شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

نئين سوچ

سدا تو منهنجي روپ کي آ چاهيو،
ڪڏهن اکين کي ڪڏهن لبن کي آ ڳايو.
وقت سان مان مَٽجي رهي آهيان،
نه رهندس اها جنهن کي تو هو چاهيو.
نه فڪر آ مون کي پنهنجي وارن جو،
نه ڳڻتي آ رنگ جي جنهن هو توکي لُڀايو.
مان هاڻ پاڻ کي پاڻ ئي وڻندس،
ڇو توتي الائي مون وقت وڃايو؟
هاڻي ڪنڌ مٿي ڪري هلندس،
گڏ توکي به ساڻ کڻي هلندس.
ڪائنات جا سڀ رنگ هئا مون ۾!
پوءِ به ڪيڏو نه هو تو مون کي ستايو.
نئين نگاهه نئين سوچ ساڻ آ هاڻي،
سڀ ڄار پنهنجا ويڙهه هاڻي.

Renewed Vision
You loved my beauty ever
Praised my lips and sometimes eyes
I am transforming with time
Will not be same whom you loved
I am not worried about grey hair
Nor my fair complexion, you loved to
I will love myself now
Why did I waste time with you?
I will live with pride
Will keep you beside
All the colors of universe were in me!
Still you tormented me
I have renewed visions
Wrap all your entrappings