شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

پنهنجي پاران

هي منهنجو پهريون ڪتاب آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کي شاعريءَ جو ڪتاب چوان يا احساسن جو ميڙ. مون کي ته شاعريءَ جي بحر ۽ وزن جي ڪا ڄاڻ نه هئي ۽ نه آهي، پر اتفاق سان زندگيءَ هڪ اهڙي ٻه واٽي تي آڻي بيهاري ڇڏيو جنهن منهنجن سوچن ۽ احساسن کي رڌم ڏنو ۽ هڪ سوچ کانپوءِ ٻي سوچ اندر مان اڌمن وانگر نروار ٿيندي ويئي. مون هر سوچ کي قلم سان ڪاڳر تي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو. هر ڪچي ڦڪي سوچ جنهن کي خبر ناهي ته ڪهڙي طاقت قلمبند ڪرائيندي رهي ۽ ائين ٽن، چئن سالن جي سوچن جي جمع پونجي جڏهن کولي ڏٺم ته محسوس ٿيو ڄڻ ڪو خزانو گڏ ڪري ورتو اٿم. انهن احساسن ۾ جيڪا خوبصورت ڳالهه مون کي پنهنجي ڪم لاءِ اُتساهيندي رهي، اها هئي سماج لاءِ گڏيل سوچ جو احساس. منهنجو قلم گهڻو ڪري سماجي مسئلن کي محسوس ڪري جنبش ۾ آيو آهي ۽ مون انساني مسئلن تي دل ۾ درد محسوس ڪندي لکيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪٿي ڪٿي منهنجا داخلي احساس به شامل آهن. مان اميد ٿي ڪريان ته منهنجي هن ڪم کي مثبت تنقيد سان جاچيو ويندو ڇو ته مان آزاد خيالن سان لکڻ جي هيراڪ آهيان پابنديءَ ۾ لکڻ شايد مون لاءِ ممڪن ئي نه هوندو. پابند خيال جيڪڏهن ازخود ذهن تي طاري ٿي ويو ته ان ۾ منهنجو ڪوبه عمل دخل نه هوندو ۽ نه آهي. منهنجي لاءِ خيال جي اڏام اهم آهي ۽ ان کي قدرتي انداز ۾ قيد ڪرڻ ئي مون لاءِ اطمينان بخش هوندو آهي. مان نه ته Feminist آهيان ۽ نه ڪا activist، پر هڪ humanist هجڻ جي ناتي انسانن ۾ برابري ۽ معاشري ۾ اصلاح جي اميد رکان ٿي ۽ شايد اها ئي سوچ منهنجي نظمن ۽ نثري نظمن ۾ واضح طور نظر اچي ٿي.
منهنجي شاعريءَ جي مجموعي “آءُ ته سندرتا ڳوليون” جو عنوان به ان جي عڪاسي ٿو ڪري ته اچو ته سماج ۾ ڌڪاريل ۽ ناپسنديده چهرن ۽ شين ۾ سونهن ڳوليون. هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ مون سان ڪيترن ئي دوستن ۽ ساٿين جو سهڪار رهيو جنهن جي ڪري اڄ هيءُ ڪتاب توهان جي هٿن تائين رسيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان پهرين مان ٿورائتي آهيان ڪمپوزر سليم سولنگيءَ جي جنهن منهنجي هر خيال کي ڪمپوز ڪري محفوظ بڻايو. مان شڪرگذار آهيان اعجاز منگيءَ جي جن سان جڏهن مون پنهنجي ڪم بابت گفتگو ڪئي ۽ کيس پنهنجي شاعريءَ جي انگريزي ترجمي لاءِ چيو ته هن شاعري پڙهڻ کانپوءِ ڪا راءِ ڏيڻ لاءِ چيو. جڏهن مان کيس پنهنجي شاعري اماڻي ته هن خوشيءَ سان ان کي ترجمو ڪرڻ لاءِ حامي ڀري، اهو سندن وڏو وڙ آهي جو مان سندن ٿورو نه لاهي سگهنديس.
مون پنهنجن خيالن کي انگريزيءَ ۾ ان ڪري ترجمو ڪرائڻ ٿي چاهيو ته جيئن منهنجا اهي دوست جيڪي سنڌي نٿا پڙهي سگهن انهن کي منهنجن خيالن تائين رسائي ملي سگهي. ان کان علاوه مان ٿورائتي آهيان قمر ٽڳڙ پنهنجي سرڪيوليشن مئنيجر جي جنهن سان گڏ مان بار بار پنهنجي شاعريءَ جا پروف ڪندي رهي آهيان. سڀ کان آخر ۾ مان انهن ٽن مهان هستين جي ٿورائتي آهيان جن منهنجي پورهئي کي مان ڏنو ۽ منهنجي ڪم تي قلم کنيو. ٿورائتي آهيان مانائتي سائين تاج بلوچ صاحب جي جنهن کي مان جڏهن مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته هن “نه” ڪونه ڪئي ۽ مون کي شاعريءَ جو ڪجهه حصو اماڻڻ لاءِ چيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هن هڪ غير معروف شاعره لاءِ مهاڳ لکي موڪليو ۽ جڏهن مان سائين امداد حسينيءَ کي فون ڪئي ته پاڻ مون کي ڪتاب جي بيڪ پيج لاءِ ڪجهه لکي موڪلين ته پاڻ جيڪي لفظ چيائون اهي منهنجي سڄي زندگيءَ جو ثمر آهن. پاڻ چيائون، “مزو ماڻيم تنهنجي ڪَلا مان سچ پچ! نه ٿو ڄاڻان ته ڪتاب جي پٺ لکڻ لاءِ، چئي تو مون لاءِ سولائي پيدا ڪئي يا ڏکيائي! بهرحال اڄ ڪوريئر ڪيو اٿم” سائين امداد جا چيل لفظ ته تنهنجي ڪَلا مان مزو ماڻيم مون جهڙي ڪلاڪار لاءِ وڏو اتساهه آهي. ان کان علاوه ٿورائتي آهيان سائين نور گهلو (ڪجهه مهينن کانپوءِ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا) جن جي، جنهن ٻه اکر لکي منهنجي ڪم تي پنهنجا تاثرات موڪليا.