شاعري

آءُ تہ سندرتا ڳوليون

زاهدہ ابڙو جي شاعريءَ ۾ خوبصورتي آهي، سندس خيال پڙهڻ کانپوءِ اوهان تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اهو سندس ڪمال آهي جو سادن لفظن سان پڙهندڙ کي خيالن جي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. زاهدہ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي خوشبو مھڪي ٿي ۽ هر دفعي نئين انداز سان مھڪي ٿي. سندرتا جي متلاشي شاعرہ هر ڪوجهي شيءِ ۾ بہ سندرتا ڳولھي ٿي، لفظ پوپٽ سندس مٿان الھام جيان لھن ٿا، هوءَ زبردست طريقي سان لفظ پوپٽ پڪڙي ڪاغذ جي چھري کي سجائي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انڊلٺ جھڙا رنگ آهن، 

Title Cover of book آءُ تہ سندرتا ڳوليون

لفظ به لباس پهرن ٿا !

لفظ به لباس پهرن ٿا،
ڪڏهن شاهي ڪڏهن گدائي پهرن ٿا.
ڪڏهن ته دل ۾ گهر ڪيو وڃن،
اهڙو گداز پهرن ٿا.
صدين تائين چڀن ڇڏين ٿا سيني ۾،
اهڙو لباسِ خاردار پهرن ٿا.
ڪڏهن چپن تي چاشني جي چاهه رکي،
محبت ۽ مٺاس پهرن ٿا.
ڪڏهن چُپ جو روزو رکي،
خاموشيءَ جو لباس پهرن ٿا.
نفرت سان جي سندن ٿئي ياري،
تيرن ۽ ترڪشن جو لباس پهرن ٿا.
ڪڏهن ويهي محبوب جي اکين ۾،
سجدن جو لباس پهرن ٿا.

Words Also Wear Attires
Words also wear attires
Sometimes of kings and sometimes of beggars
They permanently reside in hearts
Sometimes have such tenderness
Sometimes perforate in heart
Sometimes have barbed attire
Sometimes they wear the sweetness of lips
Put on the outfit of love and lovability
Keeping the fast of silence
Wear clothing of the silence
If they shake hand with hatred
Robe themselves with arrows
Sometimes residing in the eyes of beloved
they remain in prostration