زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ
۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي.
اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي
ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي.
سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان
الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي
ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن،
شاعري
آءُ تہ سندرتا ڳوليون
- 5.0/5.0
- 26
- 5
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت پاران نامياري شاعرہ ۽ ھمسري ميگزين جي ايڊيٽر زاھدہ ابڙو جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”آءُ تہ سندرتا ڳوليون“ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب ۾ شامل سڀني نظمن جو انگريزي ترجمو پڻ شامل آھي جيڪو اعجاز منگي صاحب ڪيو آھي. اعجاز منگي لکي ٿو:”زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، ڪوشش ڪئي اٿم تہ انهن رنگن جي خوبصورتي ترجمي ۾ به برقرار رهي.“
ھي ڪتاب ھمسري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون منظور علي ڪنڀر جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو، مھرباني ادي زاھدہ ابڙو جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.co ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
ڪتاب بابت وڌيڪ:
- مصنف زاھدہ ابڙو
- ڇپيو ويو 2020
- ڇپائيندڙ همسري پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 04/Oct/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 5 ڀيرا