شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

ريت بڻجي رهيو آهين

ريت بڻجي رهيو آهين،
مُٺ مان وهي رهيو آهين.
پيو ڌڪين پاڻ کان مون کي،
طوفان بڻجي رهيو آهين.
توکي ته ٽهڪن سان چاهه هيو،
لڙڪن کي راهه ڏئي رهيو آهين.
ذهن ۽ دل توتي اعتبار ڪيو،
ڪوڙو تِن کي ڪري رهيو آهين.
تون ته نيڻن جو چاهه هئين،
لڙڪ بڻجي رهيو آهين.
دل ڊهي ٿي ۽ ان کي جوڙيان ٿي،
مصروف ڪيڏو ڪري ويو آهين.

Becoming Sand

Becoming sand
Slipping from hand
Pushings away yourself from me
Becoming gushing storm
You loved laughters
Now paving ways for tears
Heart and mind reposed trust in you
Snatching my belief
You lived in eyes as love
Now turning into tears
Heart breaks, I mend it
Left me busy in this job