time
Still masses are asleep
Whom to repose our trust in?
Everyone is tagged with price
Coming November may bring something
Everyone wishes for better future

ثقافت اسان جي

اي موهن جي دڙي جا وارثو،
امن ۽ محبت جا وارثو.
ثقافت اوهان جي ڪيئن مَٽجي وئي؟
سڀيتا اوهان جي ڇو لَٽجي وئي...؟
ڪڏهن مندرن کي ٿيون باهيون لڳن...!
ڪڏهن نانءُ مذهب تي ٿيون ٻانهون کڄن...!
ڍڪي ٽوپي اجرڪ تون جرڪين پيو!
وڏي مان سان اڄ تون مُرڪين پيو...!
ثقافت رڳو ٽوپي اجرڪ نه آ...
ڪٿي تو وڃايو آ پنهنجو سڀاءُ؟
ڪريون اڄ ڪو اهڙو اچو سڀ وچن،
نه ميرو ڪبو هاڻي پنهنجو هيءُ من.
ثقافت اسان جي رهندي صوفي ازم،
ڏئي هٿ ۾ هٿ ڪريون اهڙو عزم.

Our Culture

Oh! Inheritors of the Moen Jo Daro
Inheritors of Peace and Love!
How your civilization changed
How your culture deminished
Occassionally temples are set ablaze
Women are abducted in the name of religion
Wearing the Ajrk and Topi, you are beaming
Smiling with honor
Culture is not only Ajrk and Topi
Where have you lost your virtues?
Let's make a promise today
We will never make our conscious filthy ever
Sufism will be our culture
Joining our hands, let's make our promise

پاناما فيصلو

يقين وري ٽٽو آهي،
قانون هتي اڃان ٻٽو آهي...
جيڪو لُٽي ٿو ٻنهي هٿن سان،
با عزت اهو ڇُٽو آهي...
ڪيئن ڪوئي ڪا اميد رکي؟
خواب قوم جو وري ٽٽو آهي...
ڪهڙي طاقت آهي شر جي پٺيان؟
سازشن سان جنهن جي سڀ ڦِٽو آهي...
سال ستر ڪيا اسان پورا...!
پوءِ به قوم هي حال ڇو ڏٺو آهي؟
ٿيندا مضبوط هي ادارا ڪڏهن...!
دل لئه هاڻ سڀ ڪجهه ڏٽو آهي...
نه ڪائي واهه نه ڪوئي رهبر،
پنهنجن ئي سدا لُٽيو آهي...
رات اونڌاهي سفر اڻکٽ،
حوصلو پر اڃان ٽٽو ناهي...!
پر سچ اهو آهي،
ته قانون هت ٻٽو آهي...

Panama Decision

Trust is shattered again
Still justice has double standards here
Who plunders with both hands
He is absolved with honor
How can one Centre Hope in law
The dream of nation is devastated again
Who is behind this Evil
Who conspires to fail all
Accomplished seventy years of independence
Why nation witnesses such decisions
When institutions will be strengthened?
Its seems mere delusions
Neither path nor leader
Our own have plundered us
Dark night unending journey
But valor is not broken yet
But truth is that
Justice has double standards here

ڏکن ۽ بُکن مجبور ڪيو..

ڏکن ۽ بُکن مجبور ڪيو،
نوشهري کان ڌڪي دور ڪيو.
سپنا سينگاري اکين ۾ هليا،
دشمن سپنن کي چُور ڪيو.
منهنجي ڌرتيءَ در پنهنجا کولي سدا،
ڀائر بلوچن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو.
ڌرتي منهنجي بڻجي مهمان خانو،
آڌر سڀن جو آ ڀرپور ڪيو.
سنڌ ڄاوا ڪٺا هِن گوادر ۾،
تاريخ آ ڪهڙو هي ڪلور ڪيو.
وفاق بڻيو آ ابو سڀن جو،
پر هاڃي اهڙي تي ڇو خاموش رهيو.
جنگ تنهنجي ته ظالم سان هئي،
ٻانهن ٻيليءَ تي تو ڇو وار ڪيو؟

2017 تي بلوچستان ۾ نوشهري جي مزدورن جي قتل تي لکيل

Suffering And Sorrows..

Sufferings and sorrows compelled them
Pushed away from Noshero Feroz
Carrying many dreams in eyes they left
The rival broke all
My land always welcomed Baloch Bretherns with open arms
My land is always an Inn for people
Always welcomed everyone
Sons of Sindh are slaughtered in Gawadar
History has become so cruel
Federation has become father of all provinces
Why is quiet on such casualties
You had war with oppressor
Why you attacked on friend?

اڻٽر فيصلو

اڄ ائين ٿو لڳي،
ڄڻ اتر پاسي ڏي...
ڪو زلزلو آيو هجي!
مضبوط رُڪ جهڙا جبل،
پنهنجي جاءِ تان ڌڏي ويا هجن...
زمين جي مٿان ڪا نئين دنيا
نروار ٿي هجي...
ٻه مضبوط جبل،
هڪٻئي کان پري هٽي بيٺا هجن،
۽ نئين دنيا جو حصو لڳي رهيا هجن...
جن صديون گڏ گذاريون،
هاڻي ان فاصلي کي
گهٽائڻ لاءِ وري
صديون به لڳائين ته
ڪجهه نٿو ٿي سگهي...
انهن ٻنهي جي وچ ۾،
ايترو فاصلو...
اهو ته تقدير جو
لکيل اڻٽر فيصلو هو...

Inevitable Decision

It seems
At the northern side
An earthquake has occurred
Mighty mountains
Are displaced
A new world carved out on earth
Two haughty mountains
Aparted from one another
Looking part of a new world
They passed centuries together
Now if centuries are consumed
To reduce the distances
But in vein
Such a great distance
Between them
Ah! It was destined

مئل يادن جي دڙي تي

مئل يادن جي دڙي تي،
تنهنجون يادون...
ڪنهن سياح وانگر،
اڄ به اينديون آهن...
ويران ڳلين ۾،
گهمنديون آهن...
پنهنجا پيرا،
هڪ ڀيرو وري،
ڇڏينديون آهن...
۽ مسڪرائي پڇنديون آهن...!
هن دڙي کي،
ڪڏهن ڊاهيندينءَ...!
جواب ايندو آهي،
ته جڏهن وري،
اهڙو ڪو طوفان اچي...!
جيڪو پهرين کان...
وڌيڪ طاقتور هجي...!
۽ هن دڙي کي
ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ
تي پکيڙي ڇڏي...

On The Mound Of Dead Memories

On the mound of dead memoirs
Your memories visit
Like a tourist
Even today
In deserted streets
They roam
Leave their footprints
Once again
And ask with smiles
When will destroy
This mound
Respond comes within
When a storm
Mightier than before
Will occur
Shatter this mound of memories
In the nook and corner of earth

ڪجهه عدل ٿيو ...

ڪجهه عدل ٿيو، ڪجهه انصاف ٿيو،
قاتل مشال جو، ڦاسيءَ جو سزاوار ٿيو
اڃان به ڪجهه قاتل آزاد گهمن ٿا!
ڳڻتيءَ ۾ اهڙو من اڄ آهي گرفتار ٿيو...
سزا ملي، ڪجهه ظالمن کي آهي،
اصل ذهن اڃا به آزاد رهيو!
غازيءَ جو لقب ماڻيو آهي تن...!
قانون جن کي آهي آزاد ڪيو...
سوال قانون کان آهي سڀن جو،
ان مائينڊ سيٽ کي ڇو آهي آزاد ڇڏيو؟

Some Justice Has Taken Place…
Some equity, some justice has taken place
Murderer of Mishal is convicted
Few murderers are still roaming free
Heart is worried to see unjustice
Few cruels are convicted
The real designer is still free
Title of champion is received by
Freed from court
A question from all to court is
Why it freed the actual mindset?

لَفظَ، پوپٽ دل مٿان لهندا رهيا

لَفظَ، پوپٽ دل مٿان لهندا رهيا،
ڪيتريون ئي ڳالهڙيون پڇندا رهيا.
دل جي ويران باغن ۾ اُڏندي سدا،
زخم تازا هر گهڙي ڏسندا رهيا.
مون لڪائڻ پاڻ ٿي جن کان گهريو،
سور سي ئي اوڏڙا ايندا رهيا.
گهاوَ ڏيندا هر پَهر آهن رهيا،
سي درد بابت مُرڪندي پڇندا رهيا.
حال آهي ٿي ويو دل جو عجب،
جانِ جانان زخم ئي رِسندا رهيا.
ڏينهڙا آهن خزائن جا وڌيا،
زرد پتا روز و شب ڪرندا رهيا.

Words Like Butterflies

Words like butterflies were descending on
the heart
Were asking for many secrets
Flying in the deserted garden of heart
Were looking at fresh wounds
Was hiding myself from the sorrows
The woes were coming near
They were giving me grief often
and they were enquiring with smiles later
My heart is gone weird
I was receiving wounds from beloveds
Autumn days are approached
Yellows are falling in days, in evenings

ڪجهه گهڙيون ...

وري ڪجهه گهڙيون توسان گهارڻ گهران ٿي،
ڪهاڻي نئين هڪ لکڻ مان گهران ٿي...!
جسم ۽ روح سان تون هجين صرف منهنجو،
گهڙي اهڙي تو سان گهارڻ گهران ٿي.
فنا ٿي وري ها بقا مان گهران ٿي،
خطا هيءَ ڀلا ڇو ڪرڻ مان گهران ٿي؟
سدا ذات منهنجيءَ جو محور رهيو آن،
محور انهيءَ ۾ گهمڻ مان گهران ٿي.
سفر ۾ سوين ساٿ ملندا رهيا پر،
سفر هڪ نئون تو سان ڪرڻ مان گهران ٿي.
ڏيڻ جاءِ توکي ٿي آدم جي چاهيان،
خطائون سڀئي توکي بخشڻ گهران ٿي.
نئين جنگ خود سان جوٽڻ گهران ٿي،
وري ڪجهه گهڙيون تو سان گهارڻ گهران ٿي.

Few Moments…

Few moments I want to spend with you Again
Want to write a new story
With your soul and body remain with me,
Want a moment of love with you
Want eternity and infinity
Why to commit such mistake!?
My own existence, I omit,
You are the center of my thoughts
Want to circumambulate you
Met companions in journey
But want you to take on new journey
Consider you Adam
The errors and mistakes you committed
Want to efface
Want to wage a new war with myself
Few moments want to spend with you
Again

مون آهي ڏٺو...

من موجي آزاديءَ کي مون آهي ڏٺو،
بند اکين ۽ کليل ذهن سان آهي ڏٺو.
آزاديءَ جا پر پکيڙي بيٺي هئي،
اندر ۾ ان کي مون لهندي آهي ڏٺو.
جيڪا مون کي شانت ڪري ويئي آهي،
ارڏائي سان کيس مون بيٺل آهي ڏٺو.
دل جي تهه خانن ۾ جا ٿي لهندي وئي،
روح جي ريگستانن ۾ ان کي آهي ڏٺو.
آزادي جا خود کي مون آهي ارپي،
آزادي کي آزاديءَ ۾ مون آهي ڏٺو.
ليا ٿي پاتا جنهن اندر ۾ صدين کان،
ان کي دل جي نظر سان اڄ مون آهي ڏٺو.

I Have Seen…

I have seen the bizarre independence
I have seen with closed eyes and open mind
She had spread the wings of independence
I have seen her drowning in my being
She made me tranquil
I have seen her standing with arrogance
Which was descending the cellars of my heart
I have seen her in the deserts of my soul
The independence, which I have dedicated to myself
I have seen independence in independence
Peeping in me for centuries
I have seen her with the sight of my heart

مون کي ٿو پڙهڻ چاهين...!

مون کي ٿو پڙهڻ چاهين...!
هي ڇا ٿو ڪرڻ چاهين...!
موهه جي هان مورت،
ڇا ٿو پسڻ چاهين..؟
ڪيسين ڪشالا ڪڍندين،
ٿو ڪيسين ڏُکڻ چاهين!
آ ڏِنگُ مون ۾ ازلئون،
تون ڇو ٿو ڪڍڻ چاهين؟
پاٻوهه سان هل مونسان،
مالڪ ڇو ٿو ٿيڻ چاهين؟
مون سان ئي رهي مون ۾
ٿو ٻئي کي پسڻ چاهين!
مان ڳُوڙهي آهيان ڳجهارتَ
ڇا لئه ٿو ڀڃڻ چاهين!
مون کي ٿو پڙهڻ چاهين...!
هي ڇا ٿو ڪرڻ چاهين...!


Aspire To Read Me…!

Aspire to read me…!
What do you want to do…!
I am the goddess of love
You want to catch my glimpse
For how you bear hardships
Why do you put yourself in troubles?
I have uneven personality
Why do you want to straighten?
Be gentle with me
Why asserting your ownership
While being with me
Why do you quest others in me?
I am a riddle
Why trying to solve
Aspire to read me…!
What do you want to do…!

پکي ابتي اڏار ۾ آهن

پکي ابتي اڏار ۾ آهن...
هِردو حيران آ ڪهڙي پچار ۾ آهن؟
رڳو گونجار ٽهڪڙن جي آ هُتي،
ٽهڪ خوشين جي انتظار ۾ ناهن...
هوائن جي ڇهاءُ ۾ آ عجب نرمي،
صبح و شام ڪهڙي گفتارَ ۾ آهن؟
خوشين جي کوٽ ڪابه ڪانهي اُتي،
ڪهڙا خزانا هي اُپٽار ۾ آهن؟
دل نه ميري ڏسان اُتي ڪنهن جي،
مڻيا ڪهڙا هي تار ۾ آهن؟
جسم رڳو ڇا روح به ڏسان ٿي آزاد...
سڀ لڳي ٿو ڪنهن خمار ۾ آهن...
نانءُ پنهنجو نه آهي پيارو رڳو،
عجب سڀ رشتا اعتبار ۾ آهن...
دل ٿي چاهي رهي پوان جيڪر،
پر پکي فطرت جي اُڏار ۾ آهن...

Thoughts Are In Contrary Flight

Thoughts are in contrary flight
I wonder, In which mood they are,?
Only echo of laughters is there
Laughters take place without any reason
Tenderness is in air,
What morning and evening communicate to eachother!
No dearth of pleasure is there
What treasures do they discover?
Every heart seems clear
Which thread, these pearls are knitted?
Not only hearts are mirthful
The soul and thoughts are also joyful
All seems intoxicated
Self is not being loved here
All relations are in trust
I wish to live in the past
But nature pulls me back in present

راهه هلندي ملي ويو

راهه هلندي ملي ويو،
ٿي لڳو روح ۾ رلي ويو.
ٿي لڳو آسمانن جو،
زمين تي ڪيئن ملي ويو.
وقت ايڏو ته تڪڙو ٿيو،
خالي احساس ئي ڏئي ويو.
سِڪ جا سڳا ٿي ٻَڌا هر دم،
بهانن سان هُو ڇڏي ويو.
فلسفو زندگيءَ جو سندس پنهنجو هو،
فلسفو منهنجو به هو مِٽي ويو.
ڌنڌ آ پٺيان ۽ اڳيان ڌوڙ،
شايد اڳتي آ هو وڌي ويو.

On The Way He Met

On the way he met
He was knitted in the soul
He was from heavens
How he met on the earth?
Ahh! How fast time passed?
His emptiness is felt
Tied with the threads of love
Left making some trivial pretext
Had his own philosophy of life
Changed my thinking as well
Fog is at the back and dust is ahead
Perhaps has gone away

دانشورَ، وري آ توتي وار ڪيو

دانشورَ، وري آ توتي وار ڪيو،
تنهنجو پورهيو ڪري برباد، توکي خوار ڪيو.
ائين ڀلا ڪيسين ٿيندو رهندو؟
آ راهن کي تو به پاڻ لئه ڪجهه هموار ڪيو؟
ڌپ سڙيل سوچ جي پکڙجي ويئي!
سرتيءَ به آهي ڪو علم جو سينگار ڪيو؟؟
ٿو وڏي وات اڄ هو للڪاري!!
هنر عورت جي مٿس آ وڏو ڪو بار ڪيو.
جسم عورت جو تو وڪيو ورتو،
ڏک اٿئي سندس سوچ کي نه تو گرفتار ڪيو.
وِکَ وڌائي هوءَ نڪري ويندي اڳتي،
جڏهن وقت مظلوم کي خوددار ڪيو.

The Intellectual

Has Attacked You Again
The intellectual has attacked you again
Has humiliated you by spoiling your labor
How long it will go on?
Have you made circumstances favorable for you?
Stinking thought of jealousy has spread
Has friend groomed herself with knowledge?
He is challenging loudly today
Skills of women have suppressed him
You traded soul and body of women
Grieved he is, not to capture the thoughts of her
Taking a step she will move forward
When time will make oppressed independent

ساٿ

پنهنجو ساٿ،
ٽرين ۾ ويٺل،
ٻن مسافرن جهڙو رهيو...
نه تو ڄاتو ته منهنجي منزل ڪٿي هئي!
نه مون کي پتو هو ته تون ڪٿي لهندين...
پر هن مختصر سفر ۾،
اسان هڪٻئي جي اکين ۾ سفر ڪندا رهياسين...
اکيون کليل ڪتاب بڻجي ويون،
تحرير پڙهندا رهياسين...
لفظ وچ مان گم هئا...
پوءِ به ڳالهائيندا رهياسين...
چاهتن جا رابيل چونڊيندا رهياسين...
اکيون شفاف اکيون،
آرسيون بڻجي ويون،
ٻئي پنهنجو چٽو عڪس ڏسندا رهياسين...
شايد لمحن ۾ صديون جي وياسين...
زمان ۽ مڪان جي قيد مان نڪري،
گهڙيون ڪجهه امر ڪري وياسين...
وقت جي تيز وهڪري ۾...
زندگي پنهنجو گيت ڳائيندي رهي،
مسڪرائيندي رهي،
ڇو ته هن کي خبر هئي...
ته اهي اکيون وري،
ڪڏهن به هڪٻئي کي ڏسي نه سگهنديون...

Companionship

Our companionship was like
Two passengers travelling in train
Neither you were conscious, where my destination was
Nor I knew where you step down
But in this short journey
We were travelling into each other's eyes Eyes became open books
Kept reading its diction
Even though we were talking but words were lost between
Plucking the flowers of love
Eyes were crystal clear
Looking our clear images there like in mirror
We lived centuries in moments
Were liberated from the cages of time and space
Transformed some moments into immortality
In the fast streams of time
Life was singing its song
Kept smiling
Already it knew
Those eyes were will never espy each other again

وڇڙيل لمحو

جيڪو وقت کان وڇڙي ويو آ،
اهو هڪ لمحو ٿي ڳوليان.
شايد وقت جي بيرحم،
ڇولين جي ور چڙهي ويو آهي.
سڀ لمحا مون کي هڪ جهڙا ٿا لڳن...
سڀني کي اُٿلائي پُٿلائي ٿي ڏسان...
من مون کي اهو لمحو ملي پوي...
پر ڪامياب نه ٿي سگهي آهيان،
اهو وڃايل لمحو ته...
هيري جهڙو هو، صاف ۽ شفاف...
سڀني کان الڳ ۽ جدا،
پوءِ به مون کي ڇو نٿو ملي اهو لمحو!؟
جيڪو وقت جي ڌارا کان وڇڙي ويو آهي!
ڇا مون کي اهو لمحو وري ملي سگهندو؟
يا مون کي الڳ ٿيڻو پوندو!
هن وهڪري کان...
جنهن ۾ مان ان کي ڳوليان پئي...
۽ هڪ نئين ڌارا ۾ وهڻو پوندو...

The Lost Moment

That is lost in the vastness of the time
I search the moment,
In the unkind waves of the time it is lost
The moments I live in today might is grasped by high waves
All seem monotonous
I turn over the leaves of time
Might I find that moment?
But I could not succeed
The lost moment
Transparent like diamond
Different and unique
But I am failed.
The moment is parted
From the streams of time
Could I find it again?
Or I need to detach myself
From current flow
And to flow in new river of time

اڄ تون ڪيئن مٽجي وئينءَ؟

توتي ته مون کي انڌو وشواس هو،
تنهنجي هنج ۾ منهنجي جاءِ پناهه هئي.
صدين کان تون محبت جي مورت هئين،
تنهنجو وجود ڌرتيءَ تي خدا جو روپ هو.
تون پنهنجن آفاقي جذبن سان ٽمٽار هئين...
وقت توکي ڪڏهن به بدلائي نه سگهيو...
پر اڄ تون ڪيئن مٽجي وئينءَ؟
تنهنجو آفاقي جذبو توکان ڪيئن ڌار ٿيو؟
تون عظمت کان ڪيئن انڪاري ٿئين!؟
منهنجو روح اڄ به توکي ان روپ ۾ نٿو قبولي...
ته تون منهنجي قاتل ٿيندينءَ...
ڪهڙي طاقت تنهنجي ممتا جي طاقت کان زور ٿي وئي؟
مون کي پنهنجي مرڻ جو نه پر تنهنجي مٽجڻ جو ڏک آهي...!
ته تون مون کي ڪڏهن ساڙين ٿي،
ته ڪڏهن خنجر جا وار ڪري مارين ٿي...!

Today How You Transformed?

I reposed blind trust in you
Your lap was "home to protection" for me
Since ages, demigod of love, you were
You were incarnation of God on Earth
You were filled with heavenly emotions
Time failed to change you
How did you transform today?
Why heavenly emotions depart from you?
My heart refuses to accept you in this form
You will be my murderer!
Which evil force overcame to you?
I don't regret for my murder
But for your transformation
Sometimes you set me ablaze
Sometime you kill me with dagger!


Note: on 29th April 2017 a 20 year old girl was killed on decision by Jirga and her mother also supported Jirga because she helped her friend to elope and get married on her own wish.

هيءُ ڪهڙو سماج آ؟

هيءُ ڪهڙو سماج آ؟
جِت پٽ ڄمي...
سارو لوڪ نچي!
۽ ڌيءَ ڄمي...
ته ماءُ ڪُسي!
هيءُ ڪهڙو سماج آ؟
ڀيڻ جي ملڪيت ڀاءُ ڦٻاءِ...
پٽ ڀلي ڪنهن جي نياڻي ڀڄاءِ!
مرد ڀلي نسلن کي لڄاءِ...
نياڻي پنهنجو پيار لڪاءِ!
هيءُ ڪهڙو سماج آ؟
جتي عورت جي توهين ٿئي...
دانشور سُک جي ننڊ سمهي!
ڏاهن جي بس جئي جئي ٿئي...
تنقيد جتي ڄڻ موت هجي...
هيءُ ڪهڙو سماج آ؟
مذهب جتي هٿيار هجي...
مرد کي سڀ اختيار هجي!
عورت جو واپار هجي...
پئسي جو وهنوار هجي...
هيءُ ڪهڙو سماج آ؟
جتي ناري نظر سان زخمي ٿئي،
هر اک ۾ بس ٻيائي هجي...
ڊگهي ڊگهي تقريرهجي...
هيءُ ڪهڙو سماج آ؟
حڪمران جتي دلال هجن...
لوڪَ لاءِ سڀ قانون هجن...
ڪامورن لاءِ جيدان هجن...
هيءُ ڪهڙو سماج آ؟
غريبي جت ڏوهه هجي...!
جرڳو ڪمزورن لاءِ لڳي...!
مفلس لاءِ رڳو موت هجي...!
هيءَ ڌرتي هُن لاءِ تنگ هجي...!
هيءُ ڪهڙو سماج آ؟

How Weird This Society Is?

How weird this society is?
Where birth of son is celebrated
On the birth of daughter
Mother is slaughtered
How weird this society is?
Brother usurps property of sister
Son is allowed to abduct anyone’s daughter
Man is allowed to bring down honor of forefathers
Daughter is not allowed to reveal her love
How weird this society is?
Where woman is humiliated
Intellectuals sleep well
They like to be admired
Criticism is considered as death
How weird this society is?
Where religion is like weapon
Man is all empowered
Woman is trade commodity
Where money is important of all
How weird this society is?
Where woman is injured with persistant gaze
Every eye is full of Treachery for her
How weird this society is?
Where rulers are brokers
Laws are only for common man
Bureaucrats are free for wrong doings
How weird this society is?
Where poverty is crime
Tribal court is set for weak
For poor, is only death
This land is squeezed for poor

سنسار جي اڌ سونهن..

سنسار جي اڌ سونهن کي،
مون رستي تي لاچار،
چهري تي بيوسي،
۽ خوف جا آثار کڻي،
لنگهندڙ گاڏين جي اڳيان...
پنهنجا هٿ پکيڙيندي...
نظرن جا تير سهندي،
طعنا ٻڌندي ڏٺو.
پوءِ به هوءَ ڪائنات جي،
اڌ سونهن ئي رهي...
هن کان هن جو اهو حق،
ڪير به نٿي کسي سگهيو...
هوءَ ڳوري هئي يا ڪاري،
هوءَ مسلم هئي يا باگڙي،
ڪائنات جي اڌ سونهن جي ڀاڱيوار...
چمڪندڙ گاڏين جي وچ ۾،
بيوس بيٺل هئي...

Half Beauty Of The World..

Half beauty of world
Saw her helpless on the road
Helplessness and fear on her face
Before the moving vehicles
Spreading begging hands
Bearing the arrows of lust
Listening the taunts
Still remains half beauty of the world
That right of her
No one can snatch from
Either she is dark or fair in complexion
Either she is Muslim or non Muslim
The half stake holder of the beauty of the universe
Among the shiny moving vehicles
Was standing helpless

انمول

ڪجهه انمول ڏيڻ ٿي چاهيم،
جيڪو ساهن ۾ سدائين.
سانڍي رکين...
خوشبوءَ کي ڏٺم،
گُلَ مسڪرائڻ لڳا...
چيائون،
هي اسان جي درد
جو نچوڙ آ هي...
چنڊ کان چانڊوڪي گهريم،
چيائين،
هيءَ روشني،
سج جي ڏنل،
اُڌاري آ...
هوائن کان تو لاءِ
نرمي گهريم...
جواب ۾
هوا چيو...
هي ته
وهڪرو آ پيار جو...
ڪٿي بيهي نٿو سگهي...
آخر مان پنهنجي،
اندر جي سڀني.
احساسن ۽ جذبن،
کي گَڏي...
تن مان هڪ،
گلدستو جوڙيو...
ان کي دعائن جي،
ريشمي ڏور ٻڌي.
تنهنجي قدمن ۾،
رکان ٿي...

Precious

Wanted to give something precious
Which you could preserve in your breaths
Looked at the fragrance
Flowers were smiling
They answered
Its essence of our sorrows
Asked for moonlight to moon
He replied
This light is borrowed from Sun
Asked to air
Softness for you
It replied
Its flow of love
Which never stops
In the end
I collected
All colorful feelings of my being
And made a bunch of flowers
Tying it with ribbon of prayers
I am putting it in your feet.

زندگي هڪ رستو

زندگي آهي هڪ رستو ،
ڪڏهن ڏنگو، ڪڏهن سڌو
ڪيئي مسافر هن راهه تي نڪتل آهن...
ڪي هيڻا ته ڪير زوردار...
ڪي هٿين خالي ته ڪي زردار...
ڪن جا پير قيمتي گاڏين ۾ محفوظ...
ته ڪن جي پيرن ۾ سفر جون لڦون آهن،
هن رستي مان ڪيتريون ئي راهون ڦٽن ٿيون...
ڪي راهگيرن کي ڳڙڪايو وڃن...!
ته ڪي منزلن تائين وڃي رسائين ٿيون،
ڪيڏو نه ظالم آهي هي رستو...!
ڏاڍي کي وڌي واٽ ڏئي ٿو...
۽ ڪڏهن هن جي پيرن هيٺان،
ريشم بڻجي وڇائجي وڃي ٿو...
پيرين اگهاڙن کي رڳو زخم ڏئي ٿو،
آزمائي وري آزمائي ٿو...
پٺتي ڌڪي ٿو...
اندر جي لوچ کي ڏسي ٿو...
جيڪڏهن مسافر جي اندر آڳ ڀڙڪي ٿي!
ته رستو به ان کي راهه ڏئي ٿو...
نه ته هيڻن لاءِ غريبن لاءِ...
هن رستي تي ڌڪن ۽ ٿاٻن کانسواءِ...
ٻيو ڪجهه نه آهي!
۽ اهڙن زخمين کي،
رستو پنهنجي وجود کان الڳ ڪري،
ڏور ڦٽو ڪري ٿو...

Life Is A Path

Life is a path
Crooked and straight
Many travelers embark journey on it
Some weak some stronger
Some empty handed, some wealthier
In costly vehicles feet are pampered
Some developed blisters in journeys
Many branches commence from this path
Some swallow the pedestrians
Some help to reach at destinations
How cruel this path is!
Paves way for the mighty
Some times like silk it spreads beneath his feet
Barefooted receives injuries
Tests them again and again
Pushes them back
Checks traveler’s fire that burns inside
Path paves way for him
Otherwise creates hurdles for weak and feeble
where they falter
and path throws away such weak and injured

لفظن جا جادوگر

اکيون کُلندي ئي...
ڪنن تي لفظن جو،
جادو ۽ زهر اوتجي ٿو...
لفظ جادو به آهن ته زهر به...
يقين به بي يقيني به...
زندگي به موت به...
ڪڏهن خوف آهن...
ڪڏهن تحفظ...
ڪڏهن بک ۽ بدحالي،
ڪڏهن عيش ۽ خوشحالي،
ڪڏهن زنجير ٿا پارائين...!
ڪڏهن آزاديءَ جا خواب ٿا ڏيکارين...!
لفظ ٻج آهن...
ذهنن ۾ ڦٽن ٿا!
فصل تيار ڪن ٿا!
غلام ڪن ٿا...
ڪڏهن ذهنن کي...
ڪڏهن روحن کي...
لفظن جا جادوگر،
زهر به امرت ڪري اوتين ٿا...!
مون کي انهن لفظن لاءِ،
ترياق کپي...
سچ ۽ محبت جي ڪا ڳالهه کپي...!
ذهني آزاديءَ جي ڪا باک کپي...!

Magicians Of Words

As eyes open
Poison of words
Is poured in ears
Words are magic, words are poison
Belief as well as disbelief
Life as well as death
Sometimes fear
Sometimes protection
Sometime poverty and paucity
Sometimes comfort and pleasure
Sometimes enchain
Sometimes become dream of independence
Words are seeds
They grow in minds
Prepare yield
They enslave
Sometimes souls
Sometimes minds
Magicians of words
Pour poison in ears as elixir
I need antidote of such words
Need love and truth
Need dawn of freedom of thoughts

منهنجو ذهن

ايئن ٿو ڀانئجي منهنجو ذهن،
ڪنهن ننڍڙي ٻارڙي جي هٿن ۾،
رنگن ڀرڻ وارو ڪتاب هجي...
ڪنهن رلي ٽوپڻ واري،
عورت جي هٿ ۾
ڪپڙي جي ڪا ٽڪري هجي...
هَر هَر هڪ ئي عمل کي،
ورجائڻ کانپوءِ ذهن خود،
ان طرف مائل پيو ٿئي...
ڄڻ ڪا مشين هجي،
ساڳئي سانچي ۾،
ساڳيو مصالحو پيو ڀرجي...
۽ ساڳئي سر پيو جوڙي...
ذهن جي قوت حقير پئي لڳي،
ڪا آفاقي طاقت پٺيان نظر نه پئي اچي...
سڀ دهرائڻ جو عمل آهي
نه دهرايان ته ذهن خالي دٻو بڻجي ويندو...

My Mind

It is felt
My mind is a coloring book in the hands
Of a kid
A piece of clothe
In hands of a woman
Who stitches Ralli (Sindhi traditional bed sheet)
Repeating the same action again and again
My thoughts are inclined
as it is a machine
Same clay is filled in same frame
And same brick is produced
The power of mind seems feeble
No heavenly influence is seen behind
All is nothing but repetition
If it is not repeated
Mind will become empty box

مون جڏهن وجود چاهيو

مون جڏهن وجود چاهيو،
ته ٻن وجودن جي گڏجڻ جو انتظار ڪيم...
اک کلندي ئي،
بک جي باهه وڪوڙي وئي...
پيار ڪندڙ ماءُ جو احسان کنيم...
هر قدم تي مون کي،
سهارو ٿي گهرجو...
سهارو ڏيندڙ...
مون کي پنهنجي،
سوچ به ڏيندا ويا...
منهنجي آزاد سوچن کي،
سماج جي فرسوده،
صليبن تي چاڙهيو ۽ ماريو ويو...!
۽ ايئن مون عقيده جوڙيا...
رشتن جا ريشمي ڄار،
مون کي جڪڙي ويا...
پوءِ به مان خوش هيس،
فطرت هٿڪڙيون هيون...
سماج ٻيڙيون پارايون...
مسڪرائيندي طوق پاتم...
خود کي پوءِ به آزاد ڄاتم...!
تون آزاد آهين،
چوڻ وارن کي
سچ ڄاتم!
آزاديءَ جي فريب ۾،
زندگيءَ جو قيد ڪاٽيم...!
منهنجو روح،
جسم جو قيدي رهيو...
سچ ڪوڙ جو قيدي رهيو...!
ذهن سافٽ ويئر بڻجي ويو...
پروگرامنگ ٻاهران ٿيندي رهي...!
منهنجو وجود منهنجو نه رهيو!
مان غلامن جي غلام رهيس...
پوءِ به مان خوش آهيان...!
ته مان آزاد انسان آهيان...!

When I Wanted Existence

When I wanted existence
Waited to unite two beings
As eyes opened
Hunger ingulfed me
I received gratitudes by loving mother
Those supported me forwarded their thoughts too
My free thoughts
Were killed & crucified
By obsolete society
This way I formed faiths
Silken mesh of relations
Captured me
Still was happy
Nature cuffed me
Society shackled my feet
Smiling wore yokes
Still felt myself free
Those who said you are free
Believed them
In the deception of freedom
Was imprisoned by life
My soul remained imprisoned by my body
Truth remained prisoner of lie
Mind became a software
Programming was being done externally
My own being was not mine
I was the slave of slaves
Still I am happy
That I am a free human

ڪيترائي خيال

ڪيترائي خيال...
ڪي ننڍا ڪي وڏا...
ڪي سهڻا،
ڪي ڊيڄاريندڙ...
ننڍين ننڍين،
رنگين مڇين وانگر...
ذهن جي ڄار ۾،
ڦاسندي ڦاسندي،
نڪري هليا ويندا آهن...
ڪجهه ذهن جي تاڃي پيٽي ۾،
وڪوڙجي ويهي رهندا آهن...
ته ڪي سنهن سوراخن مان،
ڪري ڪٿي وڃائجي ويندا آهن...
پوءِ ڳولهڻ سان به نٿا ڳولهجن...

Many Ideas..

Many ideas..
Some tiny, some great..
Some pretty,
Some dreadful..
Like small
Colorful fish
In the net of mind
As they are near to trap
Slipped away
Some ideas are weaven strongly
In the net of mind
Some are dropped by the tiny holes
And they are lost somewhere
Then never found again
Even to search them hard

مان هِڪَ ڪڙي آهيان...

نه گهٽ آهيان،
نه وڌ آهيان.
ڪلهه کي اڄ سان ملائي جا،
هڪ اهڙي ڪڙي آهيان.
معمولي ڪيڏي به هجان،
پوءِ به غير معمولي آهيان.
تون بيٺل جتي پاڻ کي ٿو ڏسين،
ان ۾ شامل هر دفعي رهي آهيان.
ڪيڏو ڪوئي ڀلي ڇو نه منڪر ٿئي،
سچ جي سج جي روشني آهيان.

I Am Part Of Chain

Not less,
Not more,
The one that connects,
Yesterday with today,
I am that part of chain.
Nevertheless am usual
But I am very unusual
Where you are standing today
I had been part of it
How far any one denies my role
But I am the light of sun of truth

اڪيلائي

اڪيلائي مون سان گڏ،
وڌي وڏي ٿي آهي...
اڪثر ملاقات ان سان،
منهنجي ٿيندي آهي...
هوءَ بڻجي سايو منهنجو،
گڏ مون سان هلندي آهي...
ڏسي انبوهه ماڻهن جا،
ويندي هوءَ لڪي آهي...
ڪڏهن ويهندي ڀرسان آهي،
ڪڏهن اندر ۾ لهي ويندي آهي...
ميڙ ۾ مون کي ڏسي،
ٽِڪ ٻڌي تڪيندي آهي...
واندي ڪڏهن ٿيندس مان،
هوءَ هر گهڙي ڳڻيندي آهي...
اکين ۾ ڪو سپنو هن جي،
هٿ ۾ هٿ هوءَ منهنجي ڏيندي آهي...
تخليق لاءِ ڪي ڳڻي پل،
هوءَ سنڀالي ڏيندي آهي...
۽ رکي هٿ کاڏيءَ هيٺان،
ڏسي مون ڏي مرڪندي آهي...

Loneliness

Solitude grew along with me
We often meet with one another
Like shadow of mine
Goes along with me
To manifest crowds
Somewhere it hides
Often sits beside me every and often
Drowns in me time and again
Stares at me in crowd
When I will be free
Counts every moment
Keeping a dream in her eyes
Holds my hand in her hands
Provides me few moments
For creation that preserved for me
Resting her hand under her chin
Smiles while stares at me

ماءُ

هُن جي مُکَ تي نور آ،
ان ۾ ڪو راز ضرور آ.
مَمَتا جي موهه ۾ لڳي ٿي گُم،
عجب جذبن ۾ هوءَ مخمورآ.
هَنجَ ۾ هن جي ڄڻ ته ڪائنات هجي،
هوءَ اڄ ايتري مغرور آ.
بي نور زندگي ٿي پئي هن جي اڄ،
معصوم مسڪراهٽن سان پُر نور آ.
بيباڪي نه جا هُئس ڪلهه تائين،
اڄ هِمتن سان معمور آ.
اکين ۾ اٿس اڄ چمڪ نئين،
پنهنجي ٻچڙي تان هوءَ وهلور آ.
هوءَ ٿي وئي آ مڪمل اڄ،
فطرت جو اهو دستور آ.

Mother

Light emanates from her face
There is some secret
She is lost in motherhood
She is intoxicated in different feelings
As universe is in her lap
She is such proud today
Her dark life is illuminated
with innocent smiles
She was without courage yesterday
She is filled with bravery today
Her eyes have new shining
She is in love with her kid
She is completed today
That's the law of nature for today

پيار محبت آهي ڄار

پيار محبت آهي ڄار،
ٿئي هوءَ ان جو روز شڪار.
ڪڏهن ٿي هن کي سونهن مارائي،
ڪڏهن کائي عقلُ کان مار.
همتَ هُن جي بڻي آ ڪنڊو،
ڪيئي ذهن ٿيا هن بيمار.
جڏهن اڪيلي هوءَ ٿي نڪري،
کائي ٿي نظرن جي مار.
رستا روڪ ٿئي ٿي هُن جي،
پوءِ به هوءَ آ بد ڪردار.
خوف جي بڻي آ هاڻي علامت،
سندس آزادي بڻي آ گار.
لقب ملن ٿا ڪيئي هُن کي،
ڪڏهن آ وئيشيا ڪڏهن هوءَ يار.

Love, Affection Is A Trap

Love, affection is a trap
She becomes victim daily
Sometime her beauty is vulnerable
Sometimes her wisdom
Her courage has become thorn
Which piercers in sick minds
When she walks alone around
Every bad stare is fixed at her
Though she is stopped to excel
She is blamed for her character
She is threat to honor of men
Her independence is cursed & abused
She receives many titles
As, Harlot with many friends

ٿو رهين تون نيڻن ۾

ٿو رهين تون نيڻن ۾،
ڪو خواب ته ناهين؟
ٿو ڪرين رهاڻون روح سان،
ڪو خيال ته ناهين؟
گونجي ٿو تنهنجو ئي آواز ڪنن ۾،
ڪوئي پڙلاءُ ته ناهين؟
گيت جي گونجار بڻجي ٿو وڃين،
ڪو شعر ته ناهين؟
ٿي رنڱي جا روح کي هر دم،
سا رات ته ناهين؟
ٿا پسجن ست رنگ تو ۾،
ڪا انڊلٺ ته ناهين؟
ٻڌاءِ ڪيئن پڇان مان!
وڃايل ارمان ته ناهين؟

You Reside In Eyes

You reside in eyes
Aren’t you a dream?
You talk to soul
Aren’t you some thought?
Your voice resounds in ears
Aren’t you an echo?
You become reverberation of song
Aren’t you any stanza?
That dyes the soul every moment
Aren’t you that night?
All seven colors are in you
Aren’t you a rainbow?
Tell me how to ask!
Aren’t you unfulfilled wish of mine?

نئين جنم ۾ خوشبو بڻجي ايندس

نئين جنم ۾ خوشبو بڻجي ايندس،
تون هوا هوندين تو ۾ رچي ويندس.
تون جتي جتي هوندين،
مان اتي اتي هوندس.
گهُلي ويندس ايئن تو ۾،
سونهن ۾ ناز بڻجي ويندس.
تون هوندين چنگ ڪنهن چارڻ جو،
تنهنجو آواز بڻجي ويندس.
ناتو جوڙيندس اهڙو توسان،
روح ۾ روح بڻجي ويندس.
فاصلا سڀ اورانگهيندس،
درياءُ جو ڪنارو نه وري ٿيندس.

In New Birth Will Be Fragrance

In new birth will be fragrance
You will be blowing air,I’ll defuse in you
Wherever you will be
Will find me there
Will merge within you
My existence will make you balmy
You will be melodious instrument
I will emanate as love from tunes
Will lose my being
in your existence
Will cross borders to embrace you
Will not be alone as riverbank

تنهنجي نيڻن جي سجدن...

تنهنجي نيڻن جي سجدن نمازي ڪيو...!
فرض، سُنت، عبادت ڇا ڄاڻون اسان...!
بي وضوع پاڻ ڪافر، رهون ٿا سدا،
پيار جي هر آذان ۾ آ طاقت وڏي...
دل جي بت خاني ۾، زلزلو ويو اچي...
من اندر ۾ تباهي مچي وئي مچي...
منڙو ڪلمه گو، منهنجو بڻجي پيو،
ڪنهن نه دوئيءَ جي منتر اثر ڪو ڪيو...!
تنهنجي نيڻن جي سجدن نمازي ڪيو...!

Prostration Of Your Eyes

Prostration of your eyes, made me worshipper
We are now,oblivious of Farz,Sunnah and prayer
We remain without ablution as pagans
how prayer calls from love are strong!!
Heart temple is in tremors
My heart is all destroyed
My inner being turned to believer
No mantra of polytheism converted me
Prostration of your eyes, made me worshipper

آزاديءَ جو چهرو

آزاديءَ جو چهرو هوندو،
اهڙو ڪوجهو اهڙو ڪارو.
ڏند ڪڍي هوءَ مون تي کلندي،
بڻجي ڊراڪولا رت پيئندي.
اجگر بڻجي روز هتي هوءَ،
لعل مائن جا ڳڙڪائيندي.
چرپر جا هوءَ حق کسيندي،
قلم ڦري آواز ڦريندي.
خوف ۾ ورتل هرڪو آهي...
اهڙي آزاديءَ مان ڪيئن جان ڇڏائي...

Face Of Independence

Such’ll be face of Independence
Formidable and black
It’ll be laughing at me
Will suck blood as Dracula
Swallow sons of mothers as Boa
Snatch our liberty
Snatch voice of pen
Everyone is in fear
How to liberate from such liberty